YouVersion Logo
Search Icon

فلپين 1

1
1 # رس ۱۲‏:۱۶ ھي خط عيسيٰ مسيح جي ٻانھن، پولس ۽ تيمٿيس جي طرفان آھي، جيڪو نگھبانن ۽ خادمن سميت فلپي شھر ۾ رھندڙ عيسيٰ مسيح سان گڏجي ھڪ ٿيل سڀني ايمان وارن ڏانھن لکجي ٿو.
2شل اوھان تي اسان جي پيءُ خدا ۽ خداوند عيسيٰ مسيح جي طرفان فضل ۽ سلامتي ھجي.
فلپين لاءِ پولس جي دعا
3جڏھن بہ اوھين ياد اچو ٿا، تڏھن آءٌ پنھنجي خدا جو شڪر ٿو ڪريان. 4ھر اھا دعا، جيڪا اوھان سڀني لاءِ ٿو گھران سا ھميشہ خوشيءَ سان گھرندو آھيان، 5ڇاڪاڻ⁠تہ اوھان پھرين ڏينھن کان وٺي اڄ تائين خوشخبري ڦھلائڻ ۾ منھنجو ساٿ ڏنو آھي. 6مون کي انھيءَ ڳالھہ جو يقين آھي تہ خدا، جنھن اوھان ۾ چڱو ڪم شروع ڪيو آھي، سو انھيءَ کي عيسيٰ مسيح جي موٽي اچڻ واري ڏينھن تائين پورو ڪندو. 7تنھنڪري واجب آھي تہ آءٌ اوھان سڀني جي باري ۾ ائين ئي سمجھان، ڇاڪاڻ⁠تہ اوھين منھنجيءَ دل ۾ موجود آھيو. منھنجي قيد ۾ توڙي خوشخبريءَ کي سچي ثابت ڪرڻ ۽ ان کي پڪيءَ طرح قائم ڪرڻ ۾، اوھين سڀ خدا جي ڏنل فضل ۾ مون سان ڀاڱي ڀائيوار آھيو. 8خدا منھنجو شاھد آھي تہ عيسيٰ مسيح جھڙي الفت جيان اوھان سڀني لاءِ ڪيڏي نہ سڪ اٿم.
9آءٌ ھيءَ دعا ٿو گھران تہ علم ۽ ھر طرح جي سمجھہ سان گڏ اوھان جي محبت بہ گھڻي کان گھڻي وڌندي وڃي، 10تہ جيئن اوھين چڱين ڳالھين کي سمجھي پسند ڪريو ۽ مسيح جي موٽي اچڻ واري ڏينھن تائين صاف⁠دل ۽ بي⁠ڏوھي رھو. 11شل اوھين سچائيءَ جي انھيءَ ڦل سان ڀريل رھو، جيڪو عيسيٰ مسيح جي وسيلي آھي، تہ جيئن خدا جو جلال ظاھر ٿئي ۽ سندس واکاڻ ٿئي.
خوشخبري ڦھلائڻ
12ھاڻي اي ڀائرو ۽ ڀينرون! آءٌ چاھيان ٿو تہ اوھين ڄاڻي وٺو تہ جيڪي ڪجھہ مون تي ٿي گذريو آھي، سو حقيقت ۾ خوشخبريءَ جي واڌاري جو سبب بڻيو آھي. 13#رس ۳۰‏:۲۸ ايتري قدر جو شاھي پلٽڻ جي سڀني سپاھين ۽ ٻين سڀني ماڻھن ۾ مشھور ٿي ويو آھي تہ آءٌ مسيح جي خاطر قيد ۾ پيو آھيان. 14منھنجي قيد ۾ ھجڻ جي ڪري گھڻن ايمان وارن کي خداوند ۾ ڀروسو حاصل ٿيو آھي، ايتري قدر جو اھي وڌيڪ ھمت ۽ بي⁠خوفيءَ سان خدا جو ڪلام ٻڌائين ٿا.
15البت ڪي حسد ۽ جھيڙي جي ڪري تبليغ ٿا ڪن تہ ڪي نيڪ⁠نيتيءَ سان. 16نيڪ⁠نيتيءَ وارا محبت جي ڪري ائين ٿا ڪن. اھي ڄاڻن ٿا تہ آءٌ خوشخبريءَ کي سچو ثابت ڪرڻ لاءِ مقرر ٿيل آھيان. 17پر ٻيا ذاتي لالچ جي ڪري مسيح جي منادي ٿا ڪن، سچيءَ نيت سان نہ ، بلڪ انھيءَ خيال سان تہ منھنجي لاءِ قيد ۾ وڌيڪ مصيبت پيدا ڪن.
18پر اھا ڪا وڏي ڳالھہ ناھي. وڏي ڳالھہ ھيءَ آھي تہ مسيح جي پڌرائي ھر طرح سان ٿئي ٿي، پوءِ اھا ڪوڙي نيت سان ھجي يا سچيءَ سان. انھيءَ سبب آءٌ خوش آھيان، ھائو، آءٌ خوش ٿيندو رھندس. 19ڇالاءِ⁠جو آءٌ ڄاڻان ٿو تہ اوھان جي دعائن ۽ عيسيٰ مسيح جي روح جي مدد سان آءٌ ڇڏائجي ويندس. 20منھنجي دل جي آرزو، بلڪ اميد اٿم تہ ڪنھن بہ ڳالھہ ۾ شرمندو نہ ٿيندس. پر منھنجي وڏي دليريءَ جي ڪري ھميشہ وانگر ھاڻي بہ منھنجي بدن جي وسيلي مسيح جي وڏائي ٿيندي، پوءِ توڙي جيئرو رھان يا مري وڃان.
21ڇالاءِ⁠جو مون لاءِ جيئري رھڻ جي معنيٰ آھي مسيح ۽ مرڻ جي معنيٰ آھي نفعو. 22پر جيڪڏھن ھن جسم ۾ جيئرو رھان تہ آءٌ چڱو ڪم ڪري سگھان ٿو. تنھن ھوندي بہ آءٌ نہ ٿو ڄاڻان تہ ڇا کي پسند ڪريان. 23آءٌ ٻنھي ڳالھين جي وچ ۾ ڦاٿل آھيان. منھنجي خواھش تہ اھا آھي تہ ھن دنيا کي ڇڏي وڃي مسيح سان رھان، ڇالاءِ⁠جو اھو سڀ کان بھتر آھي. 24پر منھنجو بدن ۾ رھڻ اوھان جي خاطر وڌيڪ ضروري آھي. 25انھيءَ ڳالھہ جي پڪ ھئڻ ڪري آءٌ ڄاڻان ٿو تہ آءٌ جيئرو رھندس، بلڪ اوھان سڀني سان گڏ گذاريندس، تہ جيئن اوھان جي ايمان ۾ واڌارو ٿئي ۽ اوھين ان ۾ خوش رھو. 26سو جڏھن آءٌ ٻيھر اوھان وٽ اچي حاضر ٿيان تہ مون بابت اوھان جو فخر عيسيٰ مسيح جي ڪري گھڻو وڌي وڃي.
27ڇا بہ ٿي پوي اوھين پنھنجي روزاني زندگي مسيح جي خوشخبريءَ جي لائق گذاريو. پوءِ آءٌ اچي اوھان سان گڏجان يا نہ، تہ بہ احوال اھو ٻڌان تہ اوھين ھڪڙي ئي روح ۾ قائم آھيو ۽ ھڪ دل ٿي ڪري گڏجي جانفشاني ڪندا ٿا رھو تہ ماڻھو خوشخبريءَ تي ايمان آڻين. 28پنھنجن مخالفن کان ڪنھن بہ ڳالھہ ۾ نہ ڊڄو. اھا ڳالھہ ھنن جي لاءِ برباديءَ جي صاف نشاني آھي، پر اوھان جي لاءِ ڇوٽڪاري جي ۽ اھو خدا جي طرفان آھي. 29ڇالاءِ⁠جو مسيح جي خاطر اوھان تي اھا ٻاجھہ ٿي آھي تہ نہ رڳو مٿس ايمان آڻيو، پر ھن جي لاءِ ڏک بہ سھو. 30#رس ۱۹‏:۱۶‎–۴۰ اوھين بہ خوشخبريءَ لاءِ ساڳيءَ طرح جانفشاني ٿا ڪريو، جيئن اوھان مون کي ڪندي ڏٺو ھو ۽ ھاڻي بہ ٻڌو ٿا تہ ائين ئي پيو ڪريان.

Currently Selected:

فلپين 1: SCLNT

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in

YouVersion uses cookies to personalize your experience. By using our website, you accept our use of cookies as described in our Privacy Policy