خروج 18:8-19
خروج 18:8-19 SB62
جادوگرن بہ پنهنجي جادوءَ سان جُوئون آڻڻ لاءِ ائين ئي ڪيو، پر آڻي نہ سگهيا، ۽ ماڻهن ۽ جانورن ۾ جُوئون رهجي ويون. تڏهن جادوگرن فرعون کي چيو تہ هن ۾ خدا جو هٿ آهي: پر فرعون جي دل سخت ٿي وئي ۽ انهن جي ڳالهہ نہ مڃيائين، جيئن ڪ خداوند اڳيئي فرمايو هو.





