YouVersion Logo
Search Icon

يوحنا 13

13
شاگردن جا پير ڌوئڻ
1ھاڻ جڏھن تہ عيسيٰ کي اھا خبر ھئي تہ ’منھنجي اھا گھڙي اچي ويئي آھي جو آءٌ ھيءَ دنيا ڇڏي پيءُ ڏانھن وڃان،‘ تنھن ھوندي بہ جيڪي ھن دنيا ۾ پنھنجا ھيس تن کي آخري گھڙيءَ تائين پيار ڪندو آيو.
عيد فصح کان ھڪ ڏينھن اڳ ۾ 2عيسيٰ ۽ سندس شاگرد رات جي ماني کائي رھيا ھئا. انھيءَ وقت کان اڳ ئي شمعون جي پٽ يھوداہ اسڪريوتيءَ جي دل ۾ شيطان اھا ڳالھہ وجھي ڇڏي ھئي تہ ھو عيسيٰ سان دغا ڪري. 3عيسيٰ کي خبر ھئي تہ ’پيءُ مون کي سڀ ڪجھہ ھٿ ۾ ڏنو آھي.‘ کيس اھا بہ خبر ھئي تہ ’آءٌ خدا جي طرفان آيو آھيان ۽ خدا ڏانھن موٽي وڃي رھيو آھيان.‘ 4تڏھن عيسيٰ مانيءَ تان اٿيو ۽ پنھنجو جبو لاھي ٽوال چيلھہ سان ٻڌائين. 5پوءِ ڪجھہ پاڻي ٿالھہ ۾ وجھي پنھنجي شاگردن جا پير ڌوئڻ لڳو ۽ چيلھہ سان ٻڌل ٽوال سان سندن پير اُگھڻ لڳو. 6جڏھن شمعون پطرس وٽ آيو تہ ھن چيس تہ ”اي خداوند! ڇا اوھين منھنجا بہ پير ڌوئيندا؟“ 7عيسيٰ وراڻيس تہ ”تون ھاڻي نہ ٿو سمجھين تہ آءٌ ڇا ڪري رھيو آھيان، پر پوءِ تو کي خبر پوندي.“ 8پطرس چيس تہ ”آءٌ پنھنجا پير اوھان کان ڪڏھن بہ نہ ڌئاريندس.“ عيسيٰ چيس تہ ”جيڪڏھن تون پنھنجا پير نہ ٿو ڌئارين تہ پوءِ تنھنجو مون ۾ ڪوبہ حصو نہ رھندو.“ 9تنھن تي شمعون پطرس چيس تہ ”اي خداوند! پوءِ منھنجا رڳو پير نہ ڌوئو، بلڪ منھنجا ھٿ ۽ مٿو بہ ڌوئو.“ 10عيسيٰ چيس تہ ”جيڪو وھنتل آھي تنھن کي پيرن ڌوئارڻ کانسواءِ ٻي ڪابہ گھرج نہ آھي، ڇالاءِ⁠جو ھو سڄو ئي پاڪ آھي. سو اوھين بہ پاڪ آھيو پر سڀيئي نہ.“ 11ان جو سبب اھو ھو جو عيسيٰ کي اڳي ئي خبر ھئي تہ ڪير ساڻس دغا ڪندو، تنھنڪري ھن چيو تہ ”اوھين سڀيئي پاڪ نہ آھيو.“
12 # لو ۲۷‏:۲۲ جڏھن عيسيٰ شاگردن جا پير ڌوئي چڪو تہ جبو پائي وري پنھنجي جاءِ تي اچي ويٺو. ھن کانئن پڇيو تہ ”ڇا اوھان سمجھيو تہ مون اوھان لاءِ ڇا ڪيو؟ 13اوھين مون کي استاد ۽ خداوند ڪري ٿا سڏيو، سو برابر آھي، ڇاڪاڻ⁠تہ آءٌ اھو ئي آھيان. 14ھاڻي مون استاد ۽ خداوند ھوندي بہ اوھان جا پير ڌوتا آھن، سو اوھان کي بہ ھڪٻئي جا پير ڌوئڻ گھرجن. 15مون اوھان جي لاءِ اھو نمونو ڏنو آھي، تہ جيئن اوھين بہ ائين ئي ڪريو جيئن مون اوھان سان ڪيو آھي. 16#مت ۲۴‏:۱۰، لو ۴۰‏:۶، يو ۲۰‏:۱۵ آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ غلام پنھنجي مالڪ کان وڏو نہ آھي ۽ نہ وري موڪليل پنھنجي موڪليندڙ کان. 17ھاڻي اوھين ڪيترا نہ سڀاڳا ٿيندا جيڪڏھن اھي ڳالھيون سمجھي انھن تي عمل ڪندا.“
عيسيٰ سان دغا ڪرڻ لاءِ اڳڪٿي
(متي ۲۰‏:۲۶‎–۲۵، مرقس ۱۷‏:۱۴‎–۲۱، لوقا ۲۱‏:۲۲‎–۲۳)
18 # زب ۹‏:۴۱ ”آءٌ اوھان سڀني بابت نہ ٿو ڳالھايان. جن کي مون چونڊيو آھي تن کي آءٌ ڄاڻان ٿو. پر پاڪ لکت پوري ٿيڻ گھرجي، جنھن ۾ لکيل آھي تہ ’جيڪو منھنجي ماني کائي ٿو، سو ئي منھنجي خلاف ٿيندو.‘ 19ھاڻي انھيءَ ڳالھہ جي ٿيڻ کان اڳ ۾ ئي آءٌ اوھان کي ٻڌائي ٿو ڇڏيان تہ جڏھن ائين ٿئي تہ اوھين ايمان آڻيو تہ آءٌ اھو ئي آھيان. 20#مت ۴۰‏:۱۰، مر ۳۷‏:۹، لو ۴۸‏:۹، ۱۶‏:۱۰ آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ جيڪو منھنجي موڪليل کي قبول ڪندو، سو ڄڻ مون کي قبول ٿو ڪري ۽ جيڪو مون کي قبول ٿو ڪري سو انھيءَ کي قبول ٿو ڪري جنھن مون کي موڪليو آھي.“
21جڏھن عيسيٰ ھي چئي چڪو، تڏھن دل ۾ پريشان ٿيڻ لڳو ۽ شاھدي ڏيندي چيائين تہ ”آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ اوھان مان ھڪڙو مون کي پڪڙائيندو.“ 22تنھن تي شاگرد وائڙا ٿي ويا ۽ ھڪٻئي کان پڇڻ لڳا تہ ”اھو اشارو ڪنھن ڏانھن آھي؟“ 23شاگردن مان ھڪڙو جنھن سان عيسيٰ جو پيار ھو، سو عيسيٰ جي سيني ڏانھن جھُڪي کائي رھيو ھو. 24شمعون پطرس ھن کي اشارو ڏيئي چيو تہ ”ھن کان پڇ تہ اھو ڪير آھي، جنھن بابت ھو ڳالھائي رھيو آھي.“ 25پوءِ ھن ائين ئي عيسيٰ جي ويجھو ھوندي کانئس پڇيو تہ ”اي خداوند! اھو ڪير آھي؟“ 26عيسيٰ وراڻيو تہ ”آءٌ جنھن ماڻھوءَ کي ٿالھيءَ مان گرھہ ٻوڙي ڏيندس، سو ئي اھو آھي.“ پوءِ ھن مانيءَ جو گرھہ ٻوڙي شمعون اسڪريوتيءَ جي پٽ يھوداہ کي ڏنو. 27جيئن ئي يھوداہ گرھہ ورتو تيئن ئي شيطان منجھس گھڙيو. عيسيٰ کيس چيو تہ ”جيڪو تو کي ڪرڻو آھي سو جلدي ڪري وٺ.“ 28ھاڻي جن بہ اتي ويٺي کاڌو، تن مان ڪنھن بہ نہ سمجھيو تہ ڪھڙي مطلب سان عيسيٰ يھوداہ اسڪريوتيءَ کي ائين چيو. 29ڪن ائين پئي سمجھيو تہ جيئن تہ يھوداہ وٽ پئسن جي ڳوٿري رھندي آھي، تنھنڪري عيسيٰ چويس ٿو تہ ’عيد جي لاءِ جيڪي شيون وٺڻيون اٿيئي سي وٺ،‘ يا وري ’ڪجھہ غريبن کي ڏي.‘ 30پوءِ تہ يھوداہ گرھہ وٺي سڌو ٻاھر نڪري ھليو ويو. انھيءَ مھل رات جو وقت ھو.
ھڪ نئون حڪم
31يھوداہ جي وڃڻ کان پوءِ عيسيٰ چيو تہ ”ھاڻي ابن⁠آدم جو جلوو ظاھر ٿيو آھي ۽ خدا جو جلوو بہ ھن جي معرفت ظاھر ٿيو. 32جيڪڏھن خدا جو جلوو ابن⁠آدم جي معرفت ظاھر ٿيندو تہ خدا بہ ھن کي پاڻ جلوو ڏيندو، بلڪ اِجھو، ھاڻي ٿو ڏئيس. 33#يو ۳۴‏:۷ اي منھنجا ٻارؤ! آءٌ اوھان سان گھڻو وقت نہ رھندس. اوھين مون کي ڳوليندا، پر آءٌ اوھان کي ھاڻي ٻڌايان ٿو، جيئن مون يھودي اڳواڻن کي ٻڌايو ھو تہ اوھين اتي اچي نہ سگھندا جتي آءٌ وڃي رھيو آھيان. 34#يو ۱۲‏:۱۵‏،۱۷، ۱.يو ۲۳‏:۳، ۲.يو ۵ آءٌ اوھان کي ھڪ نئون حڪم ٿو ڏيان تہ ھڪٻئي سان پيار ڪريو. جيئن مون اوھان سان پيار ڪيو آھي، تيئن اوھان کي بہ ھڪٻئي سان پيار ڪرڻ گھرجي. 35جيڪڏھن اوھين ھڪٻئي سان پيار ڪندا تہ پوءِ سڀني کي خبر پوندي تہ اوھين منھنجا شاگرد آھيو.“
پطرس جي انڪار بابت اڳڪٿي
(متي ۳۱‏:۲۶‎–۳۵، مرقس ۲۷‏:۱۴‎–۳۱، لوقا ۳۱‏:۲۲‎–۳۴)
36شمعون پطرس عيسيٰ کان پڇيو تہ ”اي خداوند! تون ڪيڏانھن وڃي رھيو آھين؟“ عيسيٰ وراڻيس تہ ”جتي آءٌ وڃي رھيو آھيان اتي تون مون سان ھاڻي نہ ٿو ھلي سگھين، پر پوءِ تون اتي ايندين.“ 37پطرس پڇيس تہ ”اي خداوند! آءٌ تو سان ھاڻي ڇو نہ ٿو ھلي سگھان؟ آءٌ تہ تنھنجي لاءِ پنھنجي جان بہ ڏيڻ لاءِ تيار آھيان.“ 38عيسيٰ وراڻيس تہ ”ڇا تون سچ⁠پچ منھنجي لاءِ پنھنجي جان ڏيندين؟ آءٌ تو کي سچ ٿو ٻڌايان تہ ڪڪڙ جي ٻانگ ڏيڻ کان اڳ ۾ تون منھنجو ٽي دفعا انڪار ڪندين.“

Currently Selected:

يوحنا 13: SCLNT

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in

YouVersion uses cookies to personalize your experience. By using our website, you accept our use of cookies as described in our Privacy Policy