YouVersion Logo
Search Icon

3.يوحنا 1

1
سلام
1 # رس ۲۹‏:۱۹، رو ۲۳‏:۱۶، ۱.ڪر ۱۴‏:۱ مون بزرگ جي طرفان گايس ڏانھن، جنھن کي آءٌ سچائيءَ سبب پيار ٿو ڪريان.
2اي پيارا! منھنجي اھا دعا آھي تہ شل تون ائين خوشحال ۽ تندرست ھجين، جيئن تنھنجو روح آھي. 3جڏھن ڪن ايمان وارن اچي اھا شاھدي ڏني تہ تون سچ جو وفادار آھين ۽ سچائيءَ سان زندگي گذاري رھيو آھين، تڏھن مون کي ڏاڍي خوشي ٿي. 4منھنجي لاءِ ھن کان وڌيڪ ٻي ڪابہ خوشي ڪانھي، جڏھن آءٌ ٻڌان تہ منھنجا ٻار سچ تي ھلي رھيا آھن.
گايس جي تعريف
5اي پيارا! جيڪي ايمان وارا تو وٽ اچن ٿا، خاص ڪري جيڪي تنھنجا اڳ ڏٺل بہ نہ آھن، تڏھن بہ تون سچائيءَ سان انھن جي خدمت ڪرين ٿو. 6ڪليسيا جي اڳيان انھن تنھنجي پيار جي شاھدي ڏني آھي. اھو چڱو ٿيندو جيڪڏھن تون اھڙيءَ طرح سندن مدد ڪري سفر لاءِ روانو ڪندين جھڙيءَ طرح خدا کي جڳائي. 7ڇالاءِ⁠جو ھو مسيح جي نالي تي نڪتا آھن ۽ جيڪي ايماندار نہ آھن، تن جي مدد قبول نہ ڪئي اٿائون. 8تہ پوءِ اسان کي اھڙن ماڻھن جي مدد ڪرڻ گھرجي، تہ جيئن اسين ھن سچائيءَ جي ڪم ۾ ساڻن شريڪ ٿيون.
دياترفيس ۽ دميتريس
9مون ڪليسيا ڏانھن ڪي ڪجھہ لکيو آھي. پر دياترفيس جيڪو وڏو ٿيڻ گھري ٿو، سو اسان کي قبول نہ ٿو ڪري. 10سو جيڪڏھن آءٌ آيس تہ جيڪي ڪم دياترفيس ڪري ٿو، تن کي اچي ظاھر ڪندس تہ ھو ڪيئن اسان جي خلاف بڪواس ڪري ٿو. ھو ايتري تي بہ راضي نہ ٿو ٿئي، بلڪ پاڻ تہ ايمان وارن کي قبول نہ ٿو ڪري، پر جيڪي قبول ڪرڻ گھرن ٿا تن کي بہ منع ڪري ٿو ۽ کين ڪليسيا مان ڪڍي ڇڏي ٿو.
11پيارا! بڇڙائيءَ جي نہ، بلڪ چڱائيءَ جي پيروي ڪر. جيڪو نيڪي ڪري ٿو، سو خدا جو ٻار آھي ۽ جيڪو بڇڙائي ڪري ٿو تنھن خدا کي ڪڏھن بہ نہ ڄاتو آھي. 12دميتريس جي ھر ڪو نيڪي ڪري ٿو ۽ سندس نيڪي ڪرڻ حق بہ آھي. اسين بہ سندس شاھدي ڏيون ٿا ۽ اوھين ڄاڻو ٿا تہ اسان جي شاھدي سچي آھي.
آخري سلام
13مون کي ڪيتريون ئي ڳالھيون تو کي ٻڌائڻيون ھيون، پر آءٌ اُھي مس ۽ قلم سان لکڻ نہ ٿو گھران. 14اميد اٿم تہ جلد ئي اچي تو سان ملندس ۽ پوءِ روبرو ڳالھائينداسين.
15شل تو کي اطمينان ھجي. ھتان جا دوست تو کي سلام چون ٿا. تون ايڏانھن وارن دوستن کي نالي وار سلام چئجانءِ.

Currently Selected:

3.يوحنا 1: SCLNT

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in

YouVersion uses cookies to personalize your experience. By using our website, you accept our use of cookies as described in our Privacy Policy