YouVersion Logo
Search Icon

شريعت جو دور 5

5
1پوءِ موسيٰ سڀني بني اسرائيلين کي سڏي کين چيو، تہ اي اسرائيليو، جيڪي قانون ۽ فيصلا آءٌ اڄ اوهان کي ٻڌايان ٿو، سي ٻڌو، انهي لاءِ تہ اوهين اهي سکو، ۽ انهن تي عمل ڪريو. 2خداوند اسان جي خدا حورب ۾ اسان سان هڪڙو عهد ڪيو. 3خداوند اهو عهد اسان جي ابن ڏاڏن سان نہ ڪيو، پر خود اسان سان ڪيائين، جيڪي اسين سڀ اڄ هتي جيئرا آهيون. 4خداوند اوهان سان انهي جبل تي باهہ جي وچ مان روبرو ڳالهايو، 5(انهي وقت آءٌ خداوند ۽ اوهان جي وچ ۾ بيٺس، تہ اوهان کي خدا جو ڪلام سمجهايان: ڇالاءِ جو اوهين باهہ جي ڪري ڊنا ٿي، ۽ جبل تي ڪين چڙهيا؛) ۽ هن فرمايو تہ،
6آءٌ خداوند تنهنجو خدا آهيان، جنهن توکي مصر جي ملڪ، ۽ غلاميءَ جي گهر مان ڪڍي ٻاهر آندو. 7مون کان سواءِ تنهنجي لاءِ ٻيو ڪوبہ خدا نہ هجي.
8تون پنهنجي لاءِ ڪابہ اُڪريل مورت يا ڪنهن بہ شيءِ جي صورت نہ جوڙ، جا مٿي آسمان ۾، يا هيٺ زمين تي، يا زمين جي هيٺان پاڻيءَ ۾ آهي: 9تون انهن جي اڳيان سجدو نہ ڪر، نڪي انهن جي عبادت ڪر: ڇالاءِ جو آءٌ خداوند تنهنجو خدا غيرت وارو خدا آهيان، ۽ ابن ڏاڏن جي براين جي سزا، جيڪي مون سان دشمني رکندا آهن، تن جي پٽن کي، انهن جي ٽين ۽ چوٿين پيڙهيءَ تائين ڏيندو آهيان؛ 10پر جيڪي مون کي پيار ڪندا ۽ منهنجا حڪم مڃيندا آهن، تن هزارن تي آءٌ رحم ڪندو آهيان.
11تون خداوند پنهنجي خدا جو نالو اجايو نہ وٺ: ڇالاءِ تہ جيڪو سندس نالو اجايو ٿو وٺي، تنهن کي هو بي قصور ڪين سمجهندو.
12تون خداوند پنهنجي خدا جي حڪم موجب، سبت جو ڏينهن پاڪ رکڻ لاءِ ياد رک. 13ڇهہ ڏينهن تون محنت ڪر، ۽ پنهنجو سڀ ڪم ڪار ڪر: 14پر ستون ڏينهن خداوند تنهنجي خدا جو سبت آهي: انهي ڏينهن ڪوبہ ڪم نہ ڪر، نہ تون، نہ تنهنجو پٽ، نہ تنهنجي ڌيءَ، نہ تنهنجو غلام، نہ تنهنجي ٻانهي، نہ تنهنجو ڏاند، نہ تنهنجو گڏهہ، نہ تنهنجو ڪو ٻيو ڍور، نہ تنهنجو ڪو مسافر، جو تنهنجي در جي اندر هجي؛ انهي لاءِ تہ تنهنجي غلام ۽ ٻانهيءَ کي بہ تو وانگر آرام ملي. 15تون ياد رک تہ تون پاڻ بہ مصر جي ملڪ ۾ غلام هئين، ۽ خداوند تنهنجي خدا پنهنجي زوراور هٿ سان، ۽ ڊگهيريل ٻانهن سان توکي اتان ٻاهر ڪڍي آندو: تنهنڪري خداوند تنهنجي خدا سبت جي ڏينهن کي ياد رکڻ جو توکي حڪم ڏنو.
16تون پنهنجي ماءُ ۽ پيءُ جي عزت ڪر، جيئن ڪ خداوند تنهنجي خدا توکي حڪم ڏنو آهي: تہ تنهنجي عمر وڏي ٿئي، ۽ جيڪو ملڪ خداوند تنهنجو خدا توکي ڏئي ٿو، تنهن ۾ تنهنجو ڀلو ٿئي.
17تون خون نہ ڪر.
18تون زنا نہ ڪر.
19تون چوري نہ ڪر.
20تون پنهنجي پاڙيسريءَ تي ڪوڙي شاهدي نہ ڀر.
21تون پنهنجي پاڙيسريءَ جي زال جي لالچ نہ ڪر؛ نڪي پنهنجي پاڙيسريءَ جي گهر، يا سندس ٻنيءَ، يا سندس غلام، يا سندس ٻانهيءَ، يا سندس ڏاند، يا سندس گڏهہ، يا سندس ڪنهن بہ شيءِ جي خواهش ڪر.
22اهي ڳالهيون خداوند انهي جبل وٽ، باهہ ۽ ڪڪر ۽ انڌڪار جي وچ مان، اوهان جي ساريءَ جماعت کي وڏي آواز سان ٻڌايون: ۽ انهي کان سواءِ ٻيو ڪي بہ ڪين چيائين. ۽ هن اهي پٿر جي ٻن تختين تي لکي مون کي ڏنيون. 23۽ هيئن ٿيو، تہ جڏهن جبل باهہ سان پئي ٻريو، ۽ اوهان انڌڪار جي وچ مان اهو آواز ٻڌو، تڏهن اوهين مون وٽ آيا، يعني اوهانجن قبيلن جا رئيس، ۽ اوهان جا بزرگ؛ 24۽ اوهان چيو، تہ ڏس، خداوند اسان جي خدا پنهنجو جلال ۽ پنهنجي عظمت ڏيکاري آهي، ۽ اسان هن جو آواز باهہ جي وچ مان ٻڌو آهي: اڄ اسان ڏٺو آهي، تہ خدا ماڻهوءَ سان ڳالهائي ٿو، تہ بہ ماڻهو جيئرو ٿو رهي. 25تنهنڪري هاڻي اسين ڇو پنهنجي جان وڃايون؟ ڇالاءِ جو هيءَ وڏي باهہ اسان کي ساڙي چٽ ڪندي: جيڪڏهن اسين وري خداوند اسان جي خدا جو آواز ٻڌنداسين، تہ اسين مري وينداسين. 26ڇالاءِ جو اهڙو ڪهڙو انسان آهي، جو اسان وانگر باهہ جي وچ مان زندہ خدا کي ڳالهائيندو ٻڌي، ۽ پوءِ بہ جيئرو رهي؟ 27تون ويجهو وڃ، ۽ جيڪي خداوند اسان جو خدا توکي چوي سو ٻڌ: ۽ جيڪي خداوند اسان جو خدا توکي فرمائي، سو اسان کي ٻڌاءِ؛ ۽ اسين اهو ٻڌنداسين ۽ انهي تي عمل ڪنداسين. 28۽ جڏهن اوهان مون سان ڳالهايو پئي، تڏهن خداوند اوهان جون ڳالهيون ٻڌيون؛ ۽ خداوند مون کي چيو، تہ هنن ماڻهن جيڪي تو سان ڳالهايو آهي، سو مون ٻڌو آهي: هنن جو چوڻ درست آهي. 29شل هنن ۾ اهڙي دل هجي، جو هو مون کان ڊڄندا رهن، ۽ هميشہ منهنجن سڀني حڪمن کي مڃيندا رهن، تہ انهن جو ۽ سندن اولاد جو هميشہ ڀلو ٿئي! 30سو تون وڃي انهن کي چئُہ، تہ اوهين پنهنجن تنبن ڏانهن موٽي وڃو. 31پر تون هتي مون وٽ بيٺو رهہ، ۽ آءٌ توکي اهي سڀ حڪم، ۽ قانون، ۽ فيصلا ٻڌائيندس، جي تون انهن کي سيکارج، انهي لاءِ تہ جيڪو ملڪ آءٌ انهن کي ورثي طور ڏيڻ وارو آهيان، تنهن ۾ انهن تي عمل ڪن. 32تنهنڪري جيڪو حڪم خداوند اوهان جي خدا اوهان کي ڏنو آهي، تنهن تي خبرداريءَ سان عمل ڪجو: ۽ ساڄي يا کٻي پاسي نہ مُڙجو. 33جنهن رستي جو خداوند اوهان جي خدا اوهان کي حڪم ڏنو آهي، تنهن تي هلجو، تہ اوهين جيئرا رهو، ۽ اوهان جو ڀلو ٿئي، ۽ جيڪو ملڪ اوهان جي هٿ ايندو تنهن ۾ بہ اوهان جو ڀلو ٿئي.

Highlight

Copy

Compare

Share

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in