YouVersion Logo
Search Icon

متي 1

1
عيسيٰ مسيح جو شجرو
(لوقا 3‏:23‏-38)
1 عيسيٰ مسيح جيڪو دائود ۽ ابراهيم جو اولاد آهي، تنهن جو شجرو هي آهي.
2 ابراهيم مان اسحاق پيدا ٿيو، اسحاق مان يعقوب پيدا ٿيو ۽ يعقوب مان يهوداہ ۽ سندس ڀائر پيدا ٿيا. 3يهوداہ کي فارص ۽ زارح نالي ٻہ پٽ پيدا ٿيا، جن جي ماءُ تمر هئي. فارص مان حصرون پيدا ٿيو ۽ حصرون مان رام پيدا ٿيو. 4رام مان عمينداب پيدا ٿيو، عمينداب مان نحسون پيدا ٿيو ۽ نحسون مان سلمون پيدا ٿيو. 5سلمون کي سندس زال راحب مان بوعز پيدا ٿيو، بوعز کي سندس زال رُوت مان عوبيد پيدا ٿيو ۽ عوبيد مان يسي پيدا ٿيو. 6يسيءَ مان دائود بادشاهہ پيدا ٿيو. دائود کي سليمان انهيءَ زال مان پيدا ٿيو جيڪا پهريائين اورياہ جي زال هئي. 7سليمان مان رحبعام پيدا ٿيو، رحبعام مان ابياہ پيدا ٿيو ۽ ابياہ مان آسا پيدا ٿيو. 8آسا مان يهوسفط پيدا ٿيو، يهوسفط مان #1‏:8 يهورام اصلي مسودي ۾ ”يورام“ لکيل آهي، جڏهن تہ 1.بادشاهَہ 22‏:50 ۾ هن نالي کي ”يهورام“ لکيو ويو آهي.يهورام پيدا ٿيو ۽ يهورام مان عُزياہ پيدا ٿيو. 9عُزياہ مان يوتام پيدا ٿيو، يوتام مان آخز پيدا ٿيو ۽ آخز مان حزقياہ پيدا ٿيو. 10حزقياہ مان منسي پيدا ٿيو، منسيءَ مان امُون پيدا ٿيو ۽ امُون مان يوسياہ پيدا ٿيو. 11#2.با 24‏:14‏–25‏:21، 2.توا 36‏:10، ير 27‏:20 جن ڏينهن ۾ بني اسرائيل جا ماڻهو قيد ٿي بابل ڏانهن جلاوطن ٿي ويا هئا، تن ڏينهن ۾ يوسياہ مان يهوياڪين ۽ سندس ڀائر پيدا ٿيا.
12انهن ماڻهن جي بابل ڏانهن جلاوطن ٿي وڃڻ کان پوءِ يهوياڪين مان سيالتي‌ايل پيدا ٿيو ۽ سيالتي‌ايل مان زربابل پيدا ٿيو. 13زربابل مان ابيهود پيدا ٿيو، ابيهود مان الياقيم پيدا ٿيو ۽ الياقيم مان عازور پيدا ٿيو. 14عازور مان صدوق پيدا ٿيو، صدوق مان اخيم پيدا ٿيو ۽ اخيم مان اليهود پيدا ٿيو. 15اليهود مان اليعزر پيدا ٿيو، اليعزر مان متان پيدا ٿيو ۽ متان مان يعقوب پيدا ٿيو. 16يعقوب مان يوسف پيدا ٿيو جيڪو مريم جو مڙس هو ۽ انهيءَ مريم جي پيٽان عيسيٰ پيدا ٿيو جيڪو مسيح سڏيو وڃي ٿو.
17اهڙيءَ طرح ابراهيم کان وٺي دائود تائين ڪل چوڏهن پيڙهيون ٿيون، دائود کان وٺي بابل ڏانهن جلاوطن ٿي وڃڻ تائين بہ چوڏهن پيڙهيون ٿيون ۽ بابل ڏانهن جلاوطن ٿي وڃڻ کان وٺي مسيح تائين وري بہ چوڏهن پيڙهيون ٿيون.
عيسيٰ مسيح جو ڄمڻ
(لوقا 2‏:1‏-7)
18 # لو 1‏:27 عيسيٰ مسيح جي پيدائش هن ريت ٿي جو جڏهن سندس ماءُ مريم جو مڱڻو يوسف سان ٿيل هو، پر اڃا سندن شادي ڪانہ ٿي هئي تہ مريم کي معلوم ٿيو تہ کيس پاڪ روح جي قدرت سان پيٽ ٿيو آهي. 19هن جو مڱيندو هڪ نيڪ ماڻهو هو، تنهنڪري هن خيال ڪيو تہ ”ڇو نہ مريم کي چپ چاپ ۾ ڇڏي ڏيان ۽ خلق ۾ خوار نہ ڪريانس.“ 20پر جڏهن هو انهن ڳالهين بابت ڳڻتيون ڪري رهيو هو تہ هن کي خواب ۾ خداوند جو هڪڙو ملائڪ ڏسڻ ۾ آيو، جنهن چيس تہ ”اي دائود جا اولاد يوسف! تون پنهنجي مڱينديءَ مريم سان شادي ڪرڻ کان نہ گھٻراءِ، ڇاڪاڻ تہ پاڪ روح جي قدرت سان کيس پيٽ ٿيو آهي. 21#لو 1‏:31 هن کي پٽ ڄمندو، جنهن جو نالو #1‏:21 عيسيٰ ”عيسيٰ“ نالي کي عبراني ٻوليءَ ۾ ”يشوع“ سڏيو وڃي ٿو، جنهن جي معنيٰ ”ڇوٽڪارو ڏيندڙ“ آهي.عيسيٰ رکجانءِ، ڇاڪاڻ تہ هو پنهنجيءَ قوم کي سندن گناهن کان ڇوٽڪارو ڏيندو.“
22اهڙيءَ طرح اهي سڀ ڳالهيون جيڪي خداوند پنهنجي نبيءَ جي معرفت فرمايون هيون سي پوريون ٿيون تہ
23 # يس 7‏:14 ”ڏسو، هڪڙي ڪنواري پيٽ سان ٿيندي،
۽ کيس پٽ ڄمندو جنهن کي ’عمانوايل‘ سڏيندا،“
جنهن جي معنيٰ آهي ”خدا اسان سان.“
24سو جڏهن يوسف ننڊ مان جاڳي اٿيو، تڏهن جيئن خداوند جي ملائڪ چيو هئس تيئن ئي ڪيائين ۽ مريم سان شادي ڪيائين. 25#لو 2‏:21 پر جيستائين مريم پٽ نہ ڄڻيو تيستائين يوسف کيس هٿ بہ نہ لاتو ۽ ٻار جو نالو عيسيٰ رکيائين.

Currently Selected:

متي 1: MSB

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in