YouVersion Logo
Search Icon

يوحنا 16

16
1اھي سڀ ڳالھيون مون اوھان کي انھيءَ لاءِ ٻڌايون آھن تہ جيئن اوھين گمراھہ نہ ٿيو. 2ماڻھو اوھان کي عبادت⁠خانن مان ڪڍي ڇڏيندا ۽ اھو بہ وقت ايندو جڏھن ڪو اوھان کي ماري وجھندو ۽ ائين سمجھندو تہ ’آءٌ خدا جي خدمت ٿو ڪريان.‘ 3اھي ھي ڪم انھيءَ ڪري ڪندا، ڇالاءِ⁠جو انھن نہ پيءُ کي ۽ نڪي مون کي سڃاتو آھي. 4پر مون اھي ڳالھيون اوھان کي انھيءَ لاءِ ٻڌايون آھن تہ جڏھن اھا گھڙي اچي تہ اوھين ياد ڪريو تہ مون انھن بابت اڳي ئي اوھان کي ٻڌائي ڇڏيو ھو.“
پاڪ روح جو ڪم
”مون شروعات ۾ اھي ڳالھيون اوھان کي انھيءَ ڪري نہ ٻڌايون جو آءٌ اوھان سان گڏ ھوس. 5مگر ھاڻي آءٌ انھيءَ ڏانھن وڃي رھيو آھيان جنھن مون کي موڪليو آھي. پر اڃا تائين اوھان مان ڪنھن بہ مون کان اھو نہ پڇيو آھي تہ ’تون ڪيڏانھن وڃي رھيو آھين؟‘ 6منھنجي ھنن ڳالھين ٻڌائڻ جي ڪري اوھين ڏک سان ڀرجي ويا آھيو. 7پر آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ اوھان لاءِ اھو وڌيڪ چڱو آھي تہ آءٌ ھليو وڃان، ڇاڪاڻ⁠تہ جيڪڏھن آءٌ نہ ويندس تہ اھو مددگار اوھان وٽ نہ ايندو. پر جيڪڏھن آءٌ ويندس تہ پوءِ ھن کي اوھان ڏانھن ضرور موڪليندس. 8جڏھن ھو ايندو تڏھن سڄيءَ دنيا کي گناھہ، سچائيءَ ۽ انصاف جي نسبت ڏوھاري ٺھرائيندو: 9گناھہ جي نسبت ھيئن جو ماڻھو مون تي ايمان نہ ٿا آڻين، 10سچائيءَ جي نسبت ھيئن جو آءٌ پنھنجي پيءُ ڏانھن وڃي رھيو آھيان، تنھنڪري اوھين مون کي وڌيڪ نہ ڏسندا 11#يو ۳۱‏:۱۲ ۽ انصاف جي نسبت ھيئن جو #دنيا جي سردار: يعني شيطاندنيا جي سردار جو فيصلو ٿي چڪو آھي.
12مون کي اڃا اوھان سان گھڻيون ئي ڳالھيون ڪرڻيون آھن، پر ھاڻي اوھين سھي ڪين سگھندا. 13جڏھن سچ جو پاڪ روح ايندو، تڏھن ھو اوھان کي سموري سچ ڏانھن وٺي ويندو. ھو پنھنجي طرفان ڪجھہ بہ نہ ڳالھائيندو، پر جيڪي ڳالھيون ٻڌندو سي ئي چوندو ۽ جيڪي ٿيڻو آھي سو اوھان کي کولي ٻڌائيندو. 14ھو منھنجو جلوو ظاھر ڪندو، ڇاڪاڻ⁠تہ منھنجون ڳالھيون اوھان کي کولي ٻڌائيندو. 15جيڪي ڪجھہ منھنجي پيءُ جو آھي سو منھنجو آھي. اھو ئي سبب آھي جو مون اوھان کي چيو تہ پاڪ روح منھنجون ڳالھيون اوھان کي کولي ٻڌائيندو.“
خوشي ۽ غم
16”ٿوريءَ دير کان پوءِ اوھين مون کي ڪين ڏسندا ۽ وري ٿوريءَ دير کان پوءِ اوھين مون کي ڏسندا.“ 17تڏھن سندس شاگردن مان ڪي پاڻ ۾ چوڻ لڳا تہ ”ھن جو مطلب ڇا آھي جو ھو اسان کي چوي ٿو تہ ’ٿوريءَ دير کان پوءِ اوھين مون کي ڪين ڏسندا ۽ وري ٿوريءَ دير کان پوءِ اوھين مون کي ڏسندا‘؟ ھو ھيئن بہ چوي ٿو تہ ’اھو انھيءَ ڪري جو آءٌ پنھنجي پيءُ وٽ وڃي رھيو آھيان.‘ 18انھيءَ ٿوريءَ دير جو مطلب ڇا آھي؟ اسان کي تہ انھن ڳالھين جي خبر نہ ٿي پوي.“ 19عيسيٰ ڄاتو پئي تہ سندس شاگرد کانئس ڪجھہ پڇڻ گھرن ٿا، سو کين چيائين تہ ”ڇا اوھين ھڪٻئي کان اھو پڇي رھيا آھيو جيڪو مون چيو تہ ’ٿوريءَ دير کان پوءِ اوھين مون کي ڪين ڏسندا ۽ وري ٿوريءَ دير کان پوءِ اوھين مون کي ڏسندا؟‘ 20آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ اوھين روئندا ۽ پٽيندا پر دنيا خوش ٿيندي. اوھان کي ڏک ٿيندو پر اوھان جو ڏک خوشيءَ ۾ بدلجي ويندو. 21جڏھن عورت ٻار ڄڻڻ تي ھوندي آھي تڏھن ھوءَ سورن ۾ ھوندي آھي، ڇالاءِ⁠جو اھا ھن جي لاءِ سورن جي گھڙي آھي. پر جڏھن ٻار ڄڻيندي آھي تڏھن کانئس سڀ سور وسري ويندا آھن، ڇالاءِ⁠جو ھوءَ خوش ٿيندي آھي تہ ھن ھڪ ٻار کي دنيا ۾ جنم ڏنو آھي. 22اوھان سان بہ ائين ئي ٿيندو. ھاڻي اوھان جي سورن جو وقت آھي. پر آءٌ اوھان سان وري ضرور ملندس. تڏھن اوھين ڏاڍا خوش ٿيندا ۽ اوھان جي اھا خوشي اوھان کان ڪوبہ کسي نہ سگھندو.
23جڏھن اھو ڏينھن ايندو تڏھن اوھين مون کان ڪجھہ بہ نہ گھرندا. پر آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ پيءُ اوھان کي اھو سڀ ڪجھہ ڏيندو، جيڪو اوھين کانئس منھنجي نالي تي گھرندا. 24ھن وقت تائين اوھان منھنجي نالي تي ڪجھہ ⁠بہ ڪين گھريو آھي، سو گھرو تہ مليوَ، تہ جيئن اوھان جي خوشي پوري ٿئي.“
دنيا تي فتح
25”ھن وقت تائين مون اوھان کي اھي ڳالھيون مثالن ۾ پئي ٻڌايون آھي، پر اھو وقت ايندو جڏھن آءٌ اوھان سان مثالن ۾ نہ ڳالھائيندس، پر اوھان سان پيءُ بابت صاف صاف ڳالھائيندس. 26انھيءَ ڏينھن اوھين منھنجي نالي تي گھرندا. آءٌ اوھان کي ائين نہ ٿو چوان تہ اوھان لاءِ پيءُ کي ڪو سوال ڪندس، 27ڇالاءِ⁠جو پيءُ پاڻ اوھان سان انھيءَ لاءِ پيار ڪري ٿو جو اوھان مون سان پيار ڪيو آھي ۽ ايمان آندو اٿوَ تہ آءٌ پيءُ وٽان آيو آھيان. 28آءٌ پيءُ وٽان نڪري دنيا ۾ آيس ۽ ھاڻي دنيا کي ڇڏي پيءُ ڏانھن موٽي وڃان ٿو.“
29تنھن تي شاگردن کيس چيو تہ ”ھاڻي تہ اوھين صاف صاف ڳالھائي رھيا آھيو ۽ مثالن ۾ نہ ٿا ڳالھايو. 30ھاڻي اسين ڄاڻون ٿا تہ اوھان کي سڀني ڳالھين جي خبر آھي ۽ ضروري نہ آھي تہ اوھان کان ڪو سوال جواب ڪيو وڃي. انھيءَ سبب جو اسان ايمان آندو آھي تہ اوھين خدا وٽان آيا آھيو.“ 31تنھن تي عيسيٰ کين وراڻيو تہ ”ڇا اوھين ھاڻي ايمان آڻيو ٿا؟ 32تہ پوءِ ڏسو، اھا گھڙي اچي رھي آھي، بلڪ اچي پھتي آھي جڏھن اوھين سڀيئي ڇڙوڇڙ ٿي ويندا ۽ ھر ڪو پنھنجي پنھنجي گھر ھليو ويندو ۽ مون کي اڪيلو ڇڏي ڏيندا. پر حقيقت ۾ آءٌ اڪيلو نہ آھيان، ڇاڪاڻ⁠تہ پيءُ مون سان گڏ آھي. 33مون اھي ڳالھيون اوھان کي انھيءَ لاءِ ٻڌايون آھن تہ جيئن مون سان گڏجي ھڪ ٿيڻ ڪري اوھان کي اطمينان ملي. ھن دنيا ۾ اوھان کي ڏک ملندا پر دلجاءِ ڪريو جو مون دنيا تي فتح حاصل ڪئي آھي.“

Currently Selected:

يوحنا 16: SCLNT

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in

YouVersion uses cookies to personalize your experience. By using our website, you accept our use of cookies as described in our Privacy Policy