YouVersion Logo
Search Icon

2.يوحنا 1

1
سلام
1ھن بزرگ جي طرفان تو خدا جي #چونڊيل شريف عورت: ھتي ”چونڊيل شريف عورت“ مان مراد ”ڪليسيا“ ۽ سندس ”ٻارن“ مان مراد آھي ”ان جا ميمبر“. ساڳيءَ طرح آيت ۵ ۽ ۱۳ ۾ ”ڀيڻ“ مان مراد ”ڪليسيا“ آھي.چونڊيل شريف عورت ۽ تنھنجي ٻارن ڏانھن سلام، جن کي آءٌ سچائيءَ سبب پيار ٿو ڪريان. نہ رڳو آءٌ پر اُھي سڀيئي جيڪي سچ کي سڃاڻن ٿا، سي بہ اوھان سان پيار ڪن ٿا، 2ڇاڪاڻ⁠تہ سچ اسان ۾ رھي ٿو ۽ ھميشہ اسان سان گڏ رھندو.
3شل اسان تي سچائيءَ ۽ پيار سان گڏ خدا پيءُ ۽ پيءُ جي فرزند عيسيٰ مسيح طرفان فضل، رحم ۽ سلامتي ھجي.
سچائي ۽ پيار
4آءٌ ڪيڏو نہ خوش ٿيس جڏھن مون ڏٺو تہ تنھنجا ڪي ٻار ائين سچ تي ھلي رھيا آھن، جيئن پيءُ اسان کي حڪم ڏنو آھي. 5#يو ۳۴‏:۱۳، ۱۲‏:۱۵‏،۱۷ پياري ڀيڻ، عرض تہ آءٌ تو ڏانھن ڪو نئون حڪم نہ، بلڪ اھو پراڻو حڪم لکي رھيو آھيان، جيڪو شروع کان اسان کي مليو ھو تہ اسين ھڪ ٻئي سان پيار ڪريون. 6پيار جو مطلب اھو آھي تہ اسان کي خدا جي حڪمن تي عمل ڪرڻ گھرجي. سو جيڪو حڪم اوھان شروع کان ٻڌو آھي سو ھي آھي تہ اوھين پيار ۾ زندگي گذاريو.
مسيح جا دشمن
7ڇالاءِ⁠جو ڪيئي گمراھہ ڪندڙ دنيا ۾ نڪري پيا آھن، جيڪي عيسيٰ مسيح جي انساني صورت ۾ اچڻ جو انڪار ٿا ڪن. اھڙي قسم جو شخص گمراھہ ڪندڙ ۽ مسيح جو دشمن آھي. 8خبردار، اوھان جيڪي ڪم ڪيا آھن سي متان برباد ڪري ڇڏيو، بلڪ اوھان کي پورو پورو اجر ملي. 9جيڪو مسيح جي تعليم کان اڳتي وڌي وڃي ٿو، تنھن وٽ خدا موجود نہ آھي. پر جيڪو مسيح جي تعليم تي قائم رھي ٿو، تنھن وٽ پيءُ ۽ فرزند ٻئي موجود آھن. 10جيڪڏھن ڪو اوھان وٽ اچي ۽ ھيءَ تعليم نہ ڏئي تہ اھڙي شخص کي گھر ۾ اچڻ نہ ڏيو ۽ نڪي کيس سلام ڪريو. 11جيڪو کيس سلام ڪري ٿو، سو سندس بڇڙن ڪمن ۾ شريڪ ٿئي ٿو.
پڄاڻي
12مون کي ڪيتريون ئي ڳالھيون اوھان کي ٻڌائڻيون آھن، جيڪي مس سان ۽ ڪاغذ تي لکڻ نہ ٿو چاھيان. پر اميد اٿم تہ روبرو اوھان سان ملي ڳالھيون ڪريان تہ جيئن اسان جي خوشي پوري ٿئي. 13خدا جي چونڊيل تنھنجي ڀيڻ جا ٻار تو کي سلام ڏين ٿا.

Currently Selected:

2.يوحنا 1: SCLNT

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in

YouVersion uses cookies to personalize your experience. By using our website, you accept our use of cookies as described in our Privacy Policy