YouVersion Logo
Search Icon

يوحنا 19

19
1تڏھن پلاطس عيسيٰ کي چھبڪ ھڻايا. 2سپاھين ڪنڊن جو تاج ٺاھي عيسيٰ جي مٿي تي رکيو. انھن کيس واڱڻائي رنگ جا ڪپڙا پھرايا، 3۽ وٽس ڦري ڦري اچي چوڻ لڳا تہ ”سلام، اي يھودين جا بادشاھہ!“ ان کان علاوہ ھنن کيس منھن تي چماٽون بہ ھنيون.
4پلاطس ھڪ دفعو وري ٻاھر آيو ۽ ماڻھن کي چيائين تہ ”اِجھو، آءٌ ھن کي ٻاھر اوھان وٽ وٺي ٿو اچان تہ جيئن اوھان کي خبر پوي تہ مون کي منجھس ڪوبہ ڏوھہ ڏسڻ ۾ نہ ٿو اچي.“ 5پوءِ عيسيٰ انھيءَ ڪنڊن جي تاج ۽ واڱڻائي ڪپڙن سان ٻاھر آيو ۽ پلاطس کين چيو تہ ”اِجھو، ھي آھي اھو ماڻھو.“ 6جڏھن سردار ڪاھنن ۽ پھريدارن عيسيٰ کي ڏٺو تہ اھي واڪا ڪري چوڻ لڳا تہ ”ھن کي صليب تي چاڙھيو، صليب تي.“ پر پلاطس چين تہ ”اوھين پاڻ وٺي وڃي صليب تي چاڙھيوس. مون کي تہ ھن ۾ ڪوبہ ڏوھہ ڏسڻ ۾ نہ ٿو اچي.“ 7تنھن تي انھن ماڻھن زور ڀري چيو تہ ”اسان وٽ شريعت آھي ۽ ان موجب ھو موت جي لائق آھي، ڇالاءِ⁠جو ھن خدا جو فرزند ھجڻ جي دعويٰ ڪئي آھي.“
8جڏھن پلاطس اھو ٻڌو تہ ھيڪاري اچي ڊپ ورتس. 9تڏھن ھو محلات ۾ موٽي ويو ۽ عيسيٰ کان پڇيائين تہ ”تون ڪٿان جو آھين؟“ پر عيسيٰ کيس ڪوبہ جواب نہ ڏنو. 10تنھن تي پلاطس چيس تہ ”ڇا تون مون سان نہ ٿو ڳالھائڻ چاھين؟ ياد رک، مون کي اھا اختياري مليل آھي تہ تو کي آزاد ڪريان يا صليب تي چاڙھايان.“ 11عيسيٰ وراڻيو تہ ”جيڪڏھن تو کي خدا جي طرفان اھو اختيار مليل نہ ھجي ھا تہ تنھنجو ڪو زور مون تي نہ ھلي ھا. سو جنھن ماڻھوءَ مون کي تنھنجي حوالي ڪيو آھي سو وڏو ڏوھدار آھي.“ 12انھيءَ کان پوءِ پلاطس جي اھا ڪوشش ھئي تہ عيسيٰ کي ڇڏي ڏئي، پر اھي ماڻھو واڪا ڪندا رھيا تہ ”جيڪڏھن اوھان ھن ماڻھوءَ کي ڇڏي ڏنو تہ اوھين قيصر جا سڄڻ نہ آھيو. جيڪو بہ پاڻ کي بادشاھہ ٿو سڏائي سو قيصر جي خلاف آھي.“ 13جڏھن پلاطس اھو ٻڌو تڏھن ھو عيسيٰ کي ٻاھر وٺي آيو ۽ جنھن جاءِ کي ”پٿريلو ٿلھو“ چوندا آھن ۽ عبرانيءَ ۾ ”گبٿا“ سڏيندا آھن، تنھن جاءِ تي رکيل عدالت جي ڪرسيءَ تي اچي ويٺو.
14اھو عيد فصح جي #تياريءَ جو ڏينھن: ھن مان مراد سبت يا ڪنھن عيد جي ڏينھن کان اڳ وارو ڏينھن آھي. ان ڏينھن يھودي کاڌو وغيرہ تيار ڪندا ھئا، ڇوتہ ٻئي ڏينھن سبت يعني آرام جو يا وڏو ڏينھن ھوندو ھو.تياريءَ جو ڏينھن ھو ۽ منجھند جو وقت ھو. پلاطس انھن ماڻھن کي چيو تہ ”اِجھو، ھي آھي اوھان جو بادشاھہ.“ 15پر انھن وڏي واڪي چيو تہ ”وٺي وڃونس، وٺي وڃونس ۽ وڃي صليب تي چاڙھي ڪوڪا ھڻوس.“ تنھن تي پلاطس انھن کان پڇيو تہ ”ڇا آءٌ اوھان جي بادشاھہ کي صليب تي چاڙھيان؟“ سردار ڪاھنن وراڻيو تہ ”قيصر کان سواءِ اسان جو ٻيو ڪوبہ بادشاھہ نہ آھي.“ 16تڏھن پلاطس عيسيٰ کي انھن جي حوالي ڪري ڇڏيو.
عيسيٰ کي صليب تي ڪوڪا ھڻڻ
(متي ۳۲‏:۲۷‎–۴۴، مرقس ۲۱‏:۱۵‎–۳۲، لوقا ۲۶‏:۲۳‎–۴۳)
پوءِ سپاھي عيسيٰ کي صليب تي چاڙھي ڪوڪا ھڻڻ لاءِ وٺي ويا. 17ھو پاڻ پنھنجو صليب کڻي انھيءَ جاءِ تي آيو جنھن کي عبرانيءَ ۾ ”گلگٿا“ يعني ”کوپريءَ واري جاءِ“ سڏيندا آھن. 18اتي ھنن کيس صليب تي چاڙھي ڪوڪا ھنيا ۽ ساڻس گڏ ٻن ٻين ماڻھن کي بہ صليب تي چاڙھيائون، ھڪڙي کي ھڪ پاسي ۽ ٻئي کي ٻئي پاسي ۽ وچ ۾ عيسيٰ کي. 19پلاطس ھڪ سرنامو لکائي صليب تي ھڻائي ڇڏيو، جنھن تي لکيل ھو تہ ”عيسيٰ ناصري، يھودين جو بادشاھہ.“ 20ڪيترن ئي يھودين اھو سرنامو پڙھيو، ڇاڪاڻ⁠تہ جنھن جاءِ تي عيسيٰ کي صليب تي چاڙھيو ھئائون سا جاءِ شھر جي ويجھو ھئي. اھي حرف عبراني، لاطيني ۽ يوناني ٻولين ۾ لکيل ھئا. 21يھودين جي سردار ڪاھنن پلاطس وٽ اعتراض ڪيو تہ ”ائين نہ لکايو تہ ’يھودين جو بادشاھہ،‘ پر ھيئن لکايو تہ ’ھن ماڻھوءَ يھودين جي بادشاھہ ھجڻ جي دعويٰ ڪئي ھئي.‘“ 22تنھن تي پلاطس وراڻين تہ ”جيڪو مون لکايو سو لکايو.“
23پوءِ سپاھي جڏھن عيسيٰ کي صليب تي چاڙھي ڪوڪا ھڻي چڪا تہ سندس ڪپڙن کي کڻي چار حصا ڪيائون، ھر ڪنھن لاءِ ھڪ حصو. پوءِ جبو بہ کنيائون، جيڪو اڻ⁠سبيل ھو ۽ مٿي کان وٺي ھيٺ تائين سڄو ئي ھڪڙي ڪپڙي جو ٺھيل ھو. 24#زب ۱۸‏:۲۲ تنھنڪري سپاھين پاڻ ۾ صلاح ڪئي تہ ’جبي کي ڦاڙيون نہ ٿا پر پُکا ٿا وجھون تہ اھو ڪنھن جو ٿو ٿئي.‘ اھو انھيءَ لاءِ ٿيو تہ جيئن پاڪ لکت پوري ٿئي، جنھن ۾ لکيل آھي تہ
”انھن منھنجا ڪپڙا پاڻ ۾ ورھائي کنيا
۽ منھنجي جبي لاءِ پُکا وڌائون.“ تنھنڪري سپاھين ائين ڪيو.
25عيسيٰ جي صليب جي ڀرسان سندس ماءُ ۽ ماسي، ڪلوپاس جي زال مريم ۽ مريم مگدليني بيٺيون ھيون. 26جڏھن عيسيٰ پنھنجي ماءُ ۽ انھيءَ شاگرد کي جنھن سان سندس پيار ھو، اتي ڀرسان بيٺل ڏٺو تہ ھن پنھنجي ماءُ کي چيو تہ ”اما! ھي تنھنجو پٽ آھي.“ 27وري انھيءَ شاگرد کي چيائين تہ ”ھيءَ تنھنجي ماءُ آھي.“ انھيءَ ئي ڏينھن اھو شاگرد کيس پنھنجي گھر رھائڻ لاءِ وٺي ويو.
عيسيٰ جو موت
(متي ۴۵‏:۲۷‎–۵۶، مرقس ۳۳‏:۱۵‎–۴۱، لوقا ۴۴‏:۲۳‎–۴۹)
28 # زب ۲۱‏:۶۹، ۱۵‏:۲۲ پوءِ جڏھن عيسيٰ ڄاتو تہ ھاڻي ھر ڳالھہ پوري ٿي چڪي آھي، تڏھن پاڪ لکت کي پوري ڪرڻ لاءِ ھن چيو تہ ”مون کي اڃ لڳي آھي.“ 29اتي ھڪڙو ٿانءُ ڪؤڙي مئي سان ڀريل رکيو ھو. تنھن مان انھن سپاھين فوم جھڙي ھڪ شيءِ ڀري زوفا جي ڪاٺيءَ تي رکي کيس چوسڻ لاءِ ڏني. 30عيسيٰ ڪؤڙي مئي وٺي چيو تہ ”ھاڻي پورو ٿيو.“ پوءِ سندس ڪنڌ لڙڪي پيو ۽ دم ڏنائين.
عيسيٰ جي پاسي ۾ نيزو ھڻڻ
31اھو #تياريءَ جو ڏينھن: ڏسو آيت ۱۴.تياريءَ جو ڏينھن ھو ۽ ايندڙ ڏينھن يھودين لاءِ خاص سبت جو ڏينھن ھو. تنھنڪري انھن نہ ٿي چاھيو تہ لاش صليبن تي ٽنگيل رھن. سو انھن پلاطس کي عرض ڪيو تہ ”صليب وارن جون ٽنگون ڀڳيون وڃن ۽ لاشا صليبن تان لاٿا وڃن.“ 32تنھن تي سپاھي آيا ۽ جيڪي عيسيٰ سان گڏ صليبن تي ٽنگيل ھئا تن مان پھريائين ھڪڙي جون ٽنگون ڀڳائون ۽ پوءِ ٻئي جون. 33پر جڏھن عيسيٰ وٽ آيا ۽ ڏٺائون تہ ھن اڳ ۾ ئي دم ڏنو آھي، تڏھن سندس ٽنگون نہ ڀڳائون. 34مگر سپاھين مان ھڪڙي عيسيٰ جي پاسي ۾ نيزو ھنيو تہ ھڪدم رت ۽ پاڻي نڪري آيو. 35جنھن ماڻھوءَ اھو ڏٺو تنھن شاھدي ڏني آھي ۽ سندس شاھدي سچي آھي. ھن کي خبر آھي تہ ھو سچ ٿو چوي ۽ اھا شاھدي انھيءَ لاءِ ڏئي ٿو تہ جيئن اوھين بہ ايمان آڻيو. 36#خر ۴۶‏:۱۲، ڳا ۱۲‏:۹، زب ۲۰‏:۳۴ اھو انھيءَ لاءِ ٿيو تہ جيئن پاڪ لکت پوري ٿئي جنھن ۾ لکيل آھي تہ
”ھن جو ھڪڙو بہ ھڏو نہ ڀڄندو.“ 37#زڪ ۱۰‏:۱۲، مڪا ۷‏:۱ وري ٻي لکت ۾ آھي تہ
”ماڻھو انھيءَ ڏانھن ڏسندا،
جنھن کي نيزو ھنيو ھئائون.“
عيسيٰ جو ڪفن دفن
(متي ۵۷‏:۲۷‎–۶۱، مرقس ۴۲‏:۱۵‎–۴۷، لوقا ۵۰‏:۲۳‎–۵۶)
38تنھن کان پوءِ ارمٿيا وارو يوسف، جيڪو يھودي اڳواڻن جي ڊپ ڪري ڳجھيءَ طرح عيسيٰ جو شاگرد ھو، سو پلاطس وٽ آيو ۽ کيس عرض ڪيائين تہ ”مون کي عيسيٰ جو لاش کڻي وڃڻ جي موڪل ڏيو.“ پلاطس کيس موڪل ڏني. پوءِ ھو اتي آيو ۽ لاش کڻي ھليو ويو. 39#يو ۱‏:۳‎–۲ نيڪديمس بہ ساڻس اچي گڏيو. ھي اھو ماڻھو ھو جنھن اڳ ۾ عيسيٰ سان رات جو ملاقات ڪئي ھئي. نيڪديمس مُرَ ۽ عُود ملائي کڻي آيو، جنھن جي تور اٽڪل چاليھہ ڪلوگرام ھئي. 40پوءِ جيئن يھودين ۾ دفن ڪرڻ جي رسم آھي تيئن انھن بہ عيسيٰ جي لاش کي خوشبوءِ لڳائي ڪفن ۾ ويڙھيو. 41جتي عيسيٰ کي صليب تي چاڙھيو ويو ھو، اتي ھڪڙو باغ ھو. انھيءَ باغ ۾ غار واري ھڪڙي نئين قبر کوٽيل ھئي جنھن ۾ اڃا تائين ڪنھن کي بہ دفن نہ ڪيو ويو ھو. 42جيئن تہ انھيءَ ڏينھن يھودين جي #تياريءَ جو ڏينھن: ڏسو آيت ۱۴.تياريءَ جو ڏينھن ھو تنھنڪري عيسيٰ کي کڻي اتي ئي دفن ڪيائون، ڇالاءِ⁠جو اھا قبر ويجھي ھئي.

Currently Selected:

يوحنا 19: SCLNT

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in

YouVersion uses cookies to personalize your experience. By using our website, you accept our use of cookies as described in our Privacy Policy