YouVersion Logo
Search Icon

يوحنا 21

21
ستن شاگردن کي ڏيکاري ڏيڻ
1ھن کان پوءِ عيسيٰ وري پنھنجي شاگردن کي گليل ڍنڍ جي ڪناري تي ڏيکاري ڏني. اھو ھن طرح ٿيو تہ 2شمعون پطرس، توما جنھن کي جاڙو بہ سڏيندا ھئا، گليل جي قانا شھر وارو نٿن⁠ايل، زبديءَ جا پٽ يعقوب ۽ يوحنا، ۽ ٻہ ٻيا بہ شاگرد پاڻ ۾ گڏ ويٺا ھئا. 3#لو ۵‏:۵ تڏھن شمعون پطرس ٻين کي چيو تہ ”آءٌ مڇي مارڻ وڃان ٿو.“ تنھن تي ٻين شاگردن چيس تہ ”اسين بہ تو سان گڏجي ٿا ھلون.“ پوءِ اھي وڃي ٻيڙيءَ ۾ چڙھيا، پر انھيءَ رات ڪابہ مڇي ھٿ نہ لڳن. 4جڏھن ڏينھن ٿيڻ تي ھو تہ عيسيٰ اچي ڪناري تي بيٺو، پر شاگردن نہ سڃاتو تہ ھو ڪو عيسيٰ آھي. 5پوءِ عيسيٰ انھن کي چيو تہ ”اي جوانو! ڇا اوھان کي ڪجھہ مليو؟“ ھنن وراڻيس تہ ”ڪجھہ بہ نہ.“ 6#لو ۶‏:۵ ھن انھن کي چيو تہ ”پنھنجو ڄار ٻيڙيءَ جي ساڄي پاسي وجھو تہ اوھان کي ڪجھہ ملندو.“ تنھن تي انھن ڄار پاڻيءَ ۾ وڌو ۽ ايتريون تہ مڇيون اچي ڦاٿيون جو اھي ڇڪي بہ نہ پيا سگھن. 7پوءِ انھيءَ شاگرد جنھن سان عيسيٰ جو پيار ھو، تنھن پطرس کي چيو تہ ”اڙي، خداوند اٿيئي.“ جڏھن شمعون پطرس ٻڌو تہ ”اھو خداوند آھي.“ تڏھن جيئن تہ ھو پٺيءَ اگھاڙو ھو، سو قميص چيلھہ سان ٻڌندو مسيح سان ملڻ لاءِ ھڪدم پاڻيءَ ۾ ٽپي پيو. 8پر ٻيا شاگرد ٻيڙيءَ ۾ ئي مڇين سان ڀريل ڄار ڇڪيندا آيا، ڇالاءِ⁠جو اھي سڪيءَ کان ايترو پري ڪين ھئا، رڳو ھڪ ⁠سؤ ميٽرن جو ويڇو ھو. 9جڏھن اھي سڪيءَ تي پھتا تہ انھن ڪوئلن جي باھہ تي مڇي پيل ڏٺي ۽ اتي ماني بہ رکي ھئي. 10پوءِ عيسيٰ انھن کي چيو تہ ”جيڪي مڇيون ماريون اٿوَ تن مان ڪجھہ کڻي اچو.“ 11تنھن تي شمعون پطرس ٻيڙيءَ تي چڙھي ويو ۽ اھو ڄار سڪيءَ تي گھلي آيو، جيڪو وڏين مڇين سان ڀريل ھو. ڄار ۾ ڪل ھڪ ⁠سؤ ٽيونجاھہ مڇيون ھيون. جيتوڻيڪ ايتريون مڇيون ھيون تہ بہ ڄار نہ ٿي ٽٽو. 12پوءِ عيسيٰ کين چيو تہ ”اچي نيرن ڪريو.“ پر شاگردن مان ڪنھن کي بہ ھمت نہ ٿي جو کڻي پڇيس تہ ”تون ڪير آھين؟“ ڇاڪاڻ⁠تہ انھن کي خبر ھئي تہ ھو خداوند آھي. 13پوءِ عيسيٰ آيو ۽ ماني کڻي انھن کي ڏنائين ۽ کين مڇي بہ ڏنائين. 14اھو ٽيون دفعو ھو جو عيسيٰ پنھنجي جيئري ٿي اٿڻ کان پوءِ شاگردن کي ڏيکاري ڏني ھئي.
منھنجين رڍن کي چار
15نيرن ڪرڻ کان پوءِ عيسيٰ شمعون پطرس کي چيو تہ ”اي شمعون، يوحنا جا پٽ! ڇا تون مون سان ھنن کان وڌيڪ پيار ڪرين ٿو؟“ ھن وراڻيو تہ ”ھائو خداوند! تو کي خبر آھي تہ آءٌ تو سان پيار ڪريان ٿو.“ تنھن تي عيسيٰ چيس تہ ”منھنجي گھيٽن کي وڃي چار.“ 16وري ٻيو دفعو عيسيٰ ھن کي چيو تہ ”اي شمعون، يوحنا جا پٽ! ڇا تون مون سان پيار ڪرين ٿو؟“ ھن وراڻيو تہ ”ھائو خداوند! تو کي خبر آھي تہ آءٌ تو سان پيار ڪريان ٿو.“ تنھن تي عيسيٰ کيس چيو تہ ”منھنجين رڍن جي سنڀال ڪج.“ 17وري ٽيون دفعو ھن چيس تہ ”اي شمعون، يوحنا جا پٽ! ڇا تون مون سان پيار ڪرين ٿو؟“ تنھن تي پطرس کي ڏک ٿيو، ڇالاءِ⁠جو ھن ٽيون دفعو کيس چيو ھو تہ ”ڇا تون مون سان پيار ڪرين ٿو.“ پوءِ پطرس چيس تہ ”اي خداوند! تو کي سڀني ڳالھين جي خبر آھي ۽ تون چڱيءَ طرح ڄاڻين ٿو تہ آءٌ تو سان پيار ڪريان ٿو.“ عيسيٰ چيس تہ ”پوءِ منھنجين رڍن کي وڃي چار. 18آءٌ تو کي سچ ٿو ٻڌايان تہ جڏھن تون جوان ھئين تہ پنھنجو سندرو پاڻ ٻڌندو ھئين ۽ جيڏانھن تو کي وڻندو ھو اوڏانھن گھمندو ڦرندو ھئين. پر جڏھن تون پوڙھو ٿيندين تڏھن پنھنجا ھٿ ڊگھيريندين ۽ ڪو ٻيو تو کي چيلھہ سان سندرو ٻڌي اوڏانھن وٺي ويندو جيڏانھن وڃڻ لاءِ تنھنجي دل نہ چوندي.“ 19ھن چوڻ مان عيسيٰ جو مطلب اھو ھو تہ پطرس ڪھڙيءَ طرح دنيا مان لاڏاڻو ڪري خدا جو جلوو ظاھر ڪندو. پوءِ عيسيٰ چيس تہ ”منھنجي پٺيان اچ.“
عيسيٰ ۽ ٻيا شاگرد
20پطرس پٺ ورائي ڏٺو تہ اھو شاگرد جنھن سان عيسيٰ جو پيار ھو، سو پٺيان پيو اچي. انھيءَ شاگرد رات جي ماني کائڻ مھل بہ سندس سيني تي ٽيڪ ڏيئي پڇيو ھوس تہ ”خداوند! اھو ڪير آھي جيڪو تو کي پڪڙائيندو؟“ 21پطرس جڏھن ھن کي ڏٺو تڏھن چيائين تہ ”اي خداوند! ھن جو ڪھڙو حال ٿيندو؟“ 22عيسيٰ وراڻيو تہ ”جيڪڏھن آءٌ چاھيان تہ ھي ايستائين جيئرو رھي جيستائين آءٌ موٽي نہ اچان، تہ تنھن ۾ تنھنجو ڪھڙو واسطو؟ تون منھنجي پٺيان اچ.“ 23ان کان پوءِ سڀني ايمان وارن ۾ اھا ڳالھہ مشھور ٿي ويئي تہ اھو شاگرد ڪڏھن بہ نہ مرندو. جيتوڻيڪ عيسيٰ انھيءَ شاگرد کي ائين ڪونہ چيو ھو تہ ”تون مرندين ئي ڪونہ.“ پر ھيئن چيو ھئائين تہ ”جيڪڏھن آءٌ چاھيان تہ ھي ايستائين جيئرو رھي جيستائين آءٌ موٽي نہ اچان تہ تنھن ۾ تنھنجو ڪھڙو واسطو.“
24ھي اُھو شاگرد آھي جيڪو انھن ڳالھين جي شاھدي ٿو ڏئي ۽ اھي ڳالھيون لکيون بہ اٿس ۽ اسان کي خبر آھي تہ سندس شاھدي سچي آھي.
پڄاڻي
25ٻيون بہ گھڻيون ئي ڳالھيون آھن جيڪي عيسيٰ ڪيون ھيون. اھي جيڪڏھن ھڪڙي ھڪڙي ڪري ويھي لکجن ھا تہ آءٌ سمجھان ٿو تہ ايترا تہ ڪتاب لکجي وڃن ھا جو ھوند دنيا ۾ نہ سمائجي سگھن ھا.

Currently Selected:

يوحنا 21: SCLNT

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in

YouVersion uses cookies to personalize your experience. By using our website, you accept our use of cookies as described in our Privacy Policy