YouVersion Logo
Search Icon

يوحنا 11

11
لعزر جو موت
1 # لو ۳۸‏:۱۰‎–۳۹ لعزر نالي ھڪ ماڻھو جيڪو بيت⁠عنياہ ۾ رھندو ھو سو بيمار ٿي پيو. بيت⁠عنياہ اھو ڳوٺ آھي جنھن ۾ مريم ۽ سندس ڀيڻ مارٿا رھنديون ھيون. 2#يو ۳‏:۱۲ ھيءَ مريم اھا ھئي جنھن خداوند کي عطر مکي پنھنجن وارن سان سندس پير اُگھيا ھئا، تنھن جو ڀاءُ لعزر بيمار ھو. 3ٻنھي ڀينرن عيسيٰ کي چوا ئي موڪليو تہ ”خداوند! اوھان جو پيارو دوست بيمار آھي.“ 4عيسيٰ اھو ٻڌي چيو تہ ”لعزر جي اھا بيماري موت واري نہ آھي، بلڪ انھيءَ سان خدا جو جلال ظاھر ٿيندو، ڇالاءِ⁠جو سندس فرزند جي واکاڻ ٿيندي.“
5عيسيٰ جو مارٿا، سندس ڀيڻ ۽ لعزر سان پيار ھو. 6مگر لعزر جي بيماريءَ بابت ٻڌڻ جي باوجود بہ ھو جتي ھو اتي ٻہ ڏينھن وڌيڪ ترسي پيو. 7پوءِ ھن شاگردن کي چيو تہ ”ھلو تہ يھوديہ ڏانھن موٽي ھلون.“ 8تنھن تي شاگردن چيس تہ ”اي استاد! اڃا تازو ماڻھو اوھان کي سنگسار ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رھيا ھئا ۽ اوھين وري اوڏانھن موٽي ھلو ٿا؟“ 9عيسيٰ وراڻيو تہ ”ڇا ھڪ ڏينھن ۾ ٻارھن ڪلاڪ نہ آھن؟ سو جيڪڏھن ڪو ماڻھو ڏينھن جي روشنيءَ ۾ گھمندو تہ ٿاٻو نہ کائيندو، ڇاڪاڻ⁠تہ ھو دنيا جي روشني ڏسي رھيو آھي. 10پر جيڪڏھن ھو رات جي اونداھيءَ ۾ گھمندو تہ ضرور ٿاٻو کائيندو، ڇاڪاڻ⁠تہ ھن کي روشني نہ آھي.“ 11عيسيٰ ھن کان پوءِ وڌيڪ چيو تہ ”اسان جو دوست لعزر ننڊ پيو آھي، پر آءٌ وڃي کيس ننڊ مان اٿاريندس.“ 12تنھن تي شاگردن چيس تہ ”اي خداوند! جيڪڏھن لعزر ننڊ ۾ آھي تہ بچي پوندو.“ 13عيسيٰ تہ لعزر جي موت بابت ٿي ڳالھہ ڪئي، پر ھنن سمجھيو تہ عيسيٰ ننڊ ۾ سمھي آرام ڪرڻ بابت ٿو چوي. 14تنھنڪري عيسيٰ صاف چين تہ ”لعزر مري ويو آھي. 15آءٌ اوھان جي خاطر خوش آھيان جو اتي نہ ھوس تہ جيئن اوھين ايمان آڻيو. ھاڻي ھلو تہ وٽس ھلون.“ 16تنھن تي توما جنھن کي جاڙو بہ سڏيندا ھئا، تنھن پنھنجي ساٿي شاگردن کي چيو تہ ”اچو تہ اسين بہ ھلون تہ جيئن اسين بہ ھن سان گڏ مرون.“
عيسيٰ قيامت ۽ زندگي آھي
17جڏھن عيسيٰ اتي پھتو تہ کيس معلوم ٿيو تہ لعزر کي دفن ڪئي چار ڏينھن گذري چڪا آھن. 18بيت⁠عنياہ يروشلم کان ٽي ڪلوميٽر بہ پري نہ ھو. 19سو ڪيترائي يھودي مارٿا ۽ مريم سان سندن ڀاءُ جو عذر ڪرڻ لاءِ آيا ھئا.
20جڏھن مارٿا ٻڌو تہ عيسيٰ اچي رھيو آھي تہ ھوءَ کيس ملڻ لاءِ اڳڀرو ويئي پر مريم گھر ۾ ئي ويٺي رھي. 21مارٿا عيسيٰ کي چيو تہ ”اي خداوند! جيڪڏھن اوھين ھتي ھجو ھا تہ منھنجو ڀاءُ نہ مري ھا. 22پر مون کي خبر آھي تہ جيڪڏھن ھاڻي بہ اوھين خدا کان جو ڪجھہ گھرندا سو ھو اوھان کي ڏيندو.“ 23تنھن تي عيسيٰ چيس تہ ”تنھنجو ڀاءُ وري جيئرو ٿيندو.“ 24مارٿا وراڻيو تہ ”مون کي خبر آھي تہ ھو قيامت جي وقت آخرت جي ڏينھن وري جيئرو ٿي اٿندو.“ 25عيسيٰ کيس چيو تہ ”قيامت ۽ زندگي تہ آءٌ آھيان. جيڪو بہ مون تي ايمان آڻي ٿو سو جيتوڻيڪ مري وڃي تہ بہ زندہ رھندو، 26۽ جيڪو بہ جيئرو آھي ۽ مون تي ايمان ٿو آڻي سو ڪڏھن بہ نہ مرندو. ڇا تنھنجو ھن ڳالھہ تي ايمان آھي؟“ 27مارٿا وراڻيو تہ ”ھائو خداوند! مون کي پڪو يقين آھي تہ خدا جو فرزند مسيح، جيڪو دنيا ۾ اچڻو ھو سي اوھين ئي آھيو.“
عيسيٰ جو روئڻ
28ھن چوڻ کان پوءِ مارٿا موٽي ويئي ۽ پنھنجي ڀيڻ مريم کي پنھنجي منھن سڏي چيائين تہ ”ادي! استاد آيو آھي ۽ تو کي سڏي ٿو.“ 29اھا ڳالھہ ٻڌڻ شرط مريم ھڪدم اٿي کڙي ٿي ۽ عيسيٰ وٽ ويئي. 30عيسيٰ اڃا تائين ڳوٺ ۾ ڪين پھتو ھو، پر اتي ئي ھو جتي مارٿا وڃي ساڻس ملي ھئي. 31يھودي جيڪي مريم سان گھر ۾ ويٺا ھئا ۽ دلداري پئي ڏنائونس، تن جڏھن مريم کي تڪڙو تڪڙو ٻاھر ويندي ڏٺو تڏھن اھي بہ ھن جي پٺيان ويا جو انھن سمجھيو تہ ھوءَ ڀاءُ جي قبر تي روئڻ وڃي ٿي.
32جڏھن مريم عيسيٰ وٽ پھتي ۽ ھن کي ڏٺائين تہ پيرن تي ڪري پيس ۽ چيائينس تہ ”خداوند! جيڪڏھن اوھين ھتي ھجو ھا تہ منھنجو ڀاءُ مري ئي ڪين ھا.“ 33عيسيٰ جڏھن کيس روئندي ڏٺو ۽ ڏٺائين تہ ماڻھو جيڪي ساڻس گڏ آيا ھئا سي بہ روئن پيا، تڏھن سندس دل ڀرجي آئي ۽ کيس ڏاڍو ڏک ٿيو. 34ھن کانئن پڇيو تہ ”اوھان کيس ڪٿي دفن ڪيو آھي؟“ انھن وراڻيو تہ ”اي خداوند! ھلي ڏسو.“ 35عيسيٰ روئي ڏنو. 36تنھن تي يھودي چوڻ لڳا تہ ”ڏسو، لعزر سان کيس ڪيترو نہ پيار ھو.“ 37پر انھن مان ڪن چيو تہ ”ھن انڌي ماڻھوءَ جون اکيون کوليون ھيون نہ؟ ڇا ھو ائين نہ ٿي ڪري سگھيو جو لعزر اصل مري ئي نہ ھا؟“
لعزر جو وري جيئرو ٿيڻ
38پوءِ عيسيٰ جي دل وري بہ ڀرجي آئي ۽ ھو قبر تي آيو. اھا قبر ھڪ غار ھئي جنھن جي منھن تي پٿر ڏنل ھو. 39عيسيٰ چيو تہ ”ھن پٿر کي پري ھٽايو.“ فوتيءَ جي ڀيڻ مارٿا کيس چيو تہ ”اي خداوند! اندر تہ بانس ھوندي، ڇالاءِ⁠جو ھن کي دفن ڪئي چار ڏينھن گذري ويا آھن.“ 40عيسيٰ ھن کي چيو تہ ”مون تو کي ڪين چيو ھو تہ جيڪڏھن تون ايمان آڻيندينءَ تہ خدا جو جلوو ڏسندينءَ؟“ 41تڏھن ھنن پٿر پري ھٽايو. پوءِ عيسيٰ مٿي نھاري چيو تہ ”اي بابا! آءٌ تنھنجو شڪرگذار آھيان جو تو منھنجي ٻڌي آھي. 42مون کي تہ خبر آھي تہ تون ھميشہ منھنجي ٻڌندو آھين. پر ھي ماڻھو جيڪي ھتي بيٺا آھن، تن کي اھو ڏيکارڻ لاءِ آءٌ دعا ٿو گھران تہ جيئن اھي ايمان آڻين تہ تو ئي مون کي موڪليو آھي.“ 43ائين چوڻ کان پوءِ عيسيٰ وڏي واڪي چيو تہ ”اي لعزر! ٻاھر نڪري اچ.“ 44تنھن تي مئل ماڻھو ٻاھر نڪري آيو. ھن جا ھٿ ۽ پير ڪفن سان ٻڌل ھئا ۽ سندس منھن رومال سان ويڙھيل ھو. عيسيٰ انھن ماڻھن کي چيو تہ ”ھن کي کوليو ۽ ڇڏيوس تہ وڃي.“
عيسيٰ خلاف سازش
(متي ۱‏:۲۶‎–۵، مرقس ۱‏:۱۴‎–۲، لوقا ۱‏:۲۲‎–۲)
45جيڪي يھودي مريم وٽ آيا ھئا، تن مان ڪيترن ئي جڏھن عيسيٰ جو ھي ڪم ڏٺو تڏھن مٿس ايمان آندائون. 46پر انھن مان ڪي فريسين وٽ ويا ۽ عيسيٰ جيڪي ڪجھہ ڪيو ھو سو وڃي کين ٻڌايائون. 47تنھن تي فريسي ۽ سردار ڪاھن ڪائونسل گڏ ڪري چوڻ لڳا تہ ”اسين ھاڻي ڇا ڪريون؟ ھي ماڻھو تہ گھڻا ئي معجزا پيو ڪري. 48جيڪڏھن اسين ھن کي ائين ڪندي ڇڏي ڏينداسون تہ پوءِ ھر ڪو مٿس ايمان آڻيندو ۽ رومي حاڪم اسان تي قدم کڻندا. پوءِ ھو اسان جي ھيڪل ۽ سڄي قوم کي تباھہ ڪري ڇڏيندا.“ 49انھن مان ھڪڙي شخص جو نالو قائفا ھو جيڪو انھيءَ سال جو وڏو سردار ڪاھن ھو، تنھن چيو تہ ”اوھان کي خبر ئي ڪانہ ٿي پوي. 50اوھين اھو سمجھو ئي نہ ٿا تہ اوھان جي لاءِ ھي بھتر ٿيندو جو ھڪڙو ماڻھو قوم لاءِ مري ۽ نہ سڄي قوم تباھہ ٿئي.“ 51حقيقت ۾ ھن جيڪي لفظ چيا سي پنھنجي طرفان نہ چيائين، پر جيئن تہ ھو انھيءَ سال جو وڏو سردار ڪاھن ھو، تنھنڪري ھن اھي لفظ اڳڪٿي ڪري چيا تہ عيسيٰ يھودي قوم لاءِ مرندو، 52نہ رڳو قوم لاءِ پر انھيءَ لاءِ تہ خدا جا ٻار جيڪي ڇڙوڇڙ ٿيل آھن تن کي گڏي ھڪ ڪري. 53انھيءَ ڏينھن کان وٺي يھودي اڳواڻ عيسيٰ کي مارڻ جون سازشون سٽڻ لڳا. 54تنھنڪري عيسيٰ انھيءَ ڏينھن کان پوءِ يھودين ۾ کليو کلايو نہ گھمندو ھو. پر ھو اتان رڻ⁠پٽ جي ڀر واري علائقي ڏانھن ھليو ويو ۽ افرائيم نالي ھڪ ڳوٺ ۾ پنھنجي شاگردن سان گڏ رھڻ لڳو.
55يھودي قوم جي عيد فصح ويجھي ھئي، سو ڪيترائي ماڻھو ٻھراڙيءَ کان يروشلم ۾ آيا ھئا تہ جيئن ھو عيد فصح کان اڳ پاڻ کي پاڪ ڪن. 56اھي عيسيٰ کي ڳولي رھيا ھئا، سو جيئن اھي ھيڪل ۾ گھڙيا تہ ھڪٻئي کان پڇڻ لڳا تہ ”ڇا ٿا ڀانئيو تہ ھو ايندو يا نہ؟“ 57سردار ڪاھنن ۽ فريسين ھي حڪم ڏيئي ڇڏيو تہ ”جيڪڏھن ڪنھن کي خبر ھجي تہ عيسيٰ ڪٿي آھي تہ اھو ضرور ٻڌائي تہ جيئن کيس پڪڙيو وڃي.“

Currently Selected:

يوحنا 11: SCLNT

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in

YouVersion uses cookies to personalize your experience. By using our website, you accept our use of cookies as described in our Privacy Policy