2.ڪرنٿين 15:5-16
2.ڪرنٿين 15:5-16 SB
هو سڀني جي لاءِ انهيءَ ڪري مري ويو تہ جيڪي جيئرا آهن سي اڳتي پنهنجي لاءِ نہ پر هن جي لاءِ جيئرا رهن، جيڪو انهن جي خاطر مري ويو ۽ وري جيئرو ٿي اٿيو. تنهنڪري هاڻي کان اسين ڪنهن کي بہ دنياوي نظر سان نہ ٿا ڏسون. پهريائين اسان مسيح کي بہ دنياوي نظر سان ٿي ڏٺو، پر هاڻي ائين نہ ٿا ڪريون.








