YouVersion Logo
Search Icon

يوحنا 9

9
ڄائي ڄم کان انڌي کي سڄو ڪرڻ
1جيئن عيسيٰ رستي سان پئي ويو تہ ھن ھڪ اھڙو ماڻھو ڏٺو، جيڪو ڄائي ڄم کان انڌو ھو. 2ھن جي شاگردن کانئس پڇيو تہ ”استاد! ڪنھن جي گناھہ جي ڪري ھو انڌو ڄائو؟ ڇا ھن جي پنھنجي گناھہ جي ڪري يا سندس ماءُ⁠پيءُ جي گناھہ سبب؟“ 3عيسيٰ وراڻيو تہ ”ھن جي انڌائپ جو ھن جي گناھہ سان يا سندس ماءُ⁠پيءُ جي گناھہ سان ڪوبہ واسطو نہ آھي. ھو انھيءَ ڪري انڌو آھي تہ جيئن ھن مان خدا جا ڪم ظاھر ٿين. 4جيستائين ڏينھن آھي تيستائين اسان کي انھيءَ جا ڪم ڪرڻ گھرجن جنھن مون کي موڪليو آھي. رات ايندي تہ پوءِ ڪوبہ ماڻھو ڪم ڪري نہ سگھندو. 5#مت ۱۴‏:۵، يو ۱۲‏:۸ جيستائين آءٌ ھن دنيا ۾ آھيان تہ آءٌ دنيا جي روشني آھيان.“ 6ائين چوڻ کان پوءِ عيسيٰ زمين تي ٿڪ اڇلائي ۽ انھيءَ ٿڪ سان مٽي ڳوھيائين. پوءِ اھا ڳوھيل مٽي انھيءَ انڌي جي اکين تي لاتائين 7۽ چيائينس تہ ”پنھنجو منھن انھيءَ تلاءَ ۾ وڃي ڌوءُ، جنھن جو نالو #سيلوم (يعني موڪليل): ترجمي ۾ بريڪيٽ ۾ ڏنل لفظ اصلي متن ۾ ڏنل آھن. ھتي عبراني لفظ ”سيلوم“ جي سمجھائڻ لاءِ ليکڪ يوناني لفظ ڏئي ٿو جنھن جي معنيٰ آھي ”موڪليل“.سيلوم (يعني موڪليل) آھي.“ پوءِ ھو ويو ۽ انھيءَ تلاءَ ۾ وڃي منھن ڌوتائين ۽ پوءِ موٽ تي ھو ڏسندو وائسندو آيو.
8تنھن تي سندس پاڙيسرين ۽ ٻين ماڻھن جن کيس اڳ پنندي ڏٺو ھو، سي چوڻ لڳا تہ ”ھي اھو فقير نہ آھي ڇا جيڪو ھتي ويٺو پنندو ھو؟“ 9ڪي چوڻ لڳا تہ ”ھي اھو ئي آھي“ ۽ ٻيا چوڻ لڳا تہ ”ھي اھو نہ آھي پر انھيءَ جھڙو آھي.“ تنھن تي ھن پاڻ چيو تہ ”آءٌ اھو ئي آھيان.“ 10پوءِ انھن پڇيس تہ ”تنھنجون اکيون ڪيئن کليون؟“ 11ھن وراڻيو تہ ”اھو شخص جنھن جو نالو عيسيٰ آھي، تنھن مٽي ڳوھي منھنجين اکين تي لاتي ۽ چيائين تہ ’سيلوم واري تلاءَ ۾ وڃي منھن ڌوءُ.‘ پوءِ آءٌ ويس ۽ وڃي منھن ڌوتم ۽ پوءِ ڏسڻ وائسڻ لڳس.“ 12تنھن تي انھن پڇيس تہ ”اھو شخص ڪٿي آھي؟“ ھن چين تہ ”مون کي خبر نہ آھي.“
شفا بابت فريسين جي جاچ
13تنھن کان پوءِ اھي انھيءَ انڌي مان سڄي ٿيل ماڻھوءَ کي فريسين وٽ وٺي آيا. 14جنھن ڏينھن تي عيسيٰ مٽي ڳوھي انڌي ماڻھوءَ جون اکيون کوليون ھيون سو سبت جو ڏينھن ھو. 15پوءِ فريسين انھيءَ ماڻھوءَ کان پڇيو تہ ”تون ڪيئن ڏسڻ وائسڻ لڳين؟“ ھن انھن کي ٻڌايو تہ ”ھڪڙي ماڻھوءَ ٿوري مٽي منھنجين اکين تي لاتي ۽ مون وڃي منھن ڌوتو تہ آءٌ ڏسڻ وائسڻ لڳس.“ 16تنھن تي فريسين مان ڪن چيو تہ ”جنھن ماڻھوءَ ھي ڪم ڪيو آھي سو خدا جي طرفان ٿي نہ ٿو سگھي، ڇاڪاڻ⁠تہ ھن سبت جي ڏينھن کي نہ مڃيو آھي.“ ٻين وري چيو تہ ”جيڪو گنھگار آھي سو اھڙا معجزا ڪيئن ٿو ڪري سگھي.“ تنھنڪري انھن ۾ ڏڦيڙ پئجي ويو.
17ان کان پوءِ فريسين ھڪ دفعو وري انھيءَ ماڻھوءَ کان پڇيو تہ ”تون چوين ٿو تہ ھن تنھنجون اکيون کوليون، پر تون انھيءَ شخص بابت ڇا ٿو چوين؟“ ھن وراڻيو تہ ”ھو نبي آھي.“ 18يھودي اڳواڻن کي ھن ماڻھوءَ جي ڳالھہ تي اڃا بہ اعتبار نہ آيو تہ ھو ڪو انڌو ھو ۽ پوءِ سڄو ٿيو آھي، تنھنڪري ھنن انھيءَ ماڻھوءَ جي ماءُ⁠پيءُ کي سڏائي کانئن پڇيو تہ 19”ڇا ھي اوھان جو پٽ آھي؟ اوھين چئو ٿا تہ ھي ڄائي ڄم کان انڌو ھو، تہ پوءِ اھو ڪيئن ٿي سگھي ٿو تہ ھو ھاڻي ڏسي وائسي ٿو؟“ 20ھن جي ماءُ⁠پيءُ وراڻيو تہ ”اسين ڄاڻون ٿا تہ ھي اسان جو پٽ آھي ۽ ڄائي ڄم کان انڌو ھو. 21پر اھا خبر ڪانھي تہ ھاڻي ڪيئن ھو ڏسڻ وائسڻ لڳو آھي ۽ اسان کي اھا بہ خبر ڪانھي تہ ڪنھن ھن جو اکيون کوليون. اوھين کانئس پڇو، ھو بالغ آھي، پاڻ پنھنجي ڳالھہ ڪندو.“ 22سندس ماءُ⁠پيءُ ائين انھيءَ ڪري چيو، ڇالاءِ⁠جو ھو يھودي اڳواڻن کان ڊنا ٿي، جن اڳي ئي ٺھراءُ ڪري ڇڏيو ھو تہ جيڪڏھن ڪو ماڻھو عيسيٰ کي مسيح ڪري مڃيندو تہ ھو انھيءَ کي پنھنجي عبادت⁠گاھہ مان ڪڍي ڇڏيندا. 23اھو ئي سبب ھو جو انھيءَ ماڻھوءَ جي ماءُ⁠پيءُ چيو تہ ”ھو بالغ آھي سو اوھين کانئس پڇو.“
24ٻئي دفعي انھن وري انھيءَ ماڻھوءَ کي گھرايو جيڪو اڳي انڌو ھو ۽ کيس چيائون تہ ”تون خدا جي آڏو واعدو ڪر تہ سچ ڳالھائيندين. اسين ڄاڻون ٿا تہ اھو ماڻھو گنھگار آھي.“ 25انھيءَ ماڻھوءَ وراڻيو تہ ”مون کي خبر نہ آھي تہ ھو گنھگار آھي يا نہ. آءٌ رڳو اھو ڄاڻان ٿو تہ اڳي آءٌ انڌو ھوس ۽ ھاڻي ڏسان وائسان ٿو.“ 26تنھن تي انھن پڇيس تہ ”ھن تو کي ڇا ڪيو؟ ڪيئن تنھنجون اکيون کوليائين؟“ 27ھن وراڻيو تہ ”اڃا ھاڻي تہ مون اوھان کي ٻڌايو تہ بہ اوھان ڪونہ ٻڌو، وري ڇو ٿا ٻڌڻ چاھيو؟ اوھين بہ ھن جا شاگرد ٿيڻ چاھيو ٿا ڇا؟“ 28تنھن تي انھن ڦٽ لعنت ڪري چيس تہ ”تون ئي انھيءَ جو شاگرد آھين. اسين تہ موسيٰ جا شاگرد آھيون. 29اسين ڄاڻون ٿا تہ خدا موسيٰ سان ڳالھايو ھو، پر انھيءَ شخص بابت اسان کي ڪابہ خبر نہ آھي تہ ھو ڪٿان آيو آھي.“ 30تنھن تي انھيءَ ماڻھوءَ چيو تہ ”واہ! اھا تہ عجيب ڳالھہ آھي، ھُن منھنجون اکيون کوليون آھن، تڏھن بہ اوھان کي خبر نہ آھي تہ ھو ڪٿان آيو آھي. 31اسين ڄاڻون ٿا تہ خدا گنھگارن جي نہ ٻڌندو آھي، پر جيڪڏھن ڪو خداپرست آھي ۽ سندس مرضيءَ تي ھلي ٿو تہ خدا انھيءَ جي ٻڌي ٿو. 32ھن دنيا جي شروعات کان وٺي ائين ڪڏھن بہ ٻڌڻ ۾ ڪونہ آيو تہ ڄائي ڄم کان انڌي ماڻھوءَ جون ڪنھن بہ اکيون کوليون ھجن. 33جيڪڏھن ھي ماڻھو خدا جي طرفان نہ ھجي ھا تہ ڪجھہ بہ نہ ڪري سگھي ھا.“ 34تنھن تي انھن چيس تہ ”تون اصل ڄائو ئي گناھن ۾ آھين ۽ ھاڻي تون ٿو اسان کي سيکارين؟“ پوءِ تہ انھن کيس عبادت⁠خاني مان ڪڍي ڇڏيو.
روحاني انڌائپ
35جڏھن عيسيٰ ٻڌو تہ انھيءَ ماڻھوءَ کي عبادت⁠خاني مان ڪڍي ڇڏيو اٿن، تڏھن عيسيٰ کيس ڳولي وڃي لڌو ۽ چيائينس تہ ”ڇا تون ابن⁠آدم تي ايمان آڻين ٿو؟“ 36تنھن تي ھن پڇيس تہ ”سائين! اھو ڪير آھي جو آءٌ مٿس ايمان آڻيان؟“ 37عيسيٰ چيس تہ ”تو تہ کيس اڳي ئي ڏٺو آھي ۽ اھو ھاڻي تو سان ڳالھائي رھيو آھي.“ 38انھيءَ ماڻھوءَ چيو تہ ”اي خداوند! آءٌ ايمان آڻيان ٿو.“ پوءِ کيس سجدو ڪيائين.
39عيسيٰ چيس تہ ”آءٌ ھن دنيا ۾ انصاف ڪرڻ لاءِ آيو آھيان تہ جيئن انڌا ڏسن ۽ جيڪي ڏسن ٿا سي انڌا ٿين.“ 40پوءِ اھي فريسي جيڪي ساڻس گڏ ھئا، تن جڏھن اھي ڳالھيون ٻڌيون، تڏھن انھن پڇيس تہ ”ڇا اسين بہ انڌا آھيون؟“ 41عيسيٰ کين چيو تہ ”جيڪڏھن اوھين انڌا ھجو ھا تہ اوھان تي ڪو ڏوھہ نہ ٿئي ھا. پر ھاڻي تہ اوھين پاڻ چئو ٿا تہ ’اسين ڏسون ٿا،‘ سو اوھان تي ڏوھہ ثابت آھي.“

Currently Selected:

يوحنا 9: SCLNT

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in

YouVersion uses cookies to personalize your experience. By using our website, you accept our use of cookies as described in our Privacy Policy