شريعت جو دور 8
8
1جيڪي حڪم آءٌ اڄوڪي ڏينهن توکي ٻڌايان ٿو، تن تي اوهين خبرداريءَ سان عمل ڪجو، تہ اوهين جيئرا رهو، ۽ وڌو، ۽ انهي ملڪ ۾ وڃي مٿس قبضو ڪريو، جنهن بابت خداوند اوهان جي خدا اوهان جي ابن ڏاڏن سان قسم کنيو هو. 2۽ تون انهي رستي کي ياد رکج، جنهن تي خداوند تنهنجي خدا توکي چاليهہ ورهيہ بيابان ۾ هلايو، انهي لاءِ تہ هو توکي نماڻو ڪري، ۽ توکي آزمائي، ۽ تنهنجيءَ دل جي ڳالهہ معلوم ڪري، تہ تون هن جي حڪمن کي مڃيندين يا نہ. 3۽ هن توکي نماڻو ڪيو، ۽ بک ماريائين، ۽ توکي من کارايائين، جنهن جي نہ توکي خبر هئي، نہ تنهنجي ابن ڏاڏن کي؛ انهي لاءِ تہ توکي سيکاري تہ ماڻهو رڳو مانيءَ سان جيئرو نٿو رهي، پر هرڪا ڳالهہ جا خداوند جي واتان ٿي نڪري، تنهن سان جيئرو ٿو رهي. 4اُنهن چاليهن ورهين ۾ نہ تنهنجا ڪپڙا تنهنجي بدن تي پراڻا ٿيا، نڪي تنهنجا پير سڄي پيا. 5۽ تون پنهنجيءَ دل ۾ ائين سمجهہ، تہ جيئن ڪو ماڻهو پنهنجي پٽ کي سيکت ڏيندو آهي، تيئن خداوند تنهنجي خدا توکي سيکت ٿي ڏني. 6۽ تون خداوند پنهنجي خدا جي واٽن تي هلڻ لاءِ، ۽ سندس ڊپ رکڻ لاءِ، سندس حڪم مڃيندو رهج. 7ڇالاءِ جو خداوند تنهنجو خدا توکي هڪڙي چڱي ملڪ ۾ ٿو پهچائي، جنهن ملڪ ۾ پاڻيءَ جون نهرون، ۽ چشما، ۽ اونهيون ڍنڍون آهن، جي ماٿرين ۽ ٽڪرين مان ٿيون نڪرن؛ 8جنهن ملڪ ۾ ڪڻڪ ۽ جوَ، ۽ انگور، ۽ انجير، ۽ ڏاڙهونءَ جا وڻ ٿا ٿين؛ جنهن ۾ تيل وارا زيتون ۽ ماکي ٿي ٿئي؛ 9جنهن ملڪ ۾ تون پيٽ ڀري ماني کائيندين، ۽ توکي ڪنهن بہ شيءِ جي ڪمي ڪانہ ٿيندي؛ جنهن ملڪ جا پهڻ بہ لوهہ آهن، ۽ جنهن جي ٽڪرين مان تون ٽامو کوٽي ڪڍندين. 10۽ تون کائي ڍءُ ڪندين، ۽ جيڪو چڱو ملڪ خداوند تنهنجو خدا توکي ڏيندو، تنهن لاءِ هن جي ساراهہ ڪندين. 11تون خبردار رهج، ائين نہ ٿئي جو تون خداوند پنهنجي خدا کي وساري ڇڏين، ۽ جيڪي هن جا حڪم، ۽ فيصلا، ۽ قانون مون اڄ توکي ٻڌايا آهن، تن تي عمل نہ ڪرين: 12۽ ائين نہ ٿئي، تہ جڏهن تون کائي ڍءُ ڪرين، ۽ عمديون جايون جوڙي انهن ۾ رهين؛ 13۽ جڏهن تنهنجا ڍور ۽ تنهنجا ڌڻ وڌن، ۽ تو وٽ چاندي ۽ سون گهڻو ٿئي، ۽ تنهنجي مال ملڪيت ۾ واڌارو ٿئي؛ 14تڏهن تنهنجي دل مغرور ٿي پوي، ۽ تون خداوند پنهنجي خدا کي وساري ڇڏين، جو توکي مصر جي ملڪ مان، يعني غلاميءَ جي گهر مان ٻاهر ڪڍي آيو؛ 15جو انهي وڏي ۽ خوفناڪ بيابان ۾ تنهنجو رهبر ٿيو، جنهن ۾ زهريلا نانگ ۽ وڇون هئا، ۽ زمين پاڻيءَ کان سواءِ خشڪ ٿي ويئي هئي؛ جنهن تنهنجي لاءِ چقمق جي ٽڪريءَ مان پاڻي ڪڍيو؛ 16جنهن توکي بيابان ۾ اهڙي من کارائي، جنهن جي تنهنجي ابن ڏاڏن کي خبر ڪانہ هئي؛ انهي لاءِ تہ هو توکي نماڻو ڪري، ۽ توکي آزمائي، ۽ نيٺ تنهنجو ڀلو ڪري: 17۽ ائين نہ ٿئي جو تون پنهنجيءَ دل ۾ چوين، تہ مون پنهنجيءَ طاقت، ۽ پنهنجي هٿ جي زور سان هيءَ دولت حاصل ڪئي آهي. 18پر تون خداوند پنهنجي خدا کي ياد رکج، ڇالاءِ جو اهو ئي دولت حاصل ڪرڻ جي طاقت ٿو ڏئي؛ تہ جنهن عهد جي بابت هن تنهنجي ابن ڏاڏن سان قسم کنيو هو، تنهن کي قائم رکي، جيئن ڪ اڄوڪي ڏينهن ظاهر آهي. 19۽ هيئن ٿيندو، تہ جيڪڏهن تون خداوند پنهنجي خدا کي وساريندين، ۽ ٻين معبودن جي پيروي ڪندين، ۽ انهن جي عبادت ڪندين، ۽ انهن کي سجدو ڪندين، تہ آءٌ اڄوڪي ڏينهن اوهان جي برخلاف شاهدي ٿو ڏيان تہ اوهين ضرور نابود ٿيندا. 20جيئن خداوند ٻين قومن کي اوهان جي اڳيان تباهہ ٿو ڪري، تيئن اوهين بہ خداوند پنهنجي خدا جو آواز نہ ٻڌڻ ڪري تباهہ ٿي ويندا؛ ڇالاءِ جو اوهان خداوند پنهنجي خدا جو آواز نہ ٻڌو.
Currently Selected:
شريعت جو دور 8: SB62
Highlight
Copy
Compare
Share
Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.