YouVersion Logo
Search Icon

شريعت جو دور 7

7
1جڏهن خداوند تنهنجو خدا توکي انهي ملڪ ۾ پهچائي، جنهن کي هٿ ڪرڻ لاءِ تون وڃين ٿو، ۽ اتي جون ست قومون، يعني حتي، جرجاسي، اموري، ڪنعاني، فرزي، حوي ۽ يبوسي، جي توکان وڏيون ۽ زور واريون آهن، تن کي تنهنجي اڳيان هڪالي ڪڍي؛ 2۽ جڏهن خداوند تنهنجو خدا انهن کي تنهنجي حوالي ڪري، ۽ تون انهن کي شڪست ڏين؛ تڏهن تون انهن کي پوريءَ طرح نابود ڪج؛ تون انهن سان ڪو بہ عهد نہ ڪج، نڪي انهن تي رحم ڪج: 3تون انهن سان مائٽي نہ ڳنڍج؛ تون پنهنجي ڌيءَ هنن جي پٽ کي نہ ڏج، نڪي هن جي ڌيءَ پنهنجي پٽ لاءِ وٺج. 4ڇالاءِ جو هو تنهنجي پٽ کي منهنجي پيروي ڪرڻ کان ڦيرائينديون، انهي لاءِ تہ هو ٻين معبودن جي عبادت ڪري: جنهنڪري خداوند اوهان تي ڪاوڙجي، ۽ جلد اوهان کي برباد ڪري ڇڏي. 5پر اوهين هنن سان هيءَ هلت ڪجو؛ اوهين هنن جون قربانگاهون ڀڃي ڇڏجو، هنن جا ٿنڀ ڪيرائي پرزا پرزا ڪجو، هنن جون يسيرہ نالي مورتون وڍي ڇڏجو. 6ڇالاءِ جو اوهين خداوند پنهنجي خدا جي لاءِ هڪڙي پاڪ اُمت آهيو: خداوند اوهان جي زمين جي سڀني قومن مان، اوهان کي پنهنجي خاص اُمت ٿيڻ لاءِ چونڊي ڪڍيو آهي. 7خداوند اوهان سان محبت ڪئي، يا اوهان کي چونڊيائين، تنهن جو سبب اهو ڪونہ هو، تہ ڪو اوهين شمار ۾ ٻين کان گهڻا هئا؛ ڇالاءِ جو اوهين تہ ٻين سڀني قومن کان تمام ٿورا هئا: 8پر خداوند اوهان کي پيار ٿو ڪري، ۽ جيڪو قسم هن اوهان جي ابن ڏاڏن سان کنيو هو، سو پورو ڪرڻ ٿو چاهي؛ تنهنڪري خداوند پنهنجي زوراور هٿ سان اوهان کي ٻاهر ڪڍي آندو، ۽ غلاميءَ جي گهر، يعني مصر جي بادشاهہ فرعون جي هٿ مان اوهان کي ڇڏايائين. 9تنهنڪري ياد رک، تہ خداوند تنهنجو خدا اهو ئي خدا آهي؛ هو سچو خدا آهي، ۽ جيڪي کيس پيار ٿا ڪن، ۽ سندس حڪمن تي عمل ٿا ڪن، تن سان هزار پيڙهين تائين پنهنجو عهد قائم ٿو رکي؛ ۽ مٿن رحم ٿو ڪري، 10۽ جيڪي ساڻس دشمني ٿا رکن، تن کي سندن ڏسندي بدلو ٿو ڏئي، ۽ برباد ٿو ڪري: جيڪو هن سان دشمني ٿو رکي، تنهن کي هن جي ڏسندي بدلي ڏيڻ ۾ دير نٿو ڪري. 11تنهنڪري جيڪي حڪم، ۽ قانون، ۽ فيصلا آءٌ اڄ توکي ٻڌايان ٿو، تن تي خبرداريءَ سان عمل ڪندو رهج.
12۽ هيئن ٿيندو تہ، جيڪڏهن اوهين هي فيصلا ٻڌي، انهن تي خبرداريءَ سان عمل ڪندا، تہ خداوند تنهنجو خدا بہ پنهنجو عهد ۽ رحم توسان قائم رکندو، جنهن بابت هن تنهنجي ابن ڏاڏن سان قسم کنيو هو: 13۽ هو توکي پيار ڪندو، ۽ توکي برڪت ڏيندو، ۽ توکي وڌائيندو: ۽ جيڪو ملڪ توکي ڏيڻ لاءِ هن تنهنجي ابن ڏاڏن سان قسم کنيو هو، تنهن منجهہ تنهنجي اولاد ۾، ۽ تنهنجيءَ زمين جي پيدائش يعني تنهنجي اَن ۾، ۽ تنهنجي تيل ۾، ۽ تنهنجي ڍورن ۽ ڌڻن جي ٻچن ۾ برڪت وجهندو. 14توکي ٻين سڀني قومن کان وڌيڪ برڪت ڏيندو: اوهان ۾ توڙي اوهان جي چوپائي مال ۾، ڪوبہ نر يا ڪابہ مادي سنڍ نہ ٿيندي. 15۽ خداوند سڀڪا بيماري اوهان مان ڪڍي ڇڏيندو؛ ۽ مصر جا خراب مرض جن جي توکي خبر آهي، تن مان ڪوبہ تو تي ڪين موڪليندو، پر اهي هو انهن سڀني تي موڪليندو، جيڪي ساڻس دشمني ٿا رکن. 16۽ جيڪي قومون خداوند تنهنجو خدا تنهنجي حوالي ڪندو، تن سڀني کي تون ماري کپائي ڇڏج؛ تون انهن تي ڪوبہ قياس نہ ڪج: نڪي تون انهن جي معبودن جي عبادت ڪج؛ ڇالاءِ جو اهو تنهنجي لاءِ هڪڙو ڦندو ٿيندو. 17جي تنهنجي دل ۾ اهو خيال اچي، تہ هي قومون مون کان گهڻيون آهن؛ آءٌ هنن کي ڪيئن هڪالي سگهندس؟ 18تڏهن بہ تون انهن کان متان ڊڄين: پر جيڪي خداوند تنهنجي خدا فرعون سان، ۽ ساري مصر سان ڪيو، سو ياد رکج؛ 19يعني جيڪي وڏيون وڏيون آزمائشون تو پنهنجين اکين ڏٺيون، ۽ اهي نشان، ۽ معجزا، ۽ زوراور هٿ، ۽ ڊگهيريل ٻانهن، جن سان خداوند تنهنجو خدا توکي ٻاهر ڪڍي آيو: ۽ خداوند تنهنجو خدا انهن قومن سان بہ ائين ئي ڪندو، جن کان تون ڊڄين ٿو. 20انهي کان سواءِ خداوند تنهنجو خدا انهن ۾ چيلاٽا موڪليندو، ۽ جيڪي انهن مان بچي ويا هوندا، ۽ توکان لڪي ويا هوندا، تن کي تنهنجي اڳيان تباهہ ڪري ڇڏيندو. 21تون انهن کان ڪوبہ خوف نہ ڪج: ڇالاءِ جو خداوند تنهنجو خدا تنهنجي وچ ۾ آهي، هو عظيم ۽ خوفناڪ آهي. 22۽ خداوند تنهنجو خدا انهن قومن کي رفتہ رفتہ تنهنجي اڳيان هڪالي ڪڍندو: تون انهن کي يڪدم نابود نہ ڪج، متان جهنگ جا مرون وڌي تو تي حملو ڪن. 23پر خداوند تنهنجو خدا انهن کي تنهنجي حوالي ڪندو، ۽ انهن کي زبردست شڪست ڏيندو، جيسين ڪ اهي بلڪل نابود ٿي وڃن. 24۽ هو انهن جي بادشاهن کي تنهنجي هٿ ۾ ڏيندو، ۽ تون انهن جو نالو زمين تان مٽائي ڇڏيندين: ۽ جيسين تون انهن کي برباد نہ ڪندين، تيسين ڪوبہ ماڻهو تنهنجي اڳيان بيهي ڪين سگهندو. 25اوهين انهن جي معبودن جي اُڪريل مورتن کي باهہ سان ساڙي ڇڏجو: ۽ جيڪا چاندي يا سون انهن تي هجي، تنهن جي تون لالچ نہ ڪج، نڪي اهي پنهنجي لاءِ کڻج، متان تون انهن ۾ ڦاسي پوين: ڇالاءِ جو اها ڳالهہ خداوند تنهنجي خدا جي نظر ۾ ڪراهت جهڙي آهي: 26۽ تون ڪابہ مڪروهہ شيءِ پنهنجي گهر ۾ نہ آڻج، نہ تہ تون بہ انهيءَ وانگر برباديءَ جي لائق ٿيندين: تون انهن کي بلڪل ڌڪارج، ۽ انهن کان نفرت ڪج؛ ڇالاءِ جو اها برباديءَ جي لائق آهي.

Highlight

Copy

Compare

Share

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in