YouVersion Logo
Search Icon

2.ڪرنٿين ‮تعارف‬

تعارف
ڪرنٿين نالي هي ٻيو خط پولس رسول انهيءَ ڪليسيا ڏانهن لکيو هو جيڪا هن پنهنجي ٻئي تبليغي سفر دوران رومي شهنشاهت جي صوبي اخيا جي شهر ڪرنٿس ۾ قائم ڪئي هئي (رسولن جا ڪم 18‏:1‏-18). ان وقت ڪليسيا سان سندس تعلقات ڏکئي دور مان گذري رهيا هئا. ڪليسيا جي ڪن رڪنن گھڻو ڪري پولس رسول جي کُليو کُلايو سخت مخالفت ڪئي هئي. پر هو ٺاهہ لاءِ پنهنجو اونهو فڪر ڏيکاري ٿو ۽ جڏهن سندن ٺاهہ ٿي وڃي ٿو تڏهن هو وڏي خوشيءَ جو اظهار ڪري ٿو.
خط جي پهرئين حصي ۾ پولس رسول ڪرنٿس جي ڪليسيا سان پنهنجي تعلقات تي بحث ڪري ٿو. هو اهو بيان ڪري ٿو تہ هن ڪهڙيءَ ڳالهہ جي ڪري ڪليسيا ۾ پنهنجي بي‌عزتيءَ ۽ مخالفت جي خلاف سختيءَ سان موٽ ڏني ۽ پوءِ پنهنجي خوشيءَ جو اظهار ڪري ٿو تہ انهيءَ سختيءَ جو نتيجو سندن پڇتاءَ ۽ ٺاهہ ۾ نڪتو آهي. پوءِ هو ڪليسيا کي عرض ڪري ٿو تہ يروشلم جي ضرورتمند ايمان وارن لاءِ اهي دل کولي امداد ڏين.
آخري بابن ۾ پولس رسول ڪرنٿس جي ڪن اهڙن ماڻهن جي خلاف پنهنجي رسول هجڻ جو دفاع ڪري ٿو جيڪي پاڻ کي سچا رسول سڏائين ٿا ۽ پولس رسول تي ڪوڙي رسول هئڻ جي تهمت هڻن ٿا.
سِٽاءُ
تعارف 1‏:1‏-11
پولس رسول جو پنهنجي خدمت بابت بيان 1‏:12‏–7‏:16
يروشلم جي ايمان وارن لاءِ امداد 8‏:1‏–9‏:15
پولس جو رسول هئڻ بابت پنهنجو دفاع 10‏:1‏–13‏:10
آخر ۾ دعا سلام 13‏:11‏-13

Highlight

Copy

Compare

Share

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in