YouVersion Logo
Search Icon

2.ڪرنٿين 10

10
پولس جو پنهنجي اختياريءَ بابت ٻڌائڻ
1هاڻي آءٌ پولس، جنهن جي باري ۾ چيو وڃي ٿو تہ آءٌ اوهان جي روبرو بزدل آهيان پر اوهان جي پرپٺ اوهان جي واسطي وڏو دلير آهيان، سو مسيح جي نماڻائيءَ ۽ نرميءَ جو واسطو وجھي اوهان کي منٿ ٿو ڪريان تہ 2جڏهن اوهان وٽ اچان تڏهن مون کي دليري ڏيکارڻ لاءِ مجبور نہ ڪجو. ڏسو، ڪي اهڙا ماڻهو آهن جيڪي سمجھن ٿا تہ اسان جي هلت چلت دنياوي آهي، تن کي آءٌ دليري بہ ڏيکاري سگھان ٿو. 3جيتوڻيڪ اسين دنيا ۾ رهون ٿا، تنهن هوندي بہ دنياوي نيت سان نہ ٿا وڙهون، 4ڇاڪاڻ تہ اسان جي ويڙهہ جا هٿيار دنياوي نہ، پر خدائي طاقت وارا آهن. انهن سان اسين مضبوط قلعن کي بہ ڊاهيو ٿا وجھون، 5يعني انهن اجاين دليلن ۽ هٺ وارين ڳالهين کي مِٽائي ٿا ڇڏيون، جيڪي خدا کي ڄاڻڻ ۾ رڪاوٽ بڻجي اُڀرن ٿيون. اسين هر هڪ خيال کي قيد ڪري مسيح جي تابع ٿا ڪريون. 6سو اسين تيار آهيون تہ جڏهن اوهين پوريءَ طرح تابعدار ٿي ويندا، تڏهن اسين هر طرح جي نافرماني ڪندڙن کي سزا ڏينداسين.
7اوهين رڳو ظاهري صورت تي نظر ڪريو ٿا. جيڪڏهن ڪنهن کي پاڻ تي اهو يقين آهي تہ هو مسيح جو آهي، تہ انهيءَ کي وري دل ۾ اهو بہ سوچڻ گھرجي تہ جيئن هو پاڻ مسيح جو آهي، تيئن اسين بہ آهيون. 8خداوند عيسيٰ اسان کي اختيار ڏنو آهي تہ اوهان جي ايمان ۾ واڌارو آڻيون نڪي انهيءَ کي ڊاهيون. پوءِ جيڪڏهن انهيءَ اختيار تي آءٌ ڪجھہ وڌيڪ فخر ڪريان ٿو، تہ انهيءَ ۾ منهنجي لاءِ شرمندگيءَ جي ڪا ڳالهہ نہ آهي. 9اوهين ائين نہ سمجھو تہ آءٌ اوهان کي پنهنجي خطن ذريعي ڊيڄارڻ جي ڪوشش ٿو ڪريان. 10بيشڪ ڪي چون ٿا تہ ”پولس جا خط رعب وارا ۽ سخت آهن، پر جڏهن پاڻ حاضر ٿئي ٿو تہ هن ۾ رعب تاب ڏسڻ ۾ نہ ٿو اچي ۽ تقرير ڪين جهڙي اٿس.“ 11اهڙا ماڻهو سمجھي ڇڏين تہ جهڙو پرپٺ اسين خطن ۾ لکون ٿا، تهڙو ئي روبرو عمل بہ ڪريون ٿا.
12اهو ٿي نہ ٿو سگھي تہ اسين اهڙي جرئت ڪري پاڻ کي انهن ماڻهن ۾ شمار ڪريون يا انهن سان ڀيٽيون جيڪي پنهنجي تعريف پاڻ ٿا ڪن. جڏهن تہ اهي پنهنجو پاڻ کي مٿاهون سمجھي هڪٻئي کي آزمائي ۽ پاڻ سان ڀيٽ ڪري نادان ٿا بڻجن. 13پر اسين حد کان وڌيڪ فخر نہ ڪنداسين. اسان جو خدمت وارو فخر رڳو انهيءَ حد جي اندر هوندو جيڪا خدا اسان لاءِ مقرر ڪئي آهي، جنهن ۾ اوهين بہ شامل آهيو. 14جيڪڏهن اسين اوهان تائين نہ پهچون ها تہ پوءِ اسان جو فخر حد کان وڌيڪ ليکجي ها. پر اسان تہ مسيح بابت خوشخبري ٻڌائيندي اوهان تائين پهريائين پهچي ويا هئاسين. 15اسين اهڙي ڪم تي فخر ڪونہ ٿا ڪريون جيڪو ٻين جي محنت سان ٿيل آهي. ان ۾ بہ اسين مناسب حد جي اندر رهون ٿا. ان جي بدران اسين اميد ٿا رکون تہ جيئن جيئن اوهان جو ايمان وڌندو ويندو، تيئن تيئن اسان جي ڪم جو دائرو بہ مقرر ڪيل حد موجب اوهان ۾ وڌندو ويندو، 16تہ جيئن اسين اوهان جي سرحد کان پري وارن علائقن ۾ بہ خوشخبري ٻڌايون. اسين نہ ٿا چاهيون تہ ڪنهن ٻئي جي ڪيل ڪم تي فخر ڪريون. 17#ير 9‏:24 بهرحال پاڪ ڪلام ۾ اهو لکيل آهي تہ ”جيڪو فخر ڪري سو خداوند تي فخر ڪري.“ 18ياد رکو، جيڪو پنهنجي سچي هئڻ جي تعريف پاڻ ٿو ڪري سو قبول نہ ٿو پوي، پر اهو ئي قبول پوي ٿو جيڪو خداوند آڏو سچو آهي.

Currently Selected:

2.ڪرنٿين 10: SB

Highlight

Copy

Compare

Share

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in