8
سخاوت سان امداد ڏيڻ
1 #
رو 15:25-28، 1.ڪر 16:1-4 هاڻ اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اسين اوهان کي خدا جي انهيءَ فضل بابت ٻڌايون ٿا، جيڪو مڪدُنيا جي ڪليسيائن تي ٿيو آهي. 2اهو هن ڳالهہ مان ظاهر ٿيو جو مصيبت جي وڏي آزمائش ۾ انهن جي وڏي خوشيءَ ۽ بيحد غريبيءَ انهن ۾ امداد ڏيڻ جي سخاوت کي حد کان گھڻو وڌائي ڇڏيو. 3آءٌ شاهدي ٿو ڏيان تہ انهن پنهنجي حيثيت آهر، بلڪ پنهنجي حيثيت کان بہ وڌيڪ ڏنو ۽ پاڻمرادو ڏنو. 4هنن اسان کي ڏاڍي منٿ ڪندي عرض ڪيو تہ ”مهرباني ڪري اسان کي اهو موقعو ڏنو وڃي تہ جيئن اسين يروشلم وارن مسيح ۾ چونڊي پاڪ ڪيلن لاءِ خدمت واري ڪم ۾ شريڪ ٿيون.“ 5سو انهن پاڻ کي پهريائين خداوند عيسيٰ جي حوالي ۽ پوءِ خدا جي مرضيءَ سان اسان جي حوالي ڪندي نہ رڳو ڏنو، بلڪ اسان جي اميد کان بہ وڌيڪ ڏنو. 6تنهنڪري اسان طيطس کي هدايت ڪئي آهي تہ امداد ڏيارڻ وارو جيڪو ڪم هن اوهان کان شروع ڪيو هو سو پورو بہ ڪري. 7جيئن تہ اوهين هر ڳالهہ يعني ايمان ۾، پيغام ڏيڻ ۾، ڄاڻ توڙي هر طرح جي سرگرميءَ ۾ ۽ انهيءَ محبت ۾ جيڪا اسان سان رکو ٿا وڌندا ٿا وڃو، سو هن ڀلائيءَ واري ڪم ۾ بہ وڌندا وڃو.
8آءٌ اهو اوهان کي حڪم ڏيندي نہ ٿو چوان، پر انهيءَ لاءِ چوان ٿو تہ ٻين جي سرگرميءَ جو مثال ڏيندي اوهان جي محبت جي سچائيءَ کي آزمايان. 9ڏسو، اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح اوهان سان ڪيڏي نہ سخاوت ڪئي آهي جو جيتوڻيڪ هو دولتمند هو تڏهن بہ اوهان جي خاطر غريب بڻيو، تہ جيئن سندس غريب ٿي وڃڻ جي ڪري اوهين دولتمند ٿي وڃو. اهو تہ اوهين چڱيءَ طرح ڄاڻو ٿا.
10اوهين گذريل سال نہ رڳو امداد واري ان ڪم شروع ڪرڻ ۾ بلڪ انهيءَ جي ارادي ڪرڻ ۾ بہ پهريان هئا. انهيءَ ڳالهہ بابت آءٌ پنهنجي اها صلاح ٿو ڏيان، جيڪا اوهان جي لاءِ بهتر آهي 11تہ هاڻي انهيءَ ڪم کي پورو ڪريو، تہ جيئن جيڪو ارادو اوهان شوق سان ڪيو هو سو اوهان جي حيثيت آهر ڏيڻ سان پورو بہ ٿي وڃي. 12جيڪڏهن ڏيڻ جي نيت هوندي تہ پوءِ جيڪي ڪجھہ بہ ڪنهن ماڻهوءَ وٽ هوندو تنهن موجب خدا سندس نذرانو قبول ڪندو، نڪي انهيءَ موجب جيڪي وٽس نہ آهي.
13آءٌ ائين نہ ٿو چاهيان تہ ٻين کي آرام ملي ۽ اوهان کي تڪليف ملي، پر هڪجهڙائي هجي. 14هن وقت جيڪا اوهان وٽ گھڻائي آهي تنهن سان اوهين هنن جي گھرج پوري ڪريو ۽ جڏهن هنن وٽ گھڻائي ٿئي تہ اهي اوهان جي ڪمي پوري ڪندا. اهڙيءَ طرح هڪجهڙائي ٿي ويندي، 15#خر 16:18 جيئن پاڪ ڪلام ۾ لکيل آهي تہ ”جنهن گھڻو گڏ ڪيو تنهن وٽ وڌيڪ نہ بچيو ۽ جنهن ٿورو گڏ ڪيو تنهن وٽ گھٽتائي ڪانہ ٿي.“
طيطس ۽ ان جا ساٿي
16خدا جو شڪر آهي، جنهن طيطس جي دل ۾ بہ اوهان لاءِ اها ساڳي سرگرمي پيدا ڪئي آهي جيڪا مون ۾ آهي، 17ڇاڪاڻ تہ طيطس نہ رڳو اسان جي هدايت کي مڃيو بلڪ ڏاڍي سرگرميءَ ۽ پنهنجي خوشيءَ سان اوهان ڏانهن اچي رهيو آهي. 18هن سان گڏ اسين انهيءَ ڀاءُ کي بہ موڪليون ٿا، جنهن جي ساراهہ خوشخبري ڦهلائڻ جي ڪري سڀني ڪليسيائن ۾ ڪئي وڃي ٿي. 19ڪليسيائون نہ رڳو سندس ساراهہ ڪن ٿيون، بلڪ کيس مقرر ڪيو اٿائون تہ يروشلم ڏانهن نذرانو کڻي وڃڻ واري اسان جي انتظام ۾ هو اسان سان گڏ بہ هلي. اسين هيءَ خدمت انهيءَ لاءِ ٿا ڪريون تہ جيئن انهيءَ منجھان خداوند جي واکاڻ ٿئي ۽ اسان جو شوق ظاهر ٿئي. 20اسين احتياط ٿا ڪريون تہ انهيءَ جھجھي نذراني پهچائڻ واري انتظام جي باري ۾ ڪوبہ ماڻهو اسان کي الزام نہ ڏئي. 21#چوڻ 3:4 اسان جو مقصد هي آهي تہ اسين اهو ئي ڪجھہ ڪريون جيڪو نہ رڳو خداوند جي نظر ۾ بلڪ ماڻهن جي نظر ۾ بہ چڱو آهي.
22اسين انهن سان گڏ پنهنجي هڪڙي ٻئي ڀاءُ کي بہ اوهان ڏانهن موڪليون ٿا، جنهن کي اسان گھڻين ڳالهين ۾ ڪيترائي ڀيرا آزمائي سرگرم ڏٺو آهي. جيئن تہ کيس اوهان تي ڏاڍو ڀروسو آهي، تنهنڪري هو هاڻي وڌيڪ سرگرم آهي. 23جيستائين طيطس جو تعلق آهي تہ هو منهنجو ساٿي ۽ اوهان منجھہ خدمت ڪرڻ ۾ مون سان گڏ آهي. باقي اسان جا هي ٻيا ڀائر ڪليسيائن جا نمائندا ۽ مسيح جي واکاڻ جو سبب آهن. 24تنهنڪري اوهين سندن خدمت ڪري پنهنجي محبت ۽ اهو فخر جيڪو اسان کي اوهان تي آهي، سو ڪليسيائن جي اڳيان ثابت ڪري ڏيکاريو.