YouVersion Logo
Search Icon

خروج 34

34
1پوءِ خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ پنهنجي لاءِ اڳين تختين جهڙيون پهڻ جون ٻيون ٻہ تختيون جوڙي تيار ڪر؛ ۽ آءٌ انهن تختين تي اهي ڳالهيون لکندس، جي اڳين تختين تي لکيل هيون، جن کي تو ڀڃي ڇڏيو، 2۽ صبح جو سوير تيار ٿي سينا جبل تي چڙهي اچج، ۽ اتي جبل جي چوٽيءَ تي منهنجي حضور ۾ اچي حاضر ٿج، 3۽ ڪوبہ ماڻهو تو سان گڏ مٿي نہ اچي، نڪي ڪوبہ ماڻهو ساري جبل تي ڏسڻ ۾ اچي، نڪي انهي جبل جي اڳيان ڍور ۽ ڌڻ چرن. 4تڏهن هن اڳين تختين جهڙيون پهڻ جون ٻيون ٻہ تختيون جوڙيون، ۽ موسيٰ صبح جو سوير اُٿيو، ۽ جيئن خداوند فرمايو هوس، تيئن اهي پهڻ جون تختيون پنهنجي هٿ ۾ کڻي سينا جبل تي چڙهي ويو. 5۽ خداوند ڪڪر ۾ لهي آيو ۽ اچي اتي ساڻس گڏ بيٺو، ۽ خداوند جو نالو ظاهر ڪيائين. 6۽ خداوند هن جي اڳيان هيئن چوندو لنگهيو تہ ”خداوند، رحمان ۽ رحيم خدا، ڪاوڙ ڪرڻ ۾ ڍرو، رحم ۽ سچ سان ڀرپور، 7هزارن تي رحم ڪندڙ، بڇڙائي، خطا ۽ گناهہ جو بخشيندڙ آهي، پر هو ڏوهارين کي ڪنهن بہ طرح ڪين ڇڏيندو؛ ابن ڏاڏن جي بڇڙائين جي سزا سندن اولاد کي، ۽ اولاد جي اولاد کي، ٽينءَ ۽ چوٿينءَ پيڙهيءَ تائين ڏيندو.“ 8تڏهن موسيٰ تڪڙو ٿي زمين تي سر جهڪائي سجدو ڪيو، 9۽ چوڻ لڳو تہ اي خداوند، جيڪڏهن تنهنجي مهربانيءَ جي نظر مون تي ٿي آهي، تہ آءٌ عرض ٿو ڪريان تہ خداوند اسان سان گڏجي هلي، ڇالاءِ جو هي ضدي ماڻهو آهن؛ ۽ تون اسان جا قصور ۽ گناهہ معاف ڪر، ۽ اسان کي پنهنجي ميراث ڄاڻي قبول ڪر. 10تڏهن هن چيس تہ ڏس آءٌ عهد ٿو ڪريان، تہ آءٌ تنهنجي ساريءَ قوم جي اڳيان اهڙا عجيب ڪم ڪندس، جي ساريءَ زمين تي ڪنهن بہ قوم ۾ نہ ڪيا ويا آهن؛ ۽ جن ماڻهن ۾ تون رهين ٿو، سي سڀ خداوند جو ڪم ڏسندا؛ ڇالاءِ تہ جيڪي آءٌ توسان ڪندس، سو خوفناڪ آهي. 11جيڪو حڪم آءٌ توکي ڏيان ٿو تنهن تي عمل ڪج: ڏس، آءٌ امورين، ڪنعانين، حتين، فريزين، حوين، ۽ يبوسين کي تنهنجي اڳيان هڪالي ٿو ڪڍان. 12خبردار، جنهن ملڪ ۾ تون وڃين ٿو، تنهن جي رهاڪن سان ڪوبہ عهد نہ ڪج، متان اهو اوهان جي وچ ۾ ڦندو ٿي پوي. 13بلڪ اوهين هنن جون قربانگاهون ڀڃي ڇڏجو، ۽ هنن جا ٿنڀ ڪيرائي پرزا پرزا ڪجو، ۽ هنن جون يسيرہ نالي مورتون وڍي ڇڏجو. 14اوهين ڪنهن بہ ٻئي معبود جي عبادت نہ ڪجو، ڇالاءِ جو خداوند، جنهن جو نالو غيور آهي، سو غيرت وارو خدا آهي. 15ائين نہ ٿئي جو تون انهي ملڪ جي رهاڪن سان ڪو عهد ڪرين، ۽ هو پنهنجن معبودن جي پيروي ڪندي، زناڪاري ڪن، ۽ پنهنجن ديوتائن جي لاءِ قرباني چاڙهين، ۽ منجهانئن ڪو توکي سڏي ۽ تون انهن جي قربانيءَ مان ڪي کائين؛ 16۽ تون انهن جي ڌيئرن مان ڪي پنهنجن پٽن لاءِ وٺين، ۽ انهن جون ڌيون پنهنجن معبودن جي پيروي ڪندي زناڪاري ڪن، ۽ تنهنجن پٽن کي بہ پنهنجن معبودن جي پيروي ڪرائي زناڪار ٺهرائين. 17تون پنهنجي لاءِ ڪنهن بہ معبود جي پلٽيل مورت نہ جوڙج. 18تون فطيري ماني جي عيد ڪندو رهج. جيئن مون تو کي حڪم ڏنو آهي، تيئن ابيب مهيني ۾ ٺهرايل وقت تي ست ڏينهن فطيري ماني کائج. ڇالاءِ جو ابيب مهيني ۾ اوهين مصر مان ٻاهر نڪتا هئا. 19سڀ پهريتا منهنجا آهن، ۽ تنهنجي چوپائي مال، يعني ڏاندن ۽ رڍن جا پهريان ٻچا منهنجا آهن. 20۽ تون گڏهہ جي پهرئين ٻچي جي عيوضي ۾ هڪڙو گهٽو يا ڇيلو ڏج، پر جي انهي جو عيوضو نہ ڏين، تہ پوءِ انهي جو ڪنڌ ڀڃي ڇڏج. تون پنهنجن پٽن مان سڀني پهريتن جو عيوضو ڏج. ڪوبہ منهنجي حضور ۾ هٿين خالي نہ اچي. 21ڇهہ ڏينهن تون ڪم ڪار ڪج، پر ستين ڏينهن آرام وٺج: هر کيڙڻ وقت، ۽ لاباري وقت بہ آرام وٺج. 22تون هفتن جي عيد ڪج، يعني ڪڻڪ جي پهرئين لاباري وقت، ۽ وري سال جي پڇاڙيءَ ۾ فصل کڻڻ جي عيد ڪج. 23سال ۾ ٽي ڀيرا تنهنجا سڀ مرد ماڻهو، خداوند خدا، جو اسرائيل جو خدا آهي، تنهن جي حضور ۾ اچي حاضر ٿين. 24ڇالاءِ جو آءٌ قومن کي تنهنجي اڳيان هڪالي ڪڍندس، ۽ تنهنجون حدون وڌائيندس؛ ۽ جڏهن تون سال ۾ ٽي ڀيرا خداوند پنهنجي خدا جي حضور ۾ وڃي حاضر ٿيندين، تڏهن ڪوبہ ماڻهو تنهنجي زمين جي لالچ نہ ڪندو. 25تون منهنجي قربانيءَ جو رت خميري مانيءَ سان گڏ نذراني طور پيش نہ ڪج؛ نڪي فسح جي عيد جي قرباني صبح تائين بچائي ڇڏج. 26تون پنهنجيءَ زمين جي پيدائش مان پهريون ڦل خداوند پنهنجي خدا جي گهر ۾ آڻج. تون ڇيلي کي سندس ماءُ جي کير ۾ نہ رڌج. 27۽ خداوند موسيٰ کي چيو تہ اهي ڳالهيون لکي ڇڏ؛ ڇالاءِ جو انهن ڳالهين موجب مون تو سان، ۽ اسرائيل سان عهد ڪيو آهي. 28۽ هو اتي خداوند وٽ چاليهہ ڏينهن ۽ چاليهہ راتيون هو؛ هن نڪا ماني کاڌي، نڪو پاڻي پيتائين. ۽ هن انهن تختين تي انهي عهد واريون ڳالهيون يعني ڏهہ حڪم لکيا.
29۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن موسيٰ شاهديءَ واريون ٻئي تختيون پنهنجي هٿ ۾ کڻي سينا جبل تان لٿو، تڏهن کيس اها خبر ڪانہ هئي تہ خداوند سان ڳالهائڻ جي ڪري سندس چهرو چمڪي رهيو آهي. 30۽ جڏهن هارون ۽ سڀني بني اسرائيلين موسيٰ ڏانهن نهاريو، تڏهن ڇا ڏسن تہ هن جو چهرو چمڪي رهيو آهي، ۽ سندس ويجهو وڃڻ کان ڊنا. 31تڏهن موسيٰ انهن کي سڏ ڪيو، ۽ هارون ۽ جماعت جا سڀ سردار وٽس آيا، ۽ موسيٰ ساڻن ڳالهيون ڪرڻ لڳو. 32پوءِ سڀ بني اسرائيل هن جي ويجهو آيا ۽ جيڪي ڳالهيون خداوند کيس سينا جبل تي ٻڌايون هيون، تن بابت انهن کي حڪم ڏنائين. 33۽ جڏهن موسيٰ انهن سان ڳالهائي رهيو هو، تڏهن هن پنهنجي چهري تي نقاب وجهي ڇڏيو. 34پر جڏهن موسيٰ خداوند سان ڳالهائڻ لاءِ سندس حضور ۾ ويندو هو، تڏهن ٻاهر اچڻ تائين نقاب لاهي ڇڏيندو هو؛ ۽ جيڪو حڪم ملندو هوس، سو ٻاهر اچي ماڻهن کي ٻڌائيندو هو. 35۽ بني اسرائيل موسيٰ جي چهري ڏانهن نهاريو تہ سندس چهرو چمڪي رهيو هو؛ ۽ موسيٰ جيسين وري هن سان ڳالهائڻ لاءِ اندر نہ ويندو هو، تيسين پنهنجي چهري تي نقاب وجهي ڇڏيندو هو.

Currently Selected:

خروج 34: SB62

Highlight

Copy

Compare

Share

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in