YouVersion Logo
Search Icon

يوحنا 2

2
قانا ۾ شادي
1ٽئين ڏينھن تي گليل جي شھر قانا ۾ ڪا شادي ھئي ۽ عيسيٰ جي ماءُ بہ اتي آيل ھئي. 2عيسيٰ ۽ سندس شاگردن کي بہ انھيءَ شاديءَ جي دعوت مليل ھئي. 3جڏھن مئي ختم ٿي ويئي تہ عيسيٰ جي ماءُ کيس چيو تہ ”ھنن وٽ مئي آھي ئي ڪانہ.“ 4تنھن تي عيسيٰ کيس چيو تہ ”اما! تون مون کي ڇو ٿي چوين، منھنجي گھڙي اڃا ڪانہ آئي آھي.“ 5تنھن تي عيسيٰ جي ماءُ نوڪرن کي چيو تہ ”جيئن ھو چوي تيئن ڪريو.“ 6اتي يھودين جي پاڪائيءَ جي رسم موجب پٿر جا ڇھہ مٽ رکيل ھئا. ھر ھڪ مٽ ۾ اٽڪل ھڪ ⁠سؤ ليٽر ماپي سگھيا ٿي. 7عيسيٰ نوڪرن کي چيو تہ ”ھي مٽ پاڻيءَ سان ڀريو.“ سو ھنن اھي مٽ ڀري ٽمٽار ڪري ڇڏيا. 8پوءِ ھن کين چيو تہ ”ھاڻي انھن مان ڪجھہ ڪڍي شاديءَ جي منتظم اعليٰ وٽ کڻي وڃو.“ سو ھو اھو کڻي ويا. 9منتظم اعليٰ اھو پاڻي چکيو، جيڪو ھاڻي مئي ٿي پيو ھو. کيس خبر ڪانہ ھئي تہ ھيءَ مئي ڪٿان آئي آھي، پر نوڪرن، جن پاڻي ڪڍيو ھو تن کي خبر ھئي. سو ھن گھوٽ کي گھرايو 10۽ کيس چيائين تہ ”سڀڪو ماڻھو پھريائين سٺي مئي پيش ڪندو آھي ۽ جڏھن ماڻھو پي ڍءُ ڪندا آھن، تہ پوءِ سادي مئي پيش ڪندو آھي. پر تو وري سٺي مئي ھن مھل تائين بچائي رکي ھئي.“
11ھيءُ عيسيٰ جو پھريون معجزو ھو، جيڪو ھن گليل جي شھر قانا ۾ ڏيکاري پنھنجو جلوو ظاھر ڪيو ۽ سندس شاگردن مٿس ايمان آندو.
12 # مت ۱۳‏:۴ تنھن کان پوءِ عيسيٰ، سندس ماءُ، ڀائر ۽ سندس شاگرد ڪفرناحوم شھر ڏانھن ويا، جتي ھو ڪجھہ ڏينھن رھيا.
عيسيٰ جو ھيڪل ۾ وڃڻ
(متي ۱۲‏:۲۱‎–۱۳، مرقس ۱۵‏:۱۱‎–۱۷، لوقا ۴۵‏:۱۹‎–۴۶)
13 # خر ۱‏:۱۲‎–۲۷ يھودين جي عيد فصح ويجھي ھئي تہ عيسيٰ يروشلم ڏانھن ويو. 14اتي ھن وڃي ڏٺو تہ ماڻھو ھيڪل ۾ ڍڳا، رڍون ۽ ڪبوتر وڪڻي رھيا آھن ۽ صراف بہ پنھنجا صندل رکيو ويٺا آھن. 15تنھن تي ھن نوڙين جو چھبڪ ٺاھي انھن سڀني کي سندن رڍن ۽ ڍڳن سميت ھيڪل مان ھڪالي ڪڍي ڇڏيو ۽ صرافن جا پيسا اڇلائي سندن صندل اونڌا ڪري ڇڏيائين. 16ڪبوتر وڪڻڻ وارن کي چيائين تہ ”اھي ھتان کڻي وڃو. منھنجي پيءُ جي گھر کي بازار نہ بڻايو.“ 17#زب ۹‏:۶۹ تڏھن سندس شاگردن کي اھو لکيو ياد آيو تہ ”اي خدا! تنھنجي گھر لاءِ منھنجي غيرت مون کي جلائيندي.“
18پوءِ يھودي اڳواڻن کيس چيو تہ ”تو کي ڪھڙو حق آھي جو تون ائين ڪرين ٿو؟ جيڪڏھن ڪو حق اٿيئي تہ اسان کي معجزو ڏيکار.“ 19#مت ۶۱‏:۲۶، ۴۰‏:۲۷، مر ۵۸‏:۱۴، ۲۹‏:۱۵ عيسيٰ وراڻين تہ ”اوھين ھن ھيڪل کي ڊاھيو تہ آءٌ اھو ٽن ڏينھن ۾ وري ٺاھيندس.“ 20تنھن تي انھن اڳواڻن چيس تہ ”ھن ھيڪل کي ٺھڻ ۾ ڇائيتاليھہ ورھيہ لڳا آھن. تون وري اھو ٽن ڏينھن ۾ ڪيئن ٺاھيندين؟“ 21پر عيسيٰ تہ پنھنجي بدن جي ھيڪل بابت ڳالھہ ٿي ڪئي. 22تنھنڪري جڏھن ھو مئلن مان جيئرو ٿي اٿيو، تڏھن سندس شاگردن کي ياد آيو تہ ھن اھا ڳالھہ ڪئي ھئي، سو ھنن پاڪ لکت ۽ عيسيٰ جي لفظن تي ايمان آندو.
عيسيٰ سڀني کي ڄاڻي ٿو
23عيد فصح جي موقعي تي جڏھن عيسيٰ يروشلم ۾ ھو، تڏھن سندس معجزا ڏسي ڪيترن ئي ماڻھن مٿس ايمان آندو. 24پر عيسيٰ انھن تي اعتبار نہ ڪيو، ڇالاءِ⁠جو ھن سڀني کي ڄاتو پئي. 25ھن کي ڪابہ ضرورت ڪانہ ھئي تہ ڪو ماڻھو ڪنھن بابت کيس ٻڌائي، ڇالاءِ⁠جو ھن پاڻ ئي ٿي ڄاتو تہ انسان جي دل ۾ ڇا ڇا آھي.

Currently Selected:

يوحنا 2: SCLNT

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in

YouVersion uses cookies to personalize your experience. By using our website, you accept our use of cookies as described in our Privacy Policy