YouVersion Logo
Search Icon

يوحنا 1

1
زندگيءَ جو ڪلام
1دنيا جي شروعات کان اڳي ئي ڪلام موجود ھو، ڪلام خدا سان ھو ۽ ڪلام خدا ھو. 2اھو ئي شروعات ۾ خدا سان ھو. 3سڀيئي شيون ھن جي وسيلي پيدا ٿيون آھن ۽ جيڪا بہ شيءِ پيدا ٿي آھي، سا ھن کان سواءِ نہ بڻائي ويئي آھي. 4ڪلام ئي زندگي ڏيندڙ ھو ۽ اھا زندگي ئي انسانن لاءِ روشني ھئي. 5روشني اوندھہ ۾ چمڪي ٿي ۽ اوندھہ ڪڏھن بہ روشنيءَ تي غالب نہ آئي آھي.
6 # مت ۱‏:۳، مر ۴‏:۱، لو ۱‏:۳‎–۲ يحيٰ نالي ھڪڙو شخص آيو، جيڪو خدا وٽان موڪليو ويو ھو. 7اھو شاھد ٿي آيو تہ جيئن روشنيءَ بابت شاھدي ڏئي ۽ سڀيئي ماڻھو ان روشنيءَ تي ايمان آڻين. 8ھو پاڻ تہ روشني نہ ھو، پر روشنيءَ بابت شاھدي ڏيڻ لاءِ آيو ھو. 9اھا سچي روشني جيڪا ھر ھڪ انسان تي چمڪي ٿي سا اچڻ واري ھئي.
10ڪلام دنيا ۾ ھو ۽ ھن جي ئي وسيلي دنيا پيدا ڪئي ويئي، تہ بہ دنيا ھن کي نہ سڃاتو. 11ھو پنھنجن وٽ آيو، مگر پنھنجن کيس قبول نہ ڪيو. 12پر جن بہ کيس قبول ڪيو يعني مٿس ايمان آندو، تن کي اھو حق ڏنائين تہ ھو خدا جا ٻار ٿين. 13اھي رواجي طرح جسماني خواھش يا انساني مرضيءَ سان خدا جا ٻار نہ ٿيا، پر خدا خود کين پنھنجو ٻار بڻايو.
14ڪلام انساني صورت ۾ آيو ۽ اچي اسان سان گڏ رھيو. اسان سندس جلوو ڏٺو، جيڪو ھن کي پيءُ جي ھڪڙي ئي فرزند ھئڻ ڪري مليو ۽ ھو فضل ۽ سچائيءَ سان ڀرپور ھو.
15يحيٰ ھن بابت شاھدي ڏيندي وڏي واڪي چيو ھو تہ ”ھي اھو آھي، جنھن بابت مون چيو ھو تہ ’جيڪو منھنجي پٺيان ٿو اچي سو مون کان وڏو آھي، ڇالاءِ⁠جو ھو منھنجي پيدا ٿيڻ کان اڳي ئي موجود ھو.‘“
16ھن جي فضل جي گھڻائيءَ جي ڪري اسان سڀني کي بخشش پٺيان بخشش ملي آھي. 17شريعت موسيٰ جي معرفت ملي، پر فضل ۽ سچائي عيسيٰ مسيح جي معرفت مليا. 18ڪنھن بہ ماڻھوءَ خدا کي ڪڏھن ڪونہ ڏٺو آھي پر سندس اڪيلي ئي فرزند، جيڪو سندس پاسي ۾ آھي، تنھن ئي کيس ظاھر ڪيو آھي.
يحيٰ بپتسما ڏيڻ واري جي شاھدي
(متي ۱‏:۳‎–۱۲، مرقس ۱‏:۱‎–۸، لوقا ۱‏:۳‎–۱۸)
19يحيٰ جي شاھدي ھن طرح آھي تہ جڏھن يروشلم جي يھودي اڳواڻن يحيٰ ڏانھن ڪاھن ۽ لاوي موڪليا، جن اچي کانئس پڇيو تہ ”تون ڪير آھين؟“ 20تڏھن يحيٰ جواب ڏيڻ کان انڪار نہ ڪيو، بلڪ کليو کلايو صاف چئي ڏنائين تہ ”آءٌ مسيح نہ آھيان.“ 21#شر ۱۵‏:۱۸‏،۱۸، ملا ۵‏:۴ انھن پڇيس تہ ”پوءِ تون ڪير آھين؟ ڇا تون الياس نبي آھين؟“ يحيٰ وراڻين تہ ”نہ، آءٌ الياس نہ آھيان.“ انھن چيو تہ ”ڇا ڀلا تون #اھو نبي: جيئن تہ ماڻھن جو خيال ھو تہ ھڪ نبي ايندو جيڪو مسيح جي اچڻ بابت ٻڌائيندو.اھو نبي آھين، جيڪو اچڻو آھي؟“ يحيٰ وراڻين تہ ”نہ.“ 22تنھن تي انھن چيس تہ ”پوءِ ٻڌاءِ تہ تون ڪير آھين؟ اسان کي جواب وٺي انھن کي ٻڌائڻو آھي جن اسان کي موڪليو آھي. تون پنھنجي بابت ڇا ٿو چوين؟“
23 # يس ۳‏:۴۰ تنھن تي يحيٰ يسعياہ نبيءَ جا ھي لفظ ورجايا تہ
”آءٌ اھو آواز آھيان، جو رڻ⁠پٽ ۾ پڪاري ٿو تہ
’خداوند جي لاءِ واٽ سڌي ڪريو.‘“
24جن کي موڪليو ويو ھو تن مان ڪي فريسي ھئا. 25سو انھن يحيٰ کان پڇيو تہ ”جيڪڏھن تون نہ مسيح آھين، نہ الياس نبي آھين ۽ نڪي اھو نبي آھين تہ پوءِ تون ڇو ٿو بپتسما ڏين؟“ 26يحيٰ جواب ڏنو تہ ”آءٌ پاڻيءَ سان بپتسما ڏيان ٿو. اوھان منجھہ ڪو اھڙو آھي جنھن کي اوھين نہ ٿا سڃاڻو، 27۽ ھو مون کان پوءِ اچي رھيو آھي. پر آءٌ انھيءَ لائق بہ نہ آھيان جو سندس جتيءَ جون ڪھيون کوليان.“
28اھي سڀ ڳالھيون بيت⁠عنياہ ۾ اردن درياءَ جي اڀرندي پاسي ٿيون، جتي يحيٰ بپتسما ڏيئي رھيو ھو.
خدا جو گھيٽو
29ٻئي ڏينھن تي يحيٰ عيسيٰ کي پاڻ ڏانھن ايندي ڏسي چيو تہ ”ڏسو، ھي خدا جو گھيٽو آھي، جيڪو دنيا جا گناھہ کڻي وڃي ٿو. 30ھي اھو ئي آھي جنھن بابت مون چيو ھو تہ منھنجي پٺيان ھڪ اھڙو شخص ٿو اچي جيڪو مون کان وڏو آھي، ڇالاءِ⁠جو ھو منھنجي پيدا ٿيڻ کان اڳي ئي موجود ھو. 31مون کيس نہ ٿي سڃاتو. پر آءٌ پاڻيءَ سان بپتسما ڏيندو آيس، انھيءَ لاءِ تہ ھو بني اسرائيل جي اڳيان ظاھر ٿئي.“
32يحيٰ شاھدي ڏيندي چيو تہ ”مون پاڪ روح کي ڪبوتر وانگر آسمان مان لھندي ۽ مٿس ويھندي ڏٺو آھي. 33مون اڃا تائين بہ کيس نہ سڃاتو ھو، پر خدا جنھن مون کي پاڻيءَ سان بپتسما ڏيڻ لاءِ موڪليو آھي تنھن مون کي چيو تہ ’تون جنھن ماڻھوءَ تي روح کي لھندو ۽ ويھندو ڏسين سو ئي اٿيئي جيڪو ماڻھن کي پاڪ روح سان بپتسما ڏيندو.‘ 34مون اھو ڏٺو آھي ۽ شاھدي ٿو ڏيان تہ ھيءُ خدا جو فرزند آھي.“
عيسيٰ جا پھريان شاگرد
35ٻئي ڏينھن تي وري يحيٰ پنھنجي ٻن شاگردن سان گڏ بيٺو ھو 36تہ اتي ھن عيسيٰ کي لنگھندي ڏٺو. تنھن تي ھن عيسيٰ ڏانھن نھاري چيو تہ ”ڏسو، اھو اٿوَ خدا جو گھيٽو.“ 37ٻنھي شاگردن يحيٰ جي اھا ڳالھہ ٻڌي عيسيٰ جي پٺيان ھلڻ شروع ڪيو. 38عيسيٰ ڦري انھن کي پنھنجي پويان ايندي ڏسي چيو تہ ”اوھان کي ڇا گھرجي؟“ تنھن تي انھن جواب ڏنو تہ ”#اي ربي (يعني استاد): ترجمي ۾ بريڪيٽ ۾ ڏنل لفظ اصلي متن ۾ ڏنل آھن. ھتي عبراني لفظ ”ربي“ جي سمجھائڻ لاءِ ليکڪ يوناني لفظ ڏئي ٿو جنھن جي معنيٰ آھي ”استاد.“ ڏسو ۴۱‏:۱ پڻ.اي ربي (يعني استاد)! اوھين ڪٿي رھو ٿا؟“ 39عيسيٰ جواب ڏنو تہ ”ھلي ڏسو.“ پوءِ اھي ساڻس گڏ ھليا ۽ اھا جاءِ ڏٺائون جتي ھو رھندو ھو ۽ اھو ڏينھن ھن سان گڏ گذاريائون. اھو اٽڪل ٽپھريءَ جو وقت ھو.
40جن ٻن ڄڻن يحيٰ جي ڳالھہ ٻڌي ھئي ۽ عيسيٰ جي پٺيان ھلڻ لڳا ھئا، تن ۾ ھڪڙو شمعون پطرس جو ڀاءُ اندرياس ھو. 41جلد ئي اندرياس پنھنجي ڀاءُ شمعون پطرس کي ڳولي لڌو ۽ کيس ٻڌايائين تہ ”اسان مسيح کي ڏٺو آھي.“ (مسيح جي معنيٰ ”مسح ڪيل“ آھي.) 42پوءِ ھو شمعون کي عيسيٰ وٽ وٺي آيو. عيسيٰ ھن ڏانھن نھاري چيو تہ ”تون يوحنا جو پٽ شمعون آھين، تون #ڪيفا: يا پطرس، جن جي معنيٰ آھي ”ٽڪر“.ڪيفا جي نالي سان سڏبين.“
فلپس ۽ نٿن⁠ايل کي سڏڻ
43ٻئي ڏينھن تي عيسيٰ گليل ڏانھن وڃڻ جو ارادو ڪيو. ھو وڃي فلپس سان مليو ۽ کيس چيائين تہ ”منھنجي پٺيان اچ.“ 44فلپس بيت⁠صيدا شھر جو ويٺل ھو، جتي اندرياس ۽ پطرس بہ رھندا ھئا. 45فلپس نٿن⁠ايل سان مليو ۽ کيس ٻڌايائين تہ ”جنھن بابت موسيٰ توريت ۾ ذڪر ڪيو آھي ۽ ٻين نبين پڻ لکيو آھي، سو اسان کي ملي ويو آھي. اھو يوسف جو پٽ عيسيٰ آھي ۽ ناصرت کان آيو آھي.“ 46نٿن⁠ايل ھن کي چيو تہ ”ناصرت مان بہ ڪا چڱي شيءِ نڪري سگھي ٿي ڇا؟“ تنھن تي فلپس چيس تہ ”ڀلا ھلي ڏس.“
47جڏھن عيسيٰ نٿن⁠ايل کي پاڻ ڏانھن ايندي ڏٺو، تڏھن سندس بابت چيائين تہ ”اِجھو، ھي بني اسرائيل جو سچو ماڻھو اٿوَ، ھن ۾ ڪابہ ڏنگائي ڪانہ آھي.“ 48تنھن تي نٿن⁠ايل کانئس پڇيو تہ ”اوھين مون کي ڪيئن ٿا سڃاڻو؟“ عيسيٰ وراڻيس تہ ”فلپس جي تو کي سڏڻ کان اڳ ۾ مون تو کي انجير جي وڻ ھيٺان ڏٺو ھو.“ 49نٿن⁠ايل چيو تہ ”استاد! اوھين تہ خدا جا فرزند آھيو. اوھين بني اسرائيل جا بادشاھہ آھيو.“ 50عيسيٰ چيس تہ ”ڇا تون انھيءَ ڪري ايمان ٿو آڻين جو مون تو کي ٻڌايو تہ مون تو کي انجير جي وڻ ھيٺ ڏٺو ھو؟ تون ھن کان بہ وڏيون ڳالھيون ڏسندين.“ 51#پيد ۱۲‏:۲۸ پوءِ وڌيڪ چيائين تہ ”آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ اوھين آسمان کلندو ڏسندا ۽ خدا جا ملائڪ ابن⁠آدم تي نازل ٿيندا ۽ مٿي ويندا ڏسندا.“

Currently Selected:

يوحنا 1: SCLNT

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in

YouVersion uses cookies to personalize your experience. By using our website, you accept our use of cookies as described in our Privacy Policy