شريعت جو دور 9:5-10
شريعت جو دور 9:5-10 SB62
تون انهن جي اڳيان سجدو نہ ڪر، نڪي انهن جي عبادت ڪر: ڇالاءِ جو آءٌ خداوند تنهنجو خدا غيرت وارو خدا آهيان، ۽ ابن ڏاڏن جي براين جي سزا، جيڪي مون سان دشمني رکندا آهن، تن جي پٽن کي، انهن جي ٽين ۽ چوٿين پيڙهيءَ تائين ڏيندو آهيان؛ پر جيڪي مون کي پيار ڪندا ۽ منهنجا حڪم مڃيندا آهن، تن هزارن تي آءٌ رحم ڪندو آهيان.





