ايمان جي ڪري جڏهن ابراهيم کي سڏ ٿيو، تڏهن حڪم مڃي انهي هنڌ ويو، جتي کيس ورثو ملڻو هو؛ ۽ جيتوڻيڪ هن کي اها خبر نہ هئي تہ ڪيڏانهن ٿو وڃان، تہ بہ اُٿي روانو ٿيو. ايمان ئي جي ڪري هو واعدي مليل ملڪ ۾ اهڙيءَ طرح مسافر ٿي رهيو، جهڙيءَ طرح ڪو پرديس ۾ رهي، ۽ اسحاق ۽ يعقوب، جي انهي واعدي ۾ ساڻس گڏ وارث هئا، تن سوڌو تنبن ۾ رهڻ لڳو.