1.ڪرنٿين 6
6
ھڪ ٻئي تي ڪيس ڪرڻ
1اوھان مان ڪنھن کي ايتري جرئت آھي ڇا جو ڪنھن ٻئي ڀاءُ سان ڪو معاملو ھجيس تہ فيصلي لاءِ ايمان وارن وٽ نہ، پر بيدينن وٽ وڃي؟ 2ڇا اوھان کي خبر نہ آھي تہ خدا جي قوم دنيا جو انصاف ڪندي؟ جيڪڏھن دنيا جو انصاف اوھان جي ھٿان ٿيڻو آھي، تہ پوءِ خسيس معاملن جي فيصلن جا بہ اوھين لائق نہ آھيو ڇا؟ 3ڇا اوھين ايترو نہ ٿا ڄاڻو تہ اسين ملائڪن جو انصاف ڪنداسين؟ تہ پوءِ ھن دنيا جا معاملا ڇو نہ فيصل ڪريون؟ 4تنھنڪري جيڪڏھن اوھان کي فيصلي ڪرائڻ لاءِ دنيا جا معاملا آھن تہ انھن فيصلن لاءِ اوھين اھڙن ججن وٽ ڇو ٿا وڃو جيڪي اوھان جي ڪليسيا جا ئي نہ آھن؟ 5آءٌ چوان ٿو تہ اوھان کي شرم اچڻ گھرجي. ڇا اوھان ۾ ڪوبہ اھڙو سياڻو ڪونھي جيڪو اوھان ايمان وارن جا پاڻ ۾ معاملا نبيري؟ 6پر اٽلندو ايمان وارو، ايمان واري تي ڪيس ٿو ڪري سو بہ بيدينن وٽ.
7حقيقت ۾ اھا اوھان جي وڏي شڪست آھي جو اوھين ھڪٻئي تي ڪيس ٿا ڪريو. ظلم سھڻ ڇو نہ ٿا بھتر سمجھو؟ ڦُرجي وڃڻ ڇو نہ ٿا قبول ڪريو؟ 8بلڪ اوھين تہ خود ئي ظلم ڪريو ٿا ۽ ڦُريو ٿا، سو بہ پنھنجن ڀائرن ۽ ڀينرن کي.
9اوھان کي خبر نہ آھي ڇا تہ بدڪار خدا جي بادشاھت ۾ داخل نہ ٿيندا؟ سو ٺڳجي نہ وڃو، ڇالاءِجو نہ حرامڪار، نڪي بتپرست، نڪي زناڪار، نڪي بدفعلي ڪرائيندڙ، نڪي لونڊيباز، 10نڪي چور، نڪي لالچي، نڪي شرابي، نڪي گاريل ۽ نڪي دغاباز خدا جي بادشاھت ۾ داخل ٿيندا. 11اوھان مان ڪي اھڙا ئي ھئا. پر اوھين گناھن کان ڌوپجي ويا. اوھين پاڪ ڪيا ويا ۽ خداوند عيسيٰ مسيح جي نالي ۽ اسان جي خدا جي پاڪ روح جي وسيلي خدا ڏانھن سچار بڻايا ويا.
اوھان جو بدن خدا جي جلوي لاءِ
12 # ۱.ڪر ۲۳:۱۰ اوھان مان ڪو سمجھي تہ ”سڀ شيون منھنجي لاءِ جائز آھن.“ ٺيڪ آھي، پر ھر ڪا شيءِ اوھان لاءِ فاعدي واري نہ آھي. جيڪڏھن آءٌ بہ چوان تہ ’سڀ شيون منھنجي لاءِ جائز آھن،‘ تہ بہ آءٌ ڪنھن بہ شيءِ جو غلام ڪين ٿيندس. 13ڪو ٻيو چوي تہ ”کاڌو پيٽ لاءِ آھي ۽ پيٽ کاڌي لاءِ.“ سو بہ ٺيڪ آھي، پر خدا ٻنھي کي ناس ڪري ڇڏيندو. بدن زناڪاريءَ لاءِ نہ آھي، بلڪ خداوند جي خدمت لاءِ آھي ۽ خداوند پاڻ ئي بدن جي حفاظت ڪندو. 14خدا جھڙيءَ طرح خداوند عيسيٰ کي جيئرو ڪري اٿاريو، تھڙيءَ طرح ھو اسان کي بہ پنھنجي قدرت سان جيئرو ڪري اٿاريندو. 15ڇا پوءِ بہ اوھين نہ ٿا سمجھو تہ اوھان جا بدن مسيح جا عضوا آھن؟ تڏھن ڇا ڀلا آءٌ مسيح جي عضون کي ڪنھن ڪڃريءَ جي بدن جا عضوا بڻجڻ ڏيان؟ نہ، ھرگز نہ. 16#پيد ۲۴:۲ ڇا اوھين ايترو بہ نہ ٿا ڄاڻو تہ جيڪو ڪڃريءَ سان ملي ٿو، سو انھيءَ سان گڏجي ھڪ بدن ٿي پوي ٿو؟ ڇالاءِجو لکيل آھي تہ ”اھي ٻئي گڏجي ھڪ جسم ٿي پوندا.“ 17پر جيڪو خداوند سان ملي ٿو سو روحاني طرح ساڻس گڏجي ھڪ ٿي وڃي ٿو.
18سو زناڪاريءَ کان ڀڄو. ٻيو ھر گناھہ، جيڪو ماڻھو ڪري ٿو سو بدن کان ٻاھر آھي، پر جيڪو زنا ڪري ٿو سو پاڻ پنھنجي بدن جو گناھہ ٿو ڪري. 19#۱.ڪر ۱۶:۳، ۲.ڪر ۱۶:۶ اوھان کي خبر نہ آھي ڇا تہ اوھان جو بدن انھيءَ پاڪ روح جو گھر آھي، جيڪو اوھان ۾ رھي ٿو ۽ اھو اوھان کي خدا کان عطا ٿيل آھي؟ سو اوھان کي پاڻ تي اختيار نہ آھي، 20ڇالاءِجو اوھين مُلھہ ورتل آھيو. تنھنڪري اوھين پنھنجي بدن سان خدا جو جلوو ظاھر ڪريو.
Currently Selected:
1.ڪرنٿين 6: SCLNT
Highlight
Share
Copy
Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in
© 2009 Pakistan Bible Society