9
ضرورتمند ايمان وارن لاءِ امداد
1يروشلم وارن مسيح ۾ چونڊي پاڪ ڪيلن لاءِ امداد ڏيڻ واري خدمت بابت مون کي اوهان ڏانهن لکڻ جي ڪابہ ضرورت نہ آهي، 2ڇاڪاڻ تہ آءٌ ڄاڻان ٿو تہ اوهين مدد ڪرڻ لاءِ ڪيڏو نہ شوق رکو ٿا. انهيءَ ڪري آءٌ مڪدُنيا صوبي جي ماڻهن اڳيان اوهان تي فخر ٿو ڪريان تہ اوهين اخيا صوبي جا ماڻهو گذريل سال کان مدد ڪرڻ لاءِ تيار آهيو. اوهان جي انهيءَ سرگرميءَ جو ٻڌي انهن مان گھڻن ۾ مدد ڪرڻ جو جوش پيدا ٿيو آهي. 3سو آءٌ طيطس وارن کي انهيءَ لاءِ موڪليان ٿو تہ جيڪو فخر آءٌ اوهان تي ڪريان ٿو سو هن ڳالهہ ۾ خالي لفظن وانگر ثابت نہ ٿئي، بلڪ جيئن مون چيو آهي تيئن ئي اوهين تيار رهجو. 4ائين نہ ٿئي جو جيڪڏهن مڪدُنيا جا ڪي ماڻهو مون سان گڏ اچن ۽ اوهان کي تيار نہ ڏسن، تہ پوءِ اوهان تي ڪيل اعتبار جي ڪري نہ رڳو اسان کي پر اوهان کي بہ شرمندو ٿيڻو پوي. 5تنهنڪري مون طيطس وارن کي اهو تاڪيد ڪرڻ ضروري سمجھيو تہ هو اڳواٽ اوهان وٽ اچن ۽ جنهن امداد جو اوهان واعدو ڪيو آهي، سا پهريائين گڏ ڪري رکن، تہ جيئن اها مجبوريءَ سان نہ بلڪ خوشيءَ سان ڏنل هجي.
6ياد رکو، جيڪو ٿورو ٻج ٿو پوکي سو لڻندو بہ ٿورو ۽ جيڪو گھڻو ٿو پوکي سو لڻندو بہ گھڻو. 7هر هڪ ماڻهو بغير ڪُرڪڻ ڪنجھڻ جي ۽ بغير ڪنهن لاچاريءَ جي اوترو ئي ڏئي جيترو هن دل ۾ ارادو ڪيو آهي، ڇو تہ خدا خوشيءَ سان ڏيڻ واري کي پيار ٿو ڪري. 8خدا اوهان تي هر طرح جو فضل وڌائي سگھي ٿو، تہ جيئن هر شيءِ اوهان وٽ هر وقت ۽ هر حالت ۾ اوهان جي ضرورت کان گھڻي هجي ۽ اوهين هر نيڪ ڪم ۾ وڌندا وڃو، 9#زب 112:9 جيئن پاڪ ڪلام ۾ لکيل آهي تہ
”اهي جھجھائيءَ سان غريبن کي ڏين ٿا،
انهن جي سخاوت هميشہ تائين قائم رهندي.“
10 #
يس 55:10
خدا جيڪو پوکيندڙ کي ٻج ۽ کائڻ واري کي ماني ٿو ڏئي، سو اوهان کي بہ پوکڻ لاءِ ٻج ڏيئي انهيءَ کي وڌائيندو ۽ اوهان جي سخاوت جي ڦل ۾ واڌارو آڻيندو. 11ائين اوهين هر شيءِ ۾ مالا مال ٿي هر طرح جي امداد سخاوت سان ڏيندا، جيڪا اسان جي معرفت ضرورتمندن تائين پهچي خدا جي شڪرگذاريءَ جو سبب بڻبي. 12هائو، هن خدمت انجام ڏيڻ سان نہ رڳو يروشلم وارن مسيح ۾ چونڊي پاڪ ڪيلن جون گھرجون پوريون ٿينديون، بلڪ خدا جي شڪرگذاري بہ وڌندي ويندي. 13انهيءَ خدمت مان اهو ثابت ٿيندو تہ ڪيئن نہ اوهين مسيح بابت خوشخبريءَ کي قبول ڪرڻ جو اقرار ڪندي سندس تابعداري ڪريو ٿا. ضرورتمند اوهان جي انهيءَ فرمانبرداريءَ ڪري خدا جي واکاڻ ڪندا ۽ انهيءَ ڪري بہ تہ اوهين نہ رڳو هنن جي بلڪ سڀني ماڻهن جي سخاوت سان مدد ڪريو ٿا. 14ان کان علاوہ اوهان تي خدا جي انهيءَ عظيم فضل کي ڏسي هو اوهان لاءِ ڏاڍي چاهت سان دعا گھرندا. 15بهرحال خدا جي بخشش جيڪا بيان ڪرڻ کان ٻاهر آهي، تنهن لاءِ سندس شڪر آهي.