YouVersion Logo
Search Icon

خروج 32

32
1هاڻي جڏهن ماڻهن ڏٺو تہ موسيٰ کي جبل تان لهڻ ۾ دير ٿي آهي، تڏهن اهي هارون وٽ اچي گڏ ٿيا، ۽ چيائونس تہ اُٿي اسان جي لاءِ اهڙا ديوتا ٺاهہ، جي اسان جي رهبري ڪن: ڇالاءِ تہ هي شخص موسيٰ، جو اسان کي مصر جي ملڪ مان ڪڍي آيو آهي، تنهن بابت اسان کي خبر نہ آهي تہ ڇا ٿيس. 2تڏهن هارون کين چيو تہ جيڪي سون جون واليون اوهانجن پٽن ۽ ڌيئرن جي ڪنن ۾ آهن، سي ڀڃي مون وٽ کڻي اچو. 3تنهن تي سڀيئي ماڻهو پنهنجون سون جون واليون، جيڪي سندن ڪنن ۾ هيون، سي ڀڃي هارون وٽ کڻي آيا. 4۽ هن اهي سندن هٿن مان وٺي، انهن کي پگهاريو ۽ سانچي ۾ وجهي، وينجهر جي اوزار سان گهڙي، انهي مان هڪڙو گابو جوڙيائين: ۽ هنن چيو تہ اي اسرائيليو، هي اوهان جو معبود آهي، جنهن اوهان کي مصر جي ملڪ مان ڪڍي آندو! 5۽ جڏهن هارون هي حال ڏٺو، تڏهن انهي جي اڳيان هڪڙي قربانگاهہ جوڙيائين، ۽ هارون پڙهو گهمايو تہ سڀاڻي خداوند جي لاءِ عيد ٿيندي. 6۽ ٻئي ڏينهن، اُهي صبح جو سوير اُٿيا، ۽ سوختنيون قربانيون چاڙهيائون، ۽ سلامتيءَ جون قربانيون پيش ڪيائون؛ پوءِ ماڻهو ويهي کائڻ پيئڻ، ۽ اُٿي رانديون ڪرڻ لڳا.
7تڏهن خداوند موسيٰ کي چيو تہ هيٺ لهي وڃ، ڇالاءِ جو تنهنجا ماڻهو، جن کي تون مصر جي ملڪ مان ڪڍي آيو آهين، تن پاڻ کي خراب ڪيو آهي؛ 8جنهن رستي جو مون کين حڪم ڏنو هو، تنهن کان هو جلد ڦري ويا آهن؛ هنن پنهنجي لاءِ هڪڙو پلٽيل گابو جوڙيو آهي، ۽ انهي جي عبادت ڪئي اٿن، ۽ انهي جي لاءِ قربانيون چاڙهيون اٿن، ۽ چيو اٿن تہ اي اسرائيليو، هي اوهان جو معبود آهي، جنهن اوهان کي مصر جي ملڪ مان ڪڍي آندو آهي. 9۽ خداوند موسيٰ کي چيو تہ مون هن قوم کي ڏٺو آهي، ۽ ڏس، هيءَ ضدي قوم آهي؛ 10تنهنڪري هاڻي مون کي ڇڏ تہ منهنجي ڪاوڙ هنن تي ڀڙڪو کائي، ۽ آءٌ کين ساڙي رک ڪري ڇڏيان؛ پر آءٌ تو منجهان هڪڙي وڏي قوم پيدا ڪندس. 11تڏهن موسيٰ خداوند پنهنجي خدا کي عرض ڪري چيو تہ اي خداوند، ڇو تنهنجي ڪاوڙ تنهنجيءَ اُمت تي ڀڙڪو کائي، جنهن کي تو پنهنجي وڏيءَ قدرت ۽ زور سان مصر جي ملڪ مان ڪڍي آندو آهي؟ 12ڇو مصري چون تہ هو کين ڪنهن خرابيءَ جي لاءِ ڪڍي وٺي ويو، تہ اُنهن کي جبلن ۾ ماري وجهي، ۽ کين زمين جي سطح تائين مٽائي ڇڏي؟ تون پنهنجي غصي کي ٽاري ڇڏ، ۽ پنهنجيءَ اُمت تي اها مصيبت آڻڻ جي ارادي کي ڇڏي ڏي. 13تون ابرهام، اسحاق ۽ اسرائيل کي ياد ڪر، جي تنهنجا ٻانها هئا، جن کي تو پنهنجو قسم کڻي چيو تہ آءٌ اوهان جو اولاد آسمان جي تارن جيترو وڌائيندس، ۽ هيءُ سارو ملڪ، جنهن جو مون ذڪر ڪيو آهي، سو اوهان جي اولاد کي ڏيندس، ۽ اهي هميشہ جي لاءِ انهي جا وارث ٿيندا. 14تڏهن خداوند پنهنجيءَ اُمت تي اُها آفت آڻڻ کان باز آيو جنهن جو ارادو ڪيو هئائين.
15پوءِ موسيٰ موٽي جبل تان هيٺ لٿو، ۽ شاهديءَ جون ٻئي تختيون سندس هٿ ۾ هيون، اهي تختيون ٻنهي پاسي لکيل هيون؛ انهن جو هڪڙو پاسو بہ لکيل هو ۽ ٻيو پاسو بہ. 16اهي تختيون خدا جون جوڙيل هيون، ۽ جيڪي مٿن لکيل هو سو خدا جو لکيل هو، ۽ تختين تي اُڪريل هو. 17۽ ماڻهن جيڪي رڙيون پئي ڪيون، سي جڏهن يشوع ٻڌيون، تڏهن موسيٰ کي چيائين تہ منزلگاهہ ۾ جنگ جو آواز آهي. 18پر موسيٰ چيو تہ اهو فتح جي رڙين جو آواز نہ آهي، ۽ نہ شڪست جي هل جو آواز آهي، پر اهو آواز جو آءٌ ٻڌان ٿو، سو ڳائڻ وارن جو آواز آهي. 19۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن هو منزلگاهہ جي ويجهو آيو تڏهن گابو ۽ ناچ ڏٺائين: تنهن تي موسيٰ کي ڏاڍي ڪاوڙ آئي ۽ سندس هٿ ۾ جيڪي تختيون هيون، سي کڻي اُڇلايائين، ۽ جبل جي تري وٽ ڀڃي ڇڏيائين. 20۽ جيڪو گابو هنن جوڙيو هو سو باهہ ۾ ساڙي ڇڏيائين، ۽ انهي کي پيهي اٽو ڪري پاڻيءَ ۾ پکيڙيائين، ۽ اهو پاڻي بني اسرائيل کي پياريائين.
21۽ موسيٰ هارون کي چيو تہ هنن ماڻهن تو سان ڇا ڪيو جو تو ههڙو گناهہ هنن جي مٿان آندو آهي؟ 22تڏهن هارون موسيٰ کي چيو تہ منهنجي مالڪ جي ڪاوڙ مون تي ڀڙڪو نہ کائي، تون هنن کان واقف آهين تہ هنن جو لاڙو بڇڙائي ڏانهن آهي. 23هنن مون کي چيو تہ اسان کي اهڙا ديوتا ٺاهي ڏي، جي اسان جي رهبري ڪن؛ ڇالاءِ جو هي شخص موسيٰ، جو اسان کي مصر جي ملڪ مان ڪڍي آيو، تنهن کي خبر نہ آهي تہ ڇا ٿيو. 24تڏهن مون هنن کي چيو تہ جنهن ڪنهن وٽ سون هجي، سو اهو ڀڃي کڻي اچي؛ ۽ هنن اهو مون کي آڻي ڏنو، ۽ مون اهو باهہ ۾ وڌو تہ هي گابو نڪري آيو.
25هاڻي جڏهن موسيٰ ڏٺو تہ ماڻهو قابو مان نڪري ويا آهن؛ (ڇالاءِ جو هارون انهن کي ڇوٽ ڇڏي ڏنو هو تہ ڀلي سندن دشمن مٿن ٺٺوليون ڪن): 26تڏهن موسيٰ منزلگاهہ جي دروازي تي اچي بيٺو، ۽ چوڻ لڳو تہ جيڪو خداوند جي پاسي هجي، سو مون وٽ اچي. تڏهن لاويءَ جي فرقي جا سڀيئي ماڻهو اچي وٽس گڏ ٿيا. 27۽ هن کين چيو تہ خداوند، اسرائيل جو خدا، هيئن ٿو فرمائي، تہ اوهان مان هر ڪو ماڻهو پنهنجي ترار چيلهہ سان ٻڌي منزلگاهہ ۾ هڪڙي دروازي کان ٻي دروازي تائين گشت ڪري، ۽ هرڪو ماڻهو پنهنجي ڀاءُ کي، ۽ هرڪو ماڻهو پنهنجي سنگتيءَ کي، ۽ هرڪو ماڻهو پنهنجي پاڙيسريءَ کي قتل ڪري. 28سو لاويءَ جي فرقي وارن موسيٰ جي چوڻ موجب ڪيو، ۽ انهي ڏينهن انهن ماڻهن مان اٽڪل ٽي هزار ماڻهو مارجي ويا. 29۽ موسيٰ چيو تہ اڄ اوهين پاڻ کي خداوند جي لاءِ مخصوص ڪريو، هائو، هرڪو ماڻهو پنهنجي پٽ ۽ پنهنجي ڀاءُ جي برخلاف ٿئي، تہ هو اڄ اوهان کي برڪت ڏئي.
30۽ ٻئي ڏينهن صبح جو هيئن ٿيو، جو موسيٰ ماڻهن کي چيو تہ اوهان هڪڙو وڏو گناهہ ڪيو آهي: هاڻي آءٌ خداوند وٽ چڙهي ٿو وڃان؛ شايد اوهان جي گناهہ جو ڪفارو ڪريان. 31پوءِ موسيٰ موٽي خداوند وٽ ويو ۽ چيائين تہ، افسوس، هنن ماڻهن هڪڙو وڏو گناهہ ڪيو آهي، ۽ پنهنجي لاءِ سون جا معبود جوڙيا اٿن. 32هاڻي جيڪڏهن تون هنن جو گناهہ معاف ڪرين تہ چڱو، جي نہ، تہ آءٌ توکي عرض ٿو ڪريان تہ جيڪو ڪتاب تو لکيو آهي، تنهن مان منهنجو نالو مٽائي ڇڏ. 33تڏهن خداوند موسيٰ کي چيو تہ جنهن منهنجو گناهہ ڪيو آهي تنهن جو نالو آءٌ پنهنجي ڪتاب مان مٽائي ڇڏيندس. 34هاڻي تون وڃ، ۽ جنهن جاءِ بابت مون توکي حڪم ڏنو آهي، اتي پنهنجيءَ قوم کي وٺي وڃ: ڏس، منهنجو فرشتو تنهنجي اڳيان هلندو: تنهن هوندي بہ جنهن ڏينهن آءٌ بدلو وٺندس، تنهن ڏينهن آءٌ انهن کي سندن گناهہ جي سزا ڏيندس. 35۽ جيڪو گابو هارون جوڙيو هو، تنهن جي جوڙڻ ڪري، خداوند انهن تي آفت آندي.

Currently Selected:

خروج 32: SB62

Highlight

Copy

Compare

Share

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in