تنهنڪري جڏهن شاهدن جو هيڏو وڏو بادل اسان جي چوڌاري بيٺل آهي، تڏهن اچو تہ اسين بہ سڀڪو بار ۽ گناهہ، جو اسان کي آسانيءَ سان چنبڙيو پوي، تنهن کان پاسو ڪريون، ۽ صبر سان اُها ڊوڙ ڊوڙون، جا اسان جي لاءِ مقرر ڪئي ويئي آهي. ۽ يسوع، جو اسان جي ايمان جو باني ۽ ڪامل ڪندڙ آهي، تنهن ڏانهن نهاريندا رهون، جنهن انهيءَ خوشيءَ جي واسطي جا سندس لاءِ مقرر هئي، شرمندگيءَ جي پرواهہ نہ ڪري صليب جو ڏک سَٺو، ۽ خدا جي تخت جي ساڄي پاسي وڃي ويٺو آهي.