YouVersion Logo
Search Icon

2.ڪرنٿين 1

1
1 # رس ۱‏:۱۸ ھي خط پولس، جيڪو خدا جي مرضيءَ موجب عيسيٰ مسيح جو رسول آھي ۽ اسان جي ڀاءُ تيمٿيس جي طرفان لکجي ٿو. ھي خط ڪرنٿس شھر ۾ خدا جي ڪليسيا ۽ اخيا پرڳڻي ۾ رھندڙ سڀني ايمان وارن ڏانھن آھي. 2شل اوھان تي اسان جي پيءُ خدا ۽ خداوند عيسيٰ مسيح جي طرفان فضل ۽ سلامتي ھجي.
دلداري بخشيندڙ خدا
3ساراھہ ٿي ڪجي اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جي خدا ۽ پيءُ جي، جيڪو رحم وارو پيءُ ۽ پوريءَ طرح دلداري ڏيندڙ خدا آھي. 4ھو اسانجين سڀني مصيبتن ۾ اسان کي تسلي ٿو ڏئي، تہ جيئن اسين سندس مليل انھيءَ تسليءَ سان انھن کي دلداري ڏيئي سگھون، جيڪي ڪنھن مصيبت ۾ آھن. 5جيئن مسيح جا ڏک اسانجين زندگين ۾ حد کان وڌي وڃن ٿا، تيئن مسيح جي وسيلي اسان جي دلداري بہ حد کان وڌي وڃي ٿي. 6جيڪڏھن اسان تي مصيبت اچي ٿي تہ اھا اوھان جي دلداري ۽ ڇوٽڪاري لاءِ آھي. وري جيڪڏھن اسان کي دلداري ملي ٿي تہ اھا بہ اوھان جي ئي لاءِ آھي. اھا دلداري اوھان کي صبر سان ساڳين ڏکن کي سھڻ جي طاقت بخشي ٿي جيڪي اسين بہ سھون ٿا. 7اسان کي اوھان لاءِ پڪي اميد آھي، ڇوجو اسين ڄاڻون ٿا تہ اوھين جيئن اسان جي ڏکن ۾ شريڪ رھو ٿا تيئن اسان جي دلداريءَ ۾ بہ شريڪ رھندا.
8 # ۱.ڪر ۳۲‏:۱۵ اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اسين اوھان کي انھن مصيبتن کان بي⁠خبر رکڻ نہ ٿا چاھيون، جيڪي ايشيا پرڳڻي ۾ ڀوڳيونسين. اسين برداشت کان ٻاھر بار ھيٺ دٻيل ھئاسين، ايتري تائين جو زندہ رھڻ جي اميد ئي ڇڏي ڏني ھئي سون. 9سچ⁠پچ تہ اسان پنھنجين دلين ۾ موت جي فتويٰ محسوس ڪئي، تان جو سکيوسين تہ پاڻ تي نہ، بلڪ خدا تي ڀاڙيون جيڪو مئلن کي جياري ٿو. 10سو ھن اسان کي موت جي اھڙي ڀوائتي تباھيءَ کان بچايو ۽ بچائيندو. ھن ۾ اميد آھي تہ اسان کي اڃا بہ بچائيندو رھندو. 11جيڪڏھن اوھين بہ پنھنجين دعائن جي وسيلي اسان جي مدد ڪندا، تہ پوءِ گھڻن ماڻھن جي دعائن سان جيڪا نعمت ملي آھي انھيءَ لاءِ اسان جي پاران گھڻا ماڻھو شڪرانو بجاءِ آڻيندا.
پولس جي رٿن ۾ ڦيرڦار
12اسان کي فخر آھي تہ اسان جو ضمير اسان کي پڪ ٿو ڏئي تہ اسان دنيا ۾ ۽ خاص ڪري اوھان سان جيڪو ورتاءُ ڪيو آھي، سو پاڪائيءَ ۽ سچائيءَ سان آھي. اھو سڀ ڪجھہ خدا جي طرفان آھي. اسان ائين دنياوي ڏاھپ موجب نہ، بلڪ خدا جي فضل موجب ڪيو آھي. 13اسين اوھان ڏانھن ڪا اھڙي ڳالھہ ڪونہ ٿا لکون، جيڪا اوھين پڙھي يا سمجھي نہ ٿا سگھو. 14اميد اٿم تہ اوھين پوريءَ طرح سمجھي ويندا. ھاڻي اوھين اسان کي رڳو ٿورو گھڻو سمجھو ٿا. پر جيئن خداوند عيسيٰ جي ڏينھن اوھين اسان تي فخر ڪري سگھو ٿا، تيئن اسين اوھان تي فخر ڪنداسين.
15جيئن ⁠تہ مون کي انھيءَ سموري ڳالھہ جي پڪ ھئي، تنھنڪري سڀ کان اڳ ۾ اوھان سان ملڻ جو ارادو ڪيم، تہ جيئن اوھان کي ٻٽيون برڪتون ملن. 16#رس ۲۱‏:۱۹ تنھنڪري سوچيم تہ مڪدونيا ڏانھن ويندي ۽ وري اتان موٽندي اوھان سان ملان، تہ جيئن اوھين مون کي يھوديہ ڏانھن روانو ڪريو. 17تہ پوءِ جڏھن مون اھو ارادو ڪيو تہ ڪا ڦيرڦار ڪيم ڇا؟ يا جيڪي ڳالھيون آءٌ رٿيان ٿو سي دنياوي ماڻھن وانگر رٿيان ٿو ڇا؟ جو ڪڏھن ”ھا، ھا“ بہ ڪريان تہ ساڳئي وقت ”نہ، نہ“ بہ؟
18پر قسم آھي خدا جي سچائيءَ جو تہ جيڪي ڪجھہ اسين اوھان کي چئون ٿا، ان ۾ ”ھائو“ ۽ ”نہ“ ٻہ معنائون ڪين آھن. 19#رس ۵‏:۱۸ ڇالاءِ⁠جو خدا جو فرزند عيسيٰ مسيح جنھن جي تبليغ مون، سيلاس ۽ تيمٿيس اوھان ۾ ڪئي ھئي، اھو ”ھائو“ ۽ ”نہ“ ٻئي ڪين ھئا، پر ان ۾ ھميشہ ”ھائو“ ئي آھي. 20ڇالاءِ⁠جو خدا جا جيترا بہ واعدا آھن، سي سڀ مسيح جي ڪري ”ھائو“ سان آھن. انھيءَ ڪري ان جي وسيلي اسان کان ”آمين“ بہ ٿي، تہ جيئن خدا جو جلال ظاھر ٿئي. 21اھو خدا ئي آھي، جيڪو اسان ۽ اوھان کي مسيح سان گڏي ھڪ ڪري قائم ڪري ٿو. 22انھيءَ خدا اسان کي چونڊيو ۽ اسان جي دلين تي پنھنجي مالڪيءَ جي مُھر بہ ھنئي ۽ پاڪ روح اسان جي دلين ۾ وڌائين، جيڪو آئيندہ واعدي ڪيل نعمتن جو پھريون حصو آھي.
23آءٌ خدا کي شاھد ڄاڻي چوان ٿو تہ آءٌ ڪرنٿس ۾ انھيءَ لاءِ نہ آيس تہ متان اوھين رنج ٿيو. 24اسين ايمان جي باري ۾ اوھان تي حڪومت نہ ٿا ھلايون. پر اوھان جي خوشيءَ ۾ اوھان جا مددگار آھيون، ڇالاءِ⁠تہ ايمان جي وسيلي اوھين قائم آھيو.

Currently Selected:

2.ڪرنٿين 1: SCLNT

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in

YouVersion uses cookies to personalize your experience. By using our website, you accept our use of cookies as described in our Privacy Policy