خروج 35
35
1۽ موسيٰ بني اسرائيل جي ساريءَ جماعت کي گڏ ڪري کين چيو تہ جيڪي ڳالهيون خداوند اوهان جي تعميل لاءِ فرمايون آهن، سي هي آهن. 2ڇهہ ڏينهن ڪم ڪار ڪيو وڃي، پر ستون ڏينهن اوهان جي لاءِ پاڪ ڏينهن ٿيندو، يعني خداوند جي لاءِ خاص آرام جو سبت ٿيندو: جيڪو انهي ڏينهن ڪم ڪندو، سو ماريو ويندو. 3سبت جي ڏينهن اوهان پنهنجن گهرن ۾ باهہ نہ ٻارجو.
4۽ موسيٰ بني اسرائيل جي ساريءَ جماعت کي چيو تہ خداوند اوهان کي هيءُ حڪم ڏنو آهي، ۽ فرمايو اٿس تہ، 5اوهين خداوند جي لاءِ نذرانو کڻي اچو، جيڪو پنهنجيءَ دل جي خوشيءَ سان ڏيڻ چاهي، سو خداوند جي لاءِ نذرانو آڻي؛ سون، چاندي، پتل؛ 6آسماني، واڱڻائي ۽ قرمزي رنگ، ۽ سنهو سڻيءَ جو ڪپڙو؛ ۽ ٻڪرين جي ڏاس؛ 7گهيٽن جون ڳاڙهيون رڱيل کلون، مل ار مڇيءَ جون کلون؛ ۽ ٻٻر جو ڪاٺ؛ 8ڏيئن ٻارڻ جو تيل، ۽ مسح ڪرڻ جي تيل، ۽ خوشبوءِ دار لوبان لاءِ مصالحہ؛ 9سليماني پهڻ ۽ ايفود ۽ سينہ بند ۾ جڙڻ لاءِ جواهر. 10اوهان ۾ جيڪي هوشيار ماڻهو آهن، سي اچي اهو سڀ جوڙين، جنهن بابت خداوند حڪم ڏنو آهي؛ 11يعني عبادت جو خيمو، ۽ انهي جو تنبو، انهي جو ڍڪ، انهي جا ڪنڍا، انهي جا تختا، انهي جا گز، انهي جا ٿنڀ ۽ انهي جا پايا؛ 12صندوق ۽ انهيءَ جا ڏنڊا، رحمت جو پوش، ۽ پردي جو ڍڪ؛ 13ميز ۽ انهيءَ جا ڏنڊا، انهيءَ جا سڀ ٿانو، ۽ نذراني جي ماني؛ 14روشنائيءَ جي لاءِ شمعدان ۽ انهي جا ٿانو، انهي جا ڏيئا ۽ ٻارڻ جو تيل؛ 15لوبان ساڙڻ جي قربانگاهہ ۽ انهيءَ جا ڏنڊا، مسح ڪرڻ جو تيل، خوشبودار لوبان، ۽ عبادت جي خيمي جو پردو؛ 16سوختني قرباني چاڙهڻ لاءِ قربانگاهہ، ۽ پتل جو آتشدان، ۽ انهيءَ جا سڀ ڏنڊا ۽ ٿانو، حوض ۽ انهي جي صندلي؛ 17اڱڻ جا پردا ۽ انهن جا ٿنڀ، انهن جا پايا، ۽ اڱڻ جي دروازي لاءِ پردو؛ 18عبادت جي خيمي جي لاءِ ڪليون، اڱڻ جي لاءِ ڪليون، ۽ انهن جا رسا؛ 19پاڪ مڪان ۾ خدمت ڪرڻ لاءِ عمدا ٺاهيل ڪپڙا، هارون ڪاهن ۽ سندس پٽن لاءِ ڪهانت جي خدمت ڪرڻ جون پاڪ پوشاڪون.
20پوءِ بني اسرائيل جي ساري جماعت موسيٰ وٽان هلي ويئي. 21۽ انهن مان جن جي دلين ۾ جوش جاڳيو، ۽ جن جو روح راضي ٿيو، سي جماعت واري تنبوءَ جي ڪم لاءِ، ۽ انهي جي هر ڪنهن قسم جي خدمت لاءِ، ۽ پاڪ ڪپڙن لاءِ، خداوند جي حضور ۾ نذرانو کڻي آيا. 22۽ انهن مان جيترن مردن توڙي زالن جي دلين ۾ اهڙي خواهش پيدا ٿي، سي سڀ ڳچيءَ ۽ ڪنن جا زيور، منڊيون، ڪنگڻ، ۽ سڀ سونا زيور کڻي آيا؛ مطلب تہ جن ماڻهن نذرانو ڏنو تن خداوند جي لاءِ سون جو نذرانو ڏنو. 23۽ جن وٽ آسماني، واڱڻائي ۽ قرمزي رنگ، ۽ سنهي سڻيءَ جو ڪپڙو هو، ۽ ٻڪرين جي ڏاس، ۽ گهيٽن جون ڳاڙهيون رڱيل کلون، ۽ مل ار مڇيءَ جون کلون هيون، سي اهي کڻي آيا. 24جي چانديءَ يا پتل جو نذرانو ڏيئي سگهيا، سي خداوند جي لاءِ پنهنجو نذرانو کڻي آيا، ۽ جن وٽ ڪنهن خدمت جي ڪم اچڻ جهڙو ٻٻر جو ڪاٺ هو، سي اهو کڻي آيا. 25جيڪي هوشيار زالون هيون، تن پنهنجن هٿن سان آسماني، واڱڻائي ۽ قرمزي رنگ جي سنهي سڻي ڪتي تيار ڪئي. 26۽ جن زالن جي دلين ۾ هنر هو، تن ٻڪرين جي ڏاس ڪتي. 27۽ سردارن وري سليماني پهڻ، ۽ ايفود، ۽ سينہ بند ۾ جڙڻ لاءِ جواهر، 28۽ روشنائيءَ ۽ مسح ڪرڻ جي لاءِ تيل، ۽ خوشبودار لوبان لاءِ مصالحہ آندا. 29يعني بني اسرائيل پنهنجي خوشيءَ سان خداوند جي لاءِ نذرانو آندو؛ سڀ ڪنهن مرد توڙي زال، جنهن جي دل کيس راضي ڪيو، تنهن انهن ڪمن جي واسطي نذرانو آندو، جن جي ڪرڻ جو خداوند موسيٰ کي حڪم ڏنو هو.
30۽ موسيٰ بني اسرائيل کي چيو تہ ڏسو، خداوند يهوداهہ جي قبيلي واري بضلي ايل بن اوري بن حور کي نالو وٺي سڏيو آهي. 31۽ انهي کي دانائي، سمجهہ، علم ۽ هر ڪنهن قسم جي ڪاريگريءَ ۾ خدا جي روح سان ڀرپور ڪيو اٿس. 32انهي لاءِ تہ هو هوشياري ۽ ڪاريگريءَ جا ڪم رٿي، ۽ سون، ۽ چاندي ۽ پتل جو ڪم ڪري، 33۽ جواهرن کي جڙڻ لاءِ گهڙي تيار ڪري، ۽ ڪاٺ جي اُڪرڻ ۾ هر ڪنهن قسم جي ڪاريگريءَ جو ڪم ڪري. 34۽ هن کيس، ۽ دان جي قبيلي واري اخيسمڪ جي پٽ اهلياب کي سکندڙ دل ڏني آهي. 35۽ هن کين دل جي دانائيءَ سان ڀرپور ڪيو آهي، انهي لاءِ تہ هو هر ڪنهن قسم جي ڪاريگري جو ڪم ڪن، يعني اُڪرڻ واري جو، استاد ڪاريگر جو، زردوز جو، آسماني، واڱڻائي ۽ قرمزي رنگ، ۽ سنهي سڻيءَ جي ڪپڙي ۾ ڀرت ڀرڻ واري جو، اُڻڻ واري جو، بلڪ انهن سڀني جو جيڪي ڪو ٻيو ڪاريگريءَ يا هوشياريءَ جو ڪم ٿا ڪن.
Currently Selected:
خروج 35: SB62
Highlight
Copy
Compare
Share
Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

: