شريعت جو دور 6
6
1هاڻي اهي حڪم، ۽ قانون، ۽ فيصلا هي آهن، جن جو خداوند اوهان جي خدا اوهان کي سيکارڻ جو حڪم ڏنو آهي، انهي لاءِ تہ جنهن ملڪ تي قبضو ڪرڻ لاءِ اوهين پار ٿا وڃو، تنهن ۾ انهن تي عمل ڪريو: 2۽ تون پنهنجن پٽن، ۽ پوٽن سوڌو خداوند پنهنجي خدا کان ڊڄندو رهين، ۽ هن جي سڀني قانونن ۽ حڪمن تي، جن جو آءٌ توکي حڪم ٿو ڏيان، تن تي پنهنجي ساري عمر عمل ڪرين؛ تہ تنهنجي عمر وڏي ٿئي. 3تنهن ڪري اي اسرائيليو، ٻڌو، ۽ خبرداريءَ سان انهن تي عمل ڪريو؛ تہ اوهان جو ڀلو ٿئي، ۽ اوهين خداوند پنهنجي ابن ڏاڏن جي خدا جي واعدي موجب، انهي ملڪ ۾ وڌندا وڃو، جنهن ۾ کير ۽ ماکي پيئي وهي.
4اي اسرائيل، ٻڌ: خداوند اسان جو خدا هڪڙو ئي خداوند آهي: 5تون خداوند پنهنجي خدا کي پنهنجي ساريءَ دل، پنهنجي ساريءَ جان، ۽ پنهنجي ساريءَ طاقت سان پيار ڪر. 6۽ هي ڳالهيون، جن جو آءٌ اڄ توکي حڪم ٿو ڏيان، سي تنهنجيءَ دل ۾ قائم رهن: 7۽ اهي تون پنهنجي اولاد کي سيکارج، گهر ۾ ويهندي، واٽ ويندي، سمهندي ۽ اُٿندي انهن جو ذڪر ڪندو رهج. 8۽ تون انهن کي نشانيءَ طور پنهنجيءَ ٻانهن تي ٻڌج، ۽ اهي تنهنجي نرڙ تي طوق وانگر هجن. 9۽ تون اهي پنهنجي گهر جي سردرن تي، ۽ پنهنجن دروازن تي لکي ڇڏج.
10۽ هيئن ٿيندو تہ جڏهن خداوند تنهنجو خدا توکي انهي ملڪ ۾ پهچائيندو، جنهن بابت هن تنهنجي ابن ڏاڏن سان، يعني ابرهام سان، اسحاق سان، ۽ يعقوب سان قسم کنيو هو، تہ توکي ڏيندو؛ ۽ جڏهن هو توکي وڏا ۽ سهڻا شهر ڏيندو، جي تو نہ جوڙيا، 11۽ سڀني چڱين شين سان ڀريل گهر، جي تون نہ ڀريا، ۽ کوٽيل حوضيون جي تو نہ کوٽيون، ڊاک جا منهہ ۽ زيتون جا وڻ، جي تو نہ پوکيا، سي توکي ڏيندو، ۽ تون کائي ڍءُ ڪرين؛ 12تڏهن خبردار ٿج، متان خداوند کي وساري ڇڏين، جنهن توکي مصر جي ملڪ مان، يعني غلاميءَ جي گهر مان ڪڍي ٻاهر آندو. 13تون خداوند پنهنجي خدا کان ڊڄندو رهج؛ ۽ انهي جي عبادت ڪج، ۽ انهي جي نالي جو قسم کڻج. 14اوهين ٻين معبودن جي، يعني جيڪي قومون اوهان جي آس پاس ٿيون رهن، تن جي معبودن جي پيروي نہ ڪجو؛ 15ڇالاءِ تہ خداوند اوهان جو خدا، جو اوهان جي وچ ۾ آهي، سو غيرت وارو خدا آهي؛ ۽ ائين نہ ٿئي جو خداوند تنهنجو خدا تو تي ڪاوڙجي، ۽ تو کي زمين جي سطح تان برباد ڪري ڇڏي.
16اوهين خداوند پنهنجي خدا کي متان آزمايو، جيئن اوهان هن کي مساہ ۾ آزمايو هو. 17اوهين سنڀال ڪري خداوند پنهنجي خدا جا حڪم، ۽ شهادتون، ۽ قانون، جن جو هن اوهان کي حڪم ڏنو آهي، تن تي عمل ڪندا رهجو. 18۽ اوهين اهو ئي ڪجو جيڪي خداوند جي نظر ۾ درست ۽ چڱو هجي، انهي لاءِ تہ اوهان جو ڀلو ٿئي، ۽ جنهن چڱي ملڪ بابت خداوند تنهنجي ابن ڏاڏن سان قسم کنيو هو، تنهن ۾ وڃي، مٿس پنهنجو قبضو ڪريو. 19۽ اوهان جا سڀ دشمن اوهان جي اڳيان هڪاليا وڃن، جيئن ڪ خداوند فرمايو آهي.
20جڏهن ايندڙ زماني ۾ تنهنجو پٽ تو کان پڇي، تہ هي شاهديون، ۽ قانون، ۽ فيصلا جي خداوند اسان جي خدا، اوهان کي ڏنا آهن، تن جو مطلب ڇا آهي؟ 21تڏهن تون پنهنجي پٽ کي چئج، تہ اسين مصر ۾ فرعون جا غلام هئاسين؛ ۽ خداوند پنهنجي زوراور هٿ سان اسان کي مصر مان ڪڍي ٻاهر آندو: 22۽ خداوند اسان جي سامهون مصر تي، ۽ فرعون تي، ۽ هن جي سڄي خاندان تي، وڏا وڏا ۽ ڏکوئيندڙ ڪم، ۽ نشان ڪري ڏيکاريا: 23۽ هن اسان کي اتان ڪڍي آندو؛ انهي لاءِ تہ جنهن ملڪ بابت هن اسان جي ابن ڏاڏن سان قسم کنيو هو، تنهن ۾ اسان کي پهچائي ۽ اهو ملڪ اسان کي ڏئي. 24۽ خداوند اسان کي حڪم ڏنو، تہ هنن سڀني قانونن تي عمل ڪريون، ۽ خداوند اسان جي خدا کان ڊڄندا رهون، تہ هميشہ اسان جو ڀلو ٿئي، ۽ هو اسان کي جيئرو رکي، جيئن اڄوڪي ڏينهن ظاهر آهي. 25۽ جيڪڏهن اسين خبرداريءَ سان خداوند پنهنجي خدا جي حضور ۾ هنن سڀني حڪمن تي عمل ڪنداسين، تہ اها اسان جي لاءِ راستبازي ليکي ويندي، جيئن ڪ هن اسان کي فرمايو آهي.
Currently Selected:
شريعت جو دور 6: SB62
Highlight
Copy
Compare
Share
Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.