عبرانين 13
13
1شل ڀائرن جي محبت قائم رهندي اچي. 2مهمان نوازي ڪرڻ کان غافل نہ رهو؛ ڇالاءِ جو انهي ڪري ڪن بي خبريءَ ۾ ملائڪن جي مهمانداري ڪئي آهي. 3قيدين کي اهڙيءَ طرح ياد ڪريو جو ڄڻ تہ اوهين بہ انهن سان قيد ۾ آهيو؛ ۽ جن سان بدسلوڪي ڪرڻ ۾ ٿي اچي، تن کي بہ ياد ڪريو ۽ سمجهو تہ اوهان کي بہ انهن جهڙو جسم آهي. 4سڀني کي سمجهڻ گهرجي تہ شادي وڏي عزت جي ڳالهہ آهي، ۽ بسترو بي داغ رهي؛ ڇالاءِ جو زناڪارن ۽ حرامڪارن کي خدا سزا ڏيندو. 5پيسي جي پيار کان اوهين آزاد رهو؛ جيڪي اوهان وٽ آهي تنهن تي راضي رهو: ڇالاءِ جو هن پاڻ چيو آهي تہ ”آئون توکي ڪنهن بہ طرح ڇڏي ڪين ڏيندس، نڪي آئون ڪڏهن توکي وساريندس.“ 6تنهن ڪري اسين همت رکي چئي ٿا سگهون تہ ”خدا منهنجو مددگار آهي؛ آئون ڪين ڊڄندس؛ ماڻهو مون کي ڇا ڪندو؟“
7جيڪي اوهان جا اڳواڻ هئا ۽ اوهان کي خدا جو ڪلام ٻُڌايائون، تن کي ياد ڪريو ۽ انهن جي حياتيءَ جي نتيجي جو ويچار ڪري انهن جهڙو ايمان رکو. 8يسوع مسيح ڪالهہ توڙي اڄ، بلڪ هميشہ تائين ساڳيو ئي آهي. 9جدا جدا قسم جي ۽ ڌارين تعليمن تي لڳي گمراهہ نہ ٿيو: ڇالاءِ جو فضل جي وسيلي دل کي قائم رکڻ چڱو آهي، نہ انهن طعامن جي وسيلي جن جي کائڻ وارن کي فائدو حاصل ڪونہ ٿيو. 10اسان جي هڪڙي اهڙي قربانگاهہ آهي، جنهن مان خيمي جي خدمت ڪرڻ وارن کي کائڻ جو ڪوبہ حق ڪونهي. 11ڇالاءِ جو جن جانورن جو رت سردار ڪاهن پاڪ جاءِ ۾ گناهہ جي ڪفاري جي لاءِ کڻي ٿو وڃي، تن جا لاشا منزلگاهہ جي ٻاهر ساڙيا ٿا وڃن. 12تنهنڪري يسوع بہ پنهنجي اُمت کي پاڻ پنهنجي رت جي وسيلي پاڪ ڪرڻ لاءِ دروازي جي ٻاهر ڏک سَٺا. 13انهي ڪري اچو تہ اسين بہ هن جي خواري پاڻ تي کڻي منزلگاهہ کان ٻاهر هن وٽ هلون. 14ڇالاءِ جو هتي اسان جو ڪو جٽاءُ ڪندڙ شهر ڪونهي، پر اسين اهڙي جي تلاش ۾ آهيون جو اچڻو آهي. 15تڏهن اچو تہ انهي جي وسيلي هميشہ خدا جي تعريف جي قرباني ڪندا رهون، يعني انهن چپن جو ڦل، جي سندس نالي جو اقرار ٿا ڪن. 16پر نيڪي ڪرڻ ۽ خيرات ڏيڻ متان وساريو: ڇالاءِ جو اهڙين قربانين ڪري خدا خوش ٿو ٿئي. 17جيڪي اوهان جا اڳواڻ آهن، تن جا تابعدار ۽ فرمانبردار رهو: ڇالاءِ جو هو اوهانجن روحن جي فائدي لاءِ انهن وانگر سجاڳ ٿا رهن، جن کي حساب ڏيڻو پوندو؛ تان تہ هو اِهو ڪم خوشيءَ سان ڪن، نہ رنج سان، ڇالاءِ جو انهيءَ طرح اوهان کي ڪوبہ فائدو ڪونهي.
18اسان جي لاءِ دعا گهُرو، ڇالاءِ جو اسان کي پڪ آهي تہ اسان جي نيت صاف آهي، ۽ سڀني ڳالهين ۾ ايمانداريءَ سان گذارڻ ٿا گهُرون. 19۽ آئون ائين ڪرڻ لاءِ هن ڪري گهڻي قدر منٿ ٿو ڪريان تہ آئون اوهان وٽ جلد موٽي اچي سگهان.
20هاڻي خدا جو اطمينان جو چشمو آهي، جنهن رڍن جي وڏي چرواهي کي، يعني اسان جي خداوند يسوع کي، هميشہ جي عهد جي رت جي وسيلي مُئلن مان وري جياري اُٿاريو، 21سو شل اوهان کي سڀ ڪنهن چڱي ڪم ۾ سندس مرضي پوري ڪرڻ لاءِ ڪامل ڪري، ۽ جيڪي سندس نظر ۾ پسند آهي سو يسوع مسيح جي وسيلي اسان ۾ پيدا ڪري؛ انهي جي وڏائي هميشہ تائين ٿيندي رهي. آمين.
22پر اي ڀائرو، آئون اوهان کي عرض ٿو ڪريان تہ هن نصيحت جي ڪلام جي برداشت ڪريو: ڇالاءِ جو مون اوهان ڏانهن مختصر طور لکيو آهي. 23اوهان کي خبر هجي تہ اسان جو ڀاءُ تيمٿيس آزاد ٿيو آهي؛ جي اُهو جلد آيو تہ ساڻس گڏ آئون بہ اوهان کي اچي گڏبس.
24جيڪي اوهان جا اڳواڻ آهن، تن سڀني کي، ۽ سڀني پاڪ ٿيلن کي سلام ڏجو. اطاليہ وارا اوهان کي سلام ٿا ڏين.
25شل اوهان سڀني تي فضل ٿئي. آمين.
Valgt i Øjeblikket:
عبرانين 13: SB62
Markering
Kopiér
Sammenlign
Del
Vil du have dine markeringer gemt på tværs af alle dine enheder? Tilmeld dig eller log ind
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.