خروج 27

27
1۽ تون ٻٻر جي ڪاٺ جي قربانگاهہ جوڙج، اها قربانگاهہ چورس هجي. انهيءَ جي ڊيگهہ پنج هٿ، ۽ ويڪر پنج هٿ هجي، ۽ اوچائي ٽي هٿ هجي. 2۽ تون انهيءَ جي چئن ئي ڪنڊن تي سڱ ٺاهج، انهيءَ جا سڱ انهي ساڳئي هڪڙي ئي ٽڪر مان جڙيل هجن: ۽ تون انهيءَ تي پتل جو پٽ چاڙهج. 3۽ تون انهيءَ جي لاءِ رک کڻڻ جا ٿانو، ۽ ڪوڏاريون، ۽ ٿالهہ، ۽ گوشت ٽنگڻ جا ڪنڍا، ۽ منگالا جوڙج، اهي سڀ ٿانو تون پتل جا جوڙج. 4تون انهيءَ جي لاءِ هڪڙو پتل جو ڄاريدار آتشدان جوڙج، ۽ ڄاريءَ جي چئن ئي ڪنڊن ۾ پتل جا چار ڇلا جوڙج. 5تون انهيءَ کي قربانگاهہ ۾ ڪنارن جي هيٺان اهڙيءَ طرح رکج، جو ڄاري قربانگاهہ جي اڌ تائين پهچي. 6۽ تون قربانگاهہ جي لاءِ ٻٻر جي ڪاٺيءَ جا ڏنڊا جوڙي، انهن تي پتل جو پٽ چاڙهج. 7اهي ڏنڊا انهن ڇلن ۾ وڌا وڃن، ۽ اهي ڏنڊا قربانگاهہ جي کڻڻ وقت انهيءَ جي ٻنهي پاسن تي هجن. 8تون اها قربانگاهہ تختن جي کوکي وانگر جوڙج؛ جهڙيءَ طرح توکي جبل تي ڏيکاريو ويو آهي، تهڙيءَ طرح تون اها جوڙج.
9۽ تون خيمي جو اڱڻ جوڙج: ڏکڻ واري پاسي ڏکڻ ڏانهن اڱڻ جي لاءِ سنهي وٽيل سڻيءَ جي ڪپڙي جون قناتون هجن؛ انهن جي ڊيگهہ هڪ سؤ هٿ هجي: 10۽ انهن جي لاءِ ويهہ ٿنڀ هجن، جن لاءِ پتل جا ويهہ کوپا هجن؛ ۽ ٿنڀن جا ڪنڍا ۽ انهن جا بند چانديءَ جا هجن. 11ساڳيءَ طرح اُتر واري پاسي لاءِ بہ اهڙيون قناتون هجن، انهن جي ڊيگهہ هڪ سؤ هٿ هجي، ۽ انهن جي لاءِ ويهہ ٿنڀ، ۽ انهن جا ويهہ پتل جا کوپا هجن، ۽ ٿنڀن جا ڪنڍا ۽ انهن جا بند چانديءَ جا هجن. 12۽ الهندي ڏانهن، اڱڻ جي ويڪر جي لاءِ پنجاهہ هٿ ڊگهيون قناتون هجن: انهن جي لاءِ ڏهہ ٿنڀ، ۽ انهن جا ڏهہ کوپا هجن. 13۽ اُڀرندي واري پاسي اُڀرندي ڏانهن، اڱڻ جي ويڪر پنجاهہ هٿ هجي. 14۽ دروازي جي هڪڙي پاسي لاءِ پندرهن هٿ ڊگهيون قناتون هجن؛ انهن جي لاءِ ٽي ٿنڀ ۽ انهن جا ٽي کوپا هجن. 15۽ ٻئي پاسي لاءِ بہ پندرهن هٿ ڊگهيون قناتون هجن، انهن جي لاءِ بہ ٽي ٿنڀ ۽ انهن جا ٽي کوپا هجن. 16۽ اڱڻ جي دروازي لاءِ ويهہ هٿ ڊگهو هڪڙو پردو ٿيندو، جو آسماني، واڱڻائي ۽ قرمزي رنگ جي ڪپڙي، ۽ سنهي وٽيل سڻيءَ جي ڪپڙي، ۽ زردوزيءَ جي ڪم سان ٿيندو: انهي جي لاءِ چار ٿنڀ ۽ انهن جا چار کوپا هجن. 17۽ اڱڻ جي ٿنڀن ۾ چوڌاري چانديءَ جا بند هجن، جن جا ڪنڍا چانديءَ جا، ۽ کوپا پتل جا هجن. 18اڱڻ جي ڊيگهہ هڪ سو هٿ، ۽ ويڪر جتي ڪٿي پنجاهہ هٿ، ۽ اوچائي پنج هٿ هجي، ۽ اهو سنهي وٽيل سڻيءَ جي ڪپڙي جو هجي، ۽ ٿنڀن جا کوپا پتل جا هجن. 19خيمي جا سڀ ٿانو سڀني ڪمن لاءِ، انهن جون ڪليون، ۽ اڱڻ جون سڀ ڪليون، پتل جون هجن.
20۽ تون بني اسرائيل کي حڪم ڏج، تہ روشنائي ڪرڻ لاءِ ڪٽيل زيتون جو نج تيل تو وٽ آڻين، تہ ڏيئو هميشہ ٻرندو رهي. 21۽ جماعت واري تنبوءَ ۾، شاهديءَ واريءَ صندوق جي اڳيان جيڪو پردو ٿيندو، انهي جي ٻاهران هارون ۽ سندس پٽ سانجهيءَ کان وٺي صبح تائين خداوند جي حضور ۾ انهي جو بندوبست ڪن: اهو قاعدو بني اسرائيل جي لاءِ سندن سڀني پيڙهين ۾ هميشہ جي لاءِ جاري رهي.

বর্তমানে নির্বাচিত:

خروج 27: SB62

হাইলাইট

কপি

তুলনা করুন

শেয়ার

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in