YouVersion Logo
Search Icon

2.ڪرنٿين 6

6
1اسين جيڪي خدا جي وس هيٺ ڪم ڪندڙ خدمتگار آهيون، سي وري بہ منٿ ڪريون ٿا تہ خدا جو فضل جيڪو اوهان تي ٿيو آهي سو اجايو نہ وڃايو، 2#يس 49‏:8 ڇاڪاڻ تہ پاڪ ڪلام ۾ خدا فرمائي ٿو تہ
”قبوليت واري وقت مون اوهان جي ٻڌي،
۽ ڇڏائڻ واري ڏينهن مون اوهان جي مدد ڪئي.“
ڏسو، هاڻي قبوليت جو اهو وقت اچي ويو آهي. هائو، ڇڏائڻ جو اهو ڏينهن اڄ ئي آهي.
3اسين ڪنهن بہ صورت ۾ ٿاٻڙجڻ جو موقعو نہ ٿا ڏيون، متان اسان جي خدمت تي ڪو الزام اچي. 4بلڪ اسين هر حالت کي منهن ڏيڻ سان پاڻ کي خدا جا خادم ٿي ڏيکاريون ٿا، جهڙوڪ: ڏاڍي صبر سان، مصيبتن سان، ضرورتن سان، تنگ حالتن سان، 5#رس 16‏:23 چهبڪن جي مار کائڻ سان، قيد ٿيڻ سان، هنگامن ۾ ڦاسڻ سان، سخت پورهئي سان، ننڊ ڦٽائڻ سان ۽ بکون ڪاٽڻ سان. 6انهن کان علاوہ پاڪيزگيءَ سان، ڄاڻ سان، بردباريءَ سان، مهربانيءَ سان، پاڪ روح سان، حقيقي محبت سان، 7سچو پيغام ٻڌائڻ سان ۽ خدا جي قدرت سان اسين پاڻ کي خدا جا خادم ثابت ڪريون ٿا. حملي ڪرڻ توڙي بچاءُ ڪرڻ لاءِ اسان وٽ سچائيءَ جا هٿيار آهن. 8اسان جي عزت بہ ڪئي وڃي ٿي ۽ بي‌عزتي بہ. اسان جي نيڪ نامي بہ ڪئي وڃي ٿي ۽ بدنامي بہ. توڙي جو اسين سچا آهيون تہ بہ ڪي اسان کي ٺڳ ٿا سمجھن. 9جيتوڻيڪ چڱيءَ طرح ڄاتا وڃون ٿا، تہ بہ اسان کي نظرانداز ڪيو وڃي ٿو. مرندي مرندي بہ ڏسو، اسين جيئرا رهون ٿا. ماڻهو اسان کي مار تہ ڏين ٿا پر قتل نہ ٿا ڪيا وڃون. 10اسين غم سهندي سهندي بہ هميشہ خوش ٿا رهون. غريب سمجھيا وڃون ٿا، تڏهن بہ گھڻن کي مالا مال ٿا ڪريون. سڃا سکڻا آهيون، تڏهن بہ اسان وٽ سڀ ڪجھہ آهي.
11اي ڪرنٿس جا رهواسيؤ! اسان کُليءَ طرح اوهان سان ڳالهايو آهي ۽ اسان جون دليون اوهان لاءِ کُليل آهن. 12اوهان لاءِ اسان جي دلين ۾ جيڪا جاءِ آهي سا گھٽ نہ ٿي آهي، پر اوهان جي دلين ۾ اسان لاءِ جاءِ گھٽجي ويئي آهي. 13هاڻي آءٌ اوهان کي پنهنجا ٻار سمجھي چوان ٿو تہ اوهين بہ ساڳيءَ طرح اسان لاءِ پنهنجيون دليون کُليل رکو.
ايمان نہ آڻيندڙن جي ساٿ کان پري رهو
14جيڪي مسيح تي ايمان نہ ٿا رکن تن سان پابند رهڻ کان پري رهو، ڇاڪاڻ تہ سچائي ۽ بدڪاري ڪيئن گڏ رهنديون؟ يا روشني ۽ اونداهيءَ جي وچ ۾ ڪهڙو لاڳاپو آهي؟ 15مسيح ۽ شيطان جو ايڪو ڪيئن ٿو ٿي سگھي؟ مسيح تي ايمان آڻيندڙ ۽ نہ آڻيندڙ جو پاڻ ۾ ڪهڙو واسطو آهي؟ 16#لاو 26‏:12، حز 37‏:27، 1.ڪر 3‏:16، 6‏:19 خدا جو گھر ۽ بت پاڻ ۾ ڪيئن ٿا راضي رهي سگھن، جڏهن تہ خدا جيڪو جيئرو آهي، تنهن جو گھر تہ اسين آهيون؟ پاڪ ڪلام ۾ خدا پنهنجي قوم بابت جيڪي فرمايو آهي، سو اسان لاءِ بہ آهي تہ
”آءٌ انهن ۾ رهندس ۽ انهن ۾ گھمندس ڦرندس،
آءٌ انهن جو خدا ٿيندس ۽ هو منهنجا ماڻهو ٿيندا.“
17 # يس 52‏:11 تنهنڪري ئي خداوند جو فرمان آهي تہ
”اوهين انهن مان نڪري الڳ ٿي رهو،
۽ ڪنهن بہ پليت شيءِ کي هٿ نہ لايو،
تڏهن آءٌ اوهان کي قبول ڪندس.
18 # 2.سم 7‏:14، 1.توا 17‏:13، يس 43‏:6، ير 31‏:9 آءٌ اوهان جو پيءُ ٿيندس
۽ اوهين منهنجا پٽ ۽ ڌيئرون ٿيندا.
آءٌ خداوند قادرِمطلق ائين ٿو چوان.“

Currently Selected:

2.ڪرنٿين 6: SB

Highlight

Copy

Compare

Share

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in