عبرانين 10
10
1ڇالاءِ جو شريعت انهن اچڻ وارين نعمتن جو عڪس آهي، نہ سندين اصلي صورت، تنهنڪري سال بسال جيڪي ساڳيون قربانيون هميشہ ڪرڻ ۾ ٿيون اچن، تن جي وسيلي ماڻهن کي ڪامل ڪري نٿي سگهي. 2نہ تہ جيڪر قربانيون چاڙهڻ بند ٿي وڃن ها؟ ڇالاءِ جو جيڪڏهن عبادت ڪرڻ وارا هڪ دفعي پاڪ ٿي وڃن ها، تہ پوءِ اڳتي هنن کي گناهن جي يادگيري بہ ڪانہ رهي ها. 3پر هنن قربانين جي ڪري سال بسال گناهن جي يادگيري ٿي پوي. 4ڇالاءِ جو اهو ناممڪن آهي تہ ڏاندن ۽ ٻڪرن جو رت گناهہ مٽائي ڇڏي.
5تنهنڪري دنيا ۾ اچڻ مهل هو هيئن ٿو چوي، تہ ”قرباني ۽ نذراني کي تو پسند نہ ڪيو، پر تو منهنجي لاءِ هڪڙو بدن تيار ڪيو آهي، 6سوختني قربانين ۽ گناهہ جي قربانين سان تون خوش نہ ٿئين: 7تڏهن مون چيو تہ ڏس، (جيئن پاڪ ڪتاب ۾ منهنجي بابت لکيل آهي) اي خدا، آئون آيو آهيان تہ تنهنجي مرضي پوري ڪريان.“
8مٿي چيو اٿس تہ قربانيون ۽ نذرانا ۽ سوختني ۽ گناهہ جون قربانيون تو پسند نہ ڪيون، نڪي تون انهن مان خوش ٿئين (جي شريعت موجب چاڙهبيون آهن،) 9پر چوي ٿو تہ ”ڏس آئون آيو آهيان تہ تنهنجي مرضي پوري ڪريان.“ هو پهرئين کي رد ٿو ڪري، تہ ٻئي کي قائم ڪري. 10انهيءَ مرضي جي ڪري اسين يسوع مسيح جي بدن جي هڪڙي ئي دفعي قربان ٿيڻ جي وسيلي پاڪ ٿي ويا آهيون. 11۽ سڀڪو ڪاهن تہ روز بروز بيهي عبادت ٿو ڪري، ۽ اُهي ئي ساڳيون قربانيون وري وري پيو چاڙهي، جي ڪڏهن بہ گناهن کي مٽائي نہ ٿيون سگهن: 12پر هي شخص گناهن جي لاءِ هڪڙي ئي قرباني هميشہ جي واسطي چاڙهي خدا جي ساڄي پاسي وڃي ويٺو؛ 13۽ انهي وقت کان وٺي منتظر آهي جيستائين ڪ سندس دشمن سندس پيرن جي صندلي ٿين. 14ڇالاءِ جو هڪڙي ئي قرباني چاڙهڻ سان هن هميشہ لاءِ انهن کي ڪامل ڪري ڇڏيو آهي، جي پاڪ ڪيا ٿا وڃن. 15۽ پاڪ روح بہ اسان کي شاهدي ٿو ڏئي: ڇالاءِ جو ائين چوڻ کانپوءِ، تہ 16”خداوند ٿو فرمائي تہ هي اهو عهد آهي جو آئون انهن ڏينهن کانپوءِ ساڻن ڪندس؛ آئون پنهنجا قانون هنن جي ذهن نشين ڪندس، ۽ اُهي سندن دلين تي لکندس؛“ 17۽ وري ٿو چوي تہ ”هنن جا گناهہ ۽ هنن جون بدڪاريون آئون وري ياد نہ ڪندس.“ 18هاڻي جڏهن هنن جي معافي ٿي ويئي، تڏهن وري گناهن جي قربانيءَ جي ضرورت نہ آهي.
19تنهنڪري، اي ڀائرو، جڏهن اسان کي يسوع جي رت جي وسيلي اُنهيءَ پاڪ جاءِ ۾ داخل ٿيڻ جي همت ٿي آهي، 20۽ جڏهن هن نئون ۽ جيئرو رستو پردي يعني پنهنجي جسم منجهان اسان لاءِ مخصوص ڪيو آهي؛ 21۽ جڏهن اسان جو اهڙو وڏو ڪاهن آهي جنهن کي خدا جي گهر تي اختيار آهي؛ 22تڏهن اچو تہ اسين سچيءَ دل سان ۽ پوري ايمان سان دل جي الزام کان پاڪ ٿيڻ لاءِ پنهنجين دلين تي ڇڻڪار ڪري، ۽ پنهنجي بدن کي صاف پاڻيءَ سان ڌوئي، سندس ويجها وڃون. 23اچو تہ پنهنجيءَ اُميد جي اقرار کي اهڙو سوگهو ڪري جهليون جو انهيءَ کي لوڏو نہ اچي؛ ڇالاءِ جو جنهن واعدو ڪيو آهي سو سچو آهي. 24۽ اچو تہ محبت ۽ چڱن ڪمن ۾ همتائڻ لاءِ هڪٻئي جو خيال رکون؛ 25۽ پاڻ ۾ گڏ ٿيڻ ڇڏي نہ ڏيون، جيئن ڪ ماڻهن جو دستور آهي، بلڪ هڪٻئي کي نصيحت ڪريون، ۽ جيئن جيئن اوهين اُهو ڏينهن ويجهو ايندو ڏسو، تيئن وڌيڪ انهيءَ طرح ڪندا رهو.
26ڇالاءِ جو سچ جي سياڻپ حاصل ڪرڻ کانپوءِ جيڪڏهن اسين ڄاڻي ٻجهي گناهہ ڪنداسين تہ گناهن جي ڪابہ قرباني اڳتي باقي نہ رهندي، 27پر عدالت جو هڪڙو خوفناڪ انتظار ۽ هيبت جهڙي باهہ سا باقي آهي، جا مخالفن کي کائي ويندي. 28جو ماڻهو موسيٰ جي شريعت نٿو مڃي، سو ٻن يا ٽن ماڻهن جي شاهديءَ تي، سواءِ رحم جي ماريو ٿو وڃي: 29تڏهن اوهين خيال ڪريو تہ اُهو شخص ڪيتري نہ وڌيڪ سزا جو لائق ٿيندو، جنهن خدا جي فرزند کي پيرن هيٺ لتاڙيو آهي. ۽ جنهن عهد جي رت سان هو پاڪ ڪيو ويو، تنهن کي هن هڪڙي ناپاڪ شيءِ ليکيو آهي، ۽ فضل جي روح کي بي عزت ڪيو اٿس. 30ڇالاءِ جو اسين انهي کي ڄاڻون ٿا، جنهن چيو تہ ”وير وٺڻ منهنجو ڪم آهي، بدلو آئون ئي ڏيندس.“ ۽ وري هي تہ ”خداوند پنهنجيءَ اُمت جي عدالت ڪندو.“ 31زندہ خدا جي هٿن ۾ پوڻ خوفناڪ ڳالهہ آهي.
32پر اڳوڻا ڏينهن ياد ڪريو، جڏهن روشن ٿيڻ کانپوءِ بہ اوهان تي ڏکن جو وسڪارو ٿيو. 33پهرين تہ طعنن ۽ مصيبتن جي ڪري هڪڙي تماشي جي شيءِ ٿي پيا، ۽ ٻيو تہ جن سان اهڙي هلت ٿي، تن سان شريڪ ٿيا. 34ڇالاءِ جو جيڪي قيد ۾ هئا، تن سان اوهان همدردي بہ ڪئي، ۽ پنهنجي مال ملڪيت جو لُٽجي وڃڻ بہ خوشيءَ سان قبول ڪيو، ۽ يقين ڪيو تہ اوهان وٽ بهتر ۽ جٽاءُ ڪندڙ ملڪيت موجود آهي. 35تنهنڪري پنهنجي همت نہ هاريو، جو انهي جي ڪري اوهان کي وڏا انعام ملندا. 36ڇالاءِ جو اوهان کي صبر ڪرڻ ضروري آهي، تان تہ خدا جي مرضي پوري ڪري اِهو واعدو حاصل ڪريو.
37”ڇالاءِ جو تمام ٿوري مدت باقي آهي جو اچڻ وارو ايندو ۽ دير نہ ڪندو. 38پر منهنجو راستباز بندو ايمان جي ڪري جيئندو؛ ۽ جي هو پٺتي هٽندو، تہ منهنجي دل هن کان خوش نہ ٿيندي.“ 39پر اسين انهن مان نہ آهيون جي پٺتي هٽي برباد ٿا ٿين؛ بلڪ انهن مان آهيون جي ايمان آڻي پنهنجي روحن کي بچائين ٿا.
Valgt i Øjeblikket:
عبرانين 10: SB62
Markering
Kopiér
Sammenlign
Del
Vil du have dine markeringer gemt på tværs af alle dine enheder? Tilmeld dig eller log ind
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.