خروج 2
2
1پوءِ لاويءَ جي فرقي جي هڪڙي ماڻهوءَ، ساڳئي فرقي جي هڪڙيءَ ڇوڪريءَ سان شادي ڪئي. 2۽ اها زال حاملہ ٿي ۽ پٽ ڄايس؛ ۽ هن ٻار کي سهڻو ڏسي، ٽن مهينن تائين لڪائي رکيو. 3پر جڏهن کيس وڌيڪ لڪائي نہ سگهي، تڏهن انهيءَ جي لاءِ ڪانن جو هڪڙو کارو کڻي، انهيءَ کي چيڪي مٽي ۽ ڏامر لڳايائين؛ پوءِ اهو ٻار انهي ۾ رکي، اهو کارو درياهہ جي ڪپ تي ٻوڙن ۾ رکي ڇڏيائين. 4۽ انهيءَ ٻار جي ڀيڻ پري کان بيهي ڏسڻ لڳي تہ هن سان ڇا ٿو ٿئي. 5انهيءَ وقت فرعون جي ڌيءَ درياهہ تي وهنجڻ آئي، ۽ سندس ٻانهيون درياهہ جي ڪناري تي گهمڻ لڳيون؛ ۽ هن ٻوڙن ۾ اهو کارو ڏٺو ۽ پنهنجيءَ ٻانهيءَ کي موڪليائين تہ اهو کڻي اچي. 6۽ جڏهن هن اهو کوليو، تڏهن ٻار ڏٺائين ۽ ڏسو، ٻار روئڻ لڳو. تنهن تي هن کي مٿس ڪهل آئي، ۽ چوڻ لڳي تہ هي ڪنهن عبرانيءَ جو ٻار آهي. 7تڏهن هن جي ڀيڻ فرعون جي ڌيءَ کي چيو تہ جي تون چوين تہ آءٌ وڃي عبراني زالن مان ڪا دائي سڏي اچان، تہ اها تنهنجي لاءِ هن ٻار کي کير پياري؟ 8۽ فرعون جي ڌيءَ چيس تہ ڀلي وڃ. تڏهن اها ڇوڪري وڃي انهيءَ ٻار جي ماءُ کي سڏي آئي، 9۽ فرعون جي ڌيءَ هن کي چيو تہ هن ٻار کي کڻي وڃي منهنجي طرفان نپاءِ، آءٌ توکي انهيءَ جو اُجورو ڏينديس. سو اها زال انهيءَ ٻار کي کڻي ويئي ۽ وڃي نپايائينس. 10پوءِ جڏهن ٻار وڏو ٿيو، تڏهن هوءَ کيس فرعون جي ڌيءَ وٽ وٺي آئي، ۽ اهو سندس پٽ ٿيو؛ ۽ هن انهيءَ جو نالو موسيٰ رکيو، جو چيائين تہ مون هن کي پاڻيءَ مان ڪڍيو آهي.
11پوءِ هيئن ٿيو تہ جڏهن موسيٰ وڏو ٿيو، تڏهن ٻاهر پنهنجن ڀائرن وٽ ويو ۽ انهن جون تڪليفون ڏٺائين؛ ۽ ڏٺائين تہ هڪڙو مصري، سندس ڀائرن مان هڪڙي عبرانيءَ کي پيو ماري. 12تنهن تي هن هيڏانهن هوڏانهن نگاهہ ڪئي، ۽ جڏهن ڏٺائين تہ ٻيو ڪو ماڻهو ڪونهي، تڏهن انهيءَ مصريءَ کي ماري وڌائين، ۽ واريءَ ۾ لڪائي ڇڏيائينس. 13وري ٻئي ڏينهن جڏهن هو ٻاهر نڪتو، تڏهن ٻن عبرانين کي پاڻ ۾ وڙهندو ڏٺائين؛ ۽ انهن مان جيڪو ناحق تي هو، تنهن کي چيائين تہ تون پنهنجي سنگتيءَ کي ڇو ٿو مارين؟ 14هن چيو تہ ڪنهن توکي اسان جي مٿان سردار يا منصف مقرر ڪيو آهي؟ تون مون کي بہ انهيءَ مصريءَ وانگر مارڻ ٿو چاهين ڇا؟ تنهن تي موسيٰ ڊنو، ۽ چوڻ لڳو تہ ضرور اها ڳالهہ ظاهر ٿي آهي. 15هاڻي جڏهن فرعون اها ڳالهہ ٻڌي، تڏهن موسيٰ کي مارائڻ جو ارادو ڪيائين، پر موسيٰ، فرعون جي منهن تان ٽري ڀڄي ويو ۽ وڃي مديان جي ملڪ ۾ رهڻ لڳو؛ ۽ هڪڙي کوهہ وٽ وڃي ويٺو.
16هاڻي مديان جي ڪاهن کي ست ڌيون هيون؛ ۽ اهي اتي آيون ۽ پنهنجي پيءُ جي ڍورن کي پاڻي پيارڻ لاءِ پاڻي ڪڍي حوضن ۾ ڀريائون. 17پر ٻين ڌنارن اچي انهن کي هڪالي ڪڍيو، تڏهن موسيٰ اٿي سندن مدد ڪئي، ۽ سندن ڌڻ کي پاڻي پياريائين. 18۽ جڏهن هو پنهنجي پيءُ رعوايل وٽ آيون، تڏهن هن پڇين تہ اڄ اوهين ايترو جلد ڪيئن آيون آهيو؟ 19هنن چيو تہ هڪڙي مصريءَ اسان کي ڌنارن جي هٿان ڇڏايو، ۽ وري اسان جي لاءِ پاڻي ڪڍي ڌڻ کي پياريائين. 20تڏهن هن پنهنجين ڌيئرن کي چيو تہ اهو ماڻهو ڪٿي آهي، اوهين ڇو انهيءَ کي ڇڏي آيون آهيو؟ سڏي اچوس تہ ماني کائي. 21پوءِ موسيٰ انهيءَ ماڻهوءَ جي گهر ۾ رهڻ لاءِ راضي ٿيو، ۽ هن پنهنجي ڌيءَ صفورہ موسيٰ کي ڏني. 22۽ انهيءَ کي هڪڙو پٽ ڄائو، جنهن جو نالو جيرشوم رکيائين؛ ڇالاءِ جو هن چيو تہ آئون غير ملڪ ۾ مسافر آهيان.
23۽ ڳچ ڏينهن گذرڻ کان پوءِ هيئن ٿيو جو مصر جو بادشاهہ مري ويو، ۽ بني اسرائيل غلاميءَ جي ڪري آهون ڀرڻ ۽ روئڻ لڳا، ۽ هنن جو روئڻ، جو غلاميءَ جي مصيبت ڪري هو، سو خدا تائين پهتو. 24۽ خدا هنن جون دانهون ٻڌيون، ۽ خدا جيڪو عهد، ابرهام سان، ۽ اسحاق سان، ۽ يعقوب سان ڪيو هو، سو ياد ڪيائين. 25۽ خدا بني اسرائيل تي نظر ڪئي ۽ سندن سار لڌائين.
বর্তমানে নির্বাচিত:
خروج 2: SB62
হাইলাইট
কপি
তুলনা করুন
শেয়ার
Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

: