YouVersion Logo
Search Icon

2.ڪرنٿين 5

5
1انهيءَ جو سبب هي آهي جو اسين ڄاڻون ٿا تہ اسان جو جسم جيڪو هن ڌرتيءَ تي جھوپڙيءَ جهڙو ڪچو گھر آهي، سو جيڪڏهن ڊاهيو وڃي تہ بہ اسان لاءِ خدا وٽ آسمان تي هڪڙو پڪو گھر آهي. اهو انساني هٿن سان جوڙيل نہ آهي، بلڪ هميشہ قائم رهندڙ آهي. 2سو هن ڪچي گھر ۾ ڪنجھندي اسين اها وڏي تمنا پيا رکون تہ پنهنجي آسماني گھر کي پوشاڪ وانگر پهري ڇڏيون. 3جڏهن اسين ان کي پهري وٺنداسين تہ اگھاڙا نہ ٿينداسين. 4جيستائين اسين هن جھوپڙيءَ ۾ رهندي بار هيٺان دٻيل آهيون، تيستائين ڪنجھندا پيا رهون. انهيءَ جو اهو مطلب نہ آهي تہ اسين موجودہ جسم کي ڇڏڻ ٿا چاهيون، بلڪ اسين آسماني گھر کي ان مٿان پوشاڪ وانگر پهرڻ ٿا چاهيون، تہ جيئن هي فاني جسم حيات ۾ بدلجي وڃي. 5اهو خدا ئي آهي، جنهن اسان کي انهيءَ تبديليءَ لاءِ تيار ڪيو آهي ۽ اڳواٽ ئي پاڪ روح بياني طور ڏنو اٿائين.
6تنهنڪري اسان کي هميشہ پوري خاطري ٿي رهي، توڙي جو اسين ڄاڻون ٿا تہ جيستائين اسين پنهنجي هن جسم واري گھر ۾ رهون ٿا، تيستائين خداوند عيسيٰ جي گھر کان پري آهيون. 7مطلب تہ اسين جيڪا زندگي گذاري رهيا آهيون سا ايمان رکڻ جي وسيلي آهي، اکين سان ڏسڻ جي ڪري نہ. 8هاڻ اسان کي هن جسم ۾ پوري خاطري آهي، تنهن هوندي بہ هن جسم واري گھر کي ڇڏي خداوند عيسيٰ وٽ رهڻ وڌيڪ پسند ڪريون ٿا. 9سو توڙي اسين پنهنجي هن فاني جسم واري گھر ۾ رهون يا نہ رهون، اسان جو سڀ کان وڏو مقصد هي آهي تہ اسين خداوند عيسيٰ کي پسند اچون. 10#رو 14‏:10 انهيءَ جو سبب هي آهي تہ اسان سڀني کي مسيح جي عدالت اڳيان پيش ٿيڻو آهي، تہ جيئن هر ڪنهن کي انهن ڪمن جو بدلو ملي، جيڪي هن جسم ۾ رهي ڪيا آهن، پوءِ اهي چڱا هجن يا بڇڙا.
خدا سان ميل ميلاپ جو پيغام
11تنهنڪري خداوند جو خوف ڪندي اسين ماڻهن کي سمجھائڻ جي ڪوشش ڪريون ٿا. اسين تہ خدا جي آڏو پوريءَ طرح ظاهر آهيون ۽ مون کي اميد آهي تہ اوهين بہ اسان کي ظاهري طور ڏسو ٿا. 12اها ڳالهہ چوندي اسين وري اوهان آڏو پنهنجيون خوبيون بيان نہ ٿا ڪريون، پر اوهان کي موقعو ٿا ڏيون تہ اسان تي فخر ڪريو، جيئن انهن ماڻهن کي جواب ڏيئي سگھو جيڪي اندر جي ڳالهين تي نہ پر ظاهري ڳالهين تي فخر ڪن ٿا. 13پوءِ جيڪڏهن ڪي سمجھن ٿا تہ اسين ديوانا آهيون تہ خدا جي خاطر آهيون، پر جيڪڏهن ٺيڪ دماغ سان آهيون تہ اوهان جي خاطر آهيون. 14ٻنهي حالتن ۾ مسيح جي اسان سان محبت اسان کي مجبور ٿي ڪري، ڇاڪاڻ تہ اسين هن نتيجي تي پهتا آهيون تہ جڏهن هڪ شخص سڀني جي لاءِ مري ويو، تڏهن ان جو مطلب آهي تہ اسين سڀ مري ويا آهيون. 15هو سڀني جي لاءِ انهيءَ ڪري مري ويو تہ جيڪي جيئرا آهن سي اڳتي پنهنجي لاءِ نہ پر هن جي لاءِ جيئرا رهن، جيڪو انهن جي خاطر مري ويو ۽ وري جيئرو ٿي اٿيو.
16تنهنڪري هاڻي کان اسين ڪنهن کي بہ دنياوي نظر سان نہ ٿا ڏسون. پهريائين اسان مسيح کي بہ دنياوي نظر سان ٿي ڏٺو، پر هاڻي ائين نہ ٿا ڪريون. 17مطلب تہ جيڪو بہ مسيح ۾ آهي سو نئون خلقيل آهي. پراڻي زندگي گذري ويئي، ڏسو، نئين زندگي شروع ٿي ويئي آهي. 18هي سڀ ڪجھہ خدا جي طرفان آهي، جنهن مسيح جي وسيلي اسان جو پاڻ سان ميل ميلاپ ڪرايو ۽ اسان جي حوالي اها خدمت ڪيائين تہ ٻين جو ساڻس ميل ميلاپ ڪرايون. 19منهنجو مطلب آهي تہ خدا مسيح جي وسيلي دنيا جو پاڻ سان ميل ميلاپ ڪندي ماڻهن جي گناهن جو ڪو حساب نہ ڪيو. ميل ميلاپ ڪرائڻ جو اهو پيغام هن اسان جي حوالي ڪري ڇڏيو.
20تنهنڪري اسين مسيح جي پاران ايلچي آهيون ۽ خدا اسان جي وسيلي ماڻهن کي نصيحت ٿو ڪري. سو اسين مسيح جي پاران اوهان کي منٿ ٿا ڪريون تہ خدا کي پاڻ سان ميل ميلاپ ڪرڻ ڏيو. 21مسيح جيڪو گناهہ کان پاڪ هو، تنهن کي خدا اسان جي واسطي #5‏:21 گناهہ جي قرباني انهيءَ قربانيءَ جي لاءِ پراڻي عهدنامي ۾ ”پاڪ ٿيڻ واسطي قرباني“ لکيل آهي (ڏسو خروج 30‏:10).گناهہ جي قرباني مقرر ڪيو، تہ جيئن مسيح ۾ هئڻ ڪري اسان مان خدا جي سچائي ظاهر ٿئي.

Currently Selected:

2.ڪرنٿين 5: SB

Highlight

Copy

Compare

Share

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in