YouVersion Logo
Search Icon

عبرانين 12

12
1تنهنڪري جڏهن شاهدن جو هيڏو وڏو بادل اسان جي چوڌاري بيٺل آهي، تڏهن اچو تہ اسين بہ سڀڪو بار ۽ گناهہ، جو اسان کي آسانيءَ سان چنبڙيو پوي، تنهن کان پاسو ڪريون، ۽ صبر سان اُها ڊوڙ ڊوڙون، جا اسان جي لاءِ مقرر ڪئي ويئي آهي. 2۽ يسوع، جو اسان جي ايمان جو باني ۽ ڪامل ڪندڙ آهي، تنهن ڏانهن نهاريندا رهون، جنهن انهيءَ خوشيءَ جي واسطي جا سندس لاءِ مقرر هئي، شرمندگيءَ جي پرواهہ نہ ڪري صليب جو ڏک سَٺو، ۽ خدا جي تخت جي ساڄي پاسي وڃي ويٺو آهي. 3ڇالاءِ جو جنهن گنهگارن جي طرفان ايتري مخالفت سَٺي، تنهن تي غور ڪريو، تان تہ اوهين بيزار ٿي همت نہ هاريو. 4اوهان گناهہ جو مقابلو ڪرڻ ۾ اڃا ايتري مخالفت نہ ڪئي آهي جو رت وهايو وڃي: 5۽ اوهان اُها نصيحت وساري ڇڏي آهي جا پٽن وانگر اوهان کي ڪئي ويئي هئي، تہ ”اي منهنجا فرزند، خداوند جي سيکت کي ڪين جهڙو نہ ڄاڻ، جڏهن اهو تو کي ڇينڀي، تڏهن دل نہ لاهہ؛ 6ڇالاءِ جو جنهن سان خدا محبت ٿو رکي، تنهن کي هو تربيت ٿو سيکاري ۽ جنهن کي پٽ ٿو ٺهرائي، تنهن کي سيکت ٿو ڏئي.“
7اوهين جو ڏک سَهو ٿا سو اوهان جي تربيت لاءِ آهي؛ خدا اوهان سان اهڙي هلت ٿو ڪري جهڙي پٽن سان ڪبي آهي؛ ڇالاءِ جو اُهو ڪهڙو پٽ آهي، جنهن کي سندس پيءُ تربيت نٿو ڏئي؟ 8پر جي اوهان کي اها تربيت نہ ملي، جنهن ۾ سڀ شريڪ ٿيا آهن، تڏهن اوهين حرامزادا ٿيا، نہ سچا پٽ. 9تنهن کانسواءِ جي جسماني پيءُ اسان کي سيکت ڏيندا هئا تہ اسين انهن جي تعظيم ڪندا هئاسين؛ تڏهن روحن جي پيءُ جي اسين وڌيڪ تابعداري نہ ڪريون ڇا تہ جيئرا رهون؟ 10ڇالاءِ جو هو تہ ٿورن ڏينهن جي لاءِ جيئن مناسب سمجهندا هئا، تيئن اسان کي سيکت ڏيندا هئا؛ پر هي اسان جي فائدي لاءِ ٿو ڪري، تہ اسين هن جي پاڪيزگيءَ ۾ شامل ٿيون. 11في الحال سڀ ڪنهن سيکت مان خوشي حاصل نٿي ٿئي، بلڪ غم جو سبب ٿي ڏسجي، تڏهن بہ جيڪي اها سهي سهي پڪا ٿي ويا آهن، تن کي راستبازيءَ جو ڦل ٿي ڏئي، جنهن مان اطمينان حاصل ٿو ٿئي. 12تنهنڪري ڍلا هٿ ۽ ڪمزور گوڏا سڌا ڪريو، 13۽ پنهنجي پيرن جي لاءِ رستا سنوان ڪريو، تہ جيڪو منڊو آهي سو ٿاٻو نہ کائي، بلڪ ڇُٽي چڱو ڀلو ٿئي.
14سڀني ماڻهن سان ميل ميلاپ رکو، ۽ پاڪيزگيءَ جا طالب ٿيو، جنهن کانسواءِ ڪوبہ ماڻهو خداوند کي نہ ڏسندو. 15خبرداريءَ سان نظر ڪندا رهو، تہ ڪوبہ ماڻهو خدا جي فضل کان محروم نہ رهجي وڃي؛ متان ڪا ڪَڙي پاڙ ڦُٽي اوهان کي تڪليف ڏئي، ۽ انهي جي ڪري گهڻا ناپاڪ ٿي پون؛ 16متان ڪو زناڪار يا عيسوءَ جهڙو بي دين ماڻهو ٿئي، جنهن هڪڙي وقت جي کاڌي لاءِ پنهنجي پهريتي جو حق وڪڻي ڇڏيو. 17ڇالاءِ جو خبر اٿوَ تہ انهي کانپوءِ جڏهن هن برڪت جو وارث ٿيڻ گهُريو، تڏهن هو منظور نہ ٿيو (ڇوتہ هن کي توبهہ ڪرڻ جو موقعو ڪونہ مليو) جيتوڻيڪ هن ڳوڙها ڳاڙي انهيءَ کي هٿ ڪرڻ جي تمام گهڻي ڪوشش ڪئي.
18ڇالاءِ جو اوهين اُنهي جبل وٽ ڪونہ آيا آهيو، جنهن کي ڇهڻ ممڪن نہ هو، ۽ جو باهہ سان پئي ٻريو، ۽ جنهن تي ڪاراڻ ۽ اونداهي ۽ طوفان، 19۽ تريءَ جو شور ۽ انهن ڪلامن جو آواز هو، جنهن جي ٻُڌڻ وارن منٿ ڪري چيو تہ هاڻي اسان کي وڌيڪ نہ ٻُڌايو وڃي: 20ڇالاءِ جو هن حڪم جي هو برداشت ڪري نہ سگهيا تہ ”جيڪڏهن ڪو جانور بہ انهي جبل کي ڇهندو تہ اُهو سنگسار ڪيو ويندو.“ 21۽ هو نظارو اهڙو خوفناڪ هو جو موسيٰ چيو تہ ”آئون ڏاڍو ڊڄان ٿو ۽ ڏڪان ٿو.“ 22پر اوهين صيون جبل وٽ، زندہ خدا جي شهر، يعني آسمان واري يروشلم وٽ آيا آهيو، ۽ ملائڪن جي بيشمار لشڪر وٽ؛ 23۽ پهريتن جي عام جماعت، يعني ڪليسيا وٽ، جن جا نالا آسمان جي ياداشت ۾ داخل آهن. ۽ سڀني جي منصف خدا وٽ، ۽ ڪامل ڪيل راستبازن جي روحن وٽ، 24۽ نئين عهد جي درميانيءَ يسوع وٽ، ۽ اُنهي ڇڻڪيل رت وٽ، جو هابل جي رت کان چڱيون ڳالهيون ٿو ڪري. 25خبردار متان اُنهي کان انڪار ڪريو جو ڳالهائي ٿو. ڇالاءِ جو جڏهن اُهي ماڻهو جن زمين تي هدايت ڪرڻ وارن کان انڪار ڪيو، سي بچي نہ سگهيا، تڏهن اسين آسمان مان هدايت ڪرڻ واري کان منهن موڙي ڪيئن بچي سگهنداسين. 26اُهو، جنهن جي آواز انهي وقت زمين کي لوڏي ڇڏيو، پر هاڻي هن واعدو ڏيئي چيو آهي، تہ ”هڪڙو ڀيرو اڃا بہ نہ رڳو زمين کي پر آسمان کي بہ لوڏي ڇڏيندس.“ 27۽ اهي لفظ تہ ”هڪڙو ڀيرو اڃا بہ،“ ڏيکارين ٿا تہ جيڪي شيون لوڏجن ٿيون، سي پيدا ڪيلن شين وانگر گم ٿي وينديون، انهي لاءِ تہ جيڪي نٿيون لڏن سي قائم رهن. 28تنهنڪري اچو تہ جيڪا بادشاهت لڏڻ جي نہ آهي، سا حاصل ڪري اهو فضل هٿ ڪريون، جنهن ڪري اهڙي ادب ۽ خوف سان عبادت ڪريون، جو اُها خدا کي پسند اچي؛ 29ڇالاءِ جو اسان جو خدا ڀسم ڪرڻ واري باهہ آهي.

Currently Selected:

عبرانين 12: SB62

Highlight

Copy

Compare

Share

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in