YouVersion Logo
Search Icon

شريعت جو دور 4

4
1هاڻي اي اسرائيليو، جيڪي قانون ۽ فيصلا آءٌ اوهان کي سيکاريان ٿو، سي چڱيءَ طرح ٻڌي، انهن تي عمل ڪريو؛ تہ اوهين جيئرا رهو، ۽ جيڪو ملڪ خداوند اوهان جي ابن ڏاڏن جو خدا اوهان کي ڏئي ٿو، انهي ۾ وڃي مٿس قبضو ڪريو. 2جيڪو حڪم آءٌ اوهان کي ڏيان ٿو تنهن ۾ ڪجهہ بہ نہ وڌائجو، نڪي انهي مان ڪجهہ گهٽائجو، انهي لاءِ تہ خداوند اوهان جي خدا جا حڪم جيڪي آءٌ اوهان کي ڏيان ٿو، سي مڃيندا رهو. 3بعل فغور جي ڪري جيڪي خداوند ڪيو، سو اوهان پنهنجين اکين سان ڏٺو: ڇالاءِ تہ جن ماڻهن بعل فغور جي پيروي ڪئي، تن سڀني کي خداوند اوهان جي خدا اوهان جي وچ مان برباد ڪري ڇڏيو. 4۽ اوهين جي خداوند پنهنجي خدا سان قائم رهيا، تن مان هرڪو اڄ ڏينهن تائين جيئرو آهي. 5ڏسو، جهڙيءَ طرح خداوند منهنجي خدا مون کي حڪم ڏنو هو، تهڙيءَ طرح مون اوهان کي قانون ۽ فيصلا سيکاري ڇڏيا آهن؛ انهي لاءِ تہ جنهن ملڪ تي قبضو ڪرڻ لاءِ اوهين وڃو ٿا، تنهن ۾ انهن تي عمل ڪريو. 6سو اوهين انهن کي مڃيندا رهجو، ۽ مٿن عمل ڪجو؛ ڇالاءِ جو ٻين قومن جي نظر ۾ اها اوهان جي دانائي ۽ سياڻپ ليکبي: اهي هي سڀ قانون ٻڌي چوندا، تہ سچ پچ هن وڏي قوم جا ماڻهو داناءَ ۽ سياڻا آهن. 7ڇالاءِ جو اهڙي وڏي قوم ڪهڙي آهي، جنهن جو معبود انهيءَ کي اهڙو ويجهو هجي، جهڙو خداوند اسان جو خدا اسان جي دعا گهرڻ وقت اسان کي ويجهو آهي؟ 8۽ اهڙي وڏي قوم ڪهڙي آهي، جنهن کي اهڙا سچا قانون، ۽ فيصلا مليا هجن، جهڙي هيءَ شريعت، جا اڄ مون اوهان کي ڏني آهي؟ 9رڳو تون پنهنجي سنڀال ڪري، خبرداريءَ سان پنهنجي روح جي حفاظت ڪر، تہ متان اهي ڳالهيون جي تو پنهنجين اکين سان ڏٺيون آهن سي وساري ڇڏين، ۽ متان تنهنجي ساريءَ ڄمار ۾ اهي تنهنجيءَ دل تان لهي وڃن؛ پر تون اهي پنهنجي اولاد کي، ۽ اولاد جي اولاد کي سيکاري ڇڏج؛ 10خاص ڪري انهي ڏينهن واريون ڳالهيون، جنهن ڏينهن تون حورب جبل وٽ خداوند پنهنجي خدا جي حضور ۾ بيٺين، ۽ جڏهن خداوند مون کي فرمايو، تہ اُمت کي منهنجي حضور ۾ آڻي گڏ ڪر، تہ آءٌ انهن کي پنهنجو ڪلام ٻڌايان؛ انهي لاءِ تہ جيترا ڏينهن هو زمين تي جيئرا رهن اوترا ڏينهن مون کان ڊڄڻ سکن، ۽ پنهنجن ٻارن کي بہ سيکارين. 11سو اوهين ويجها اچي انهي جبل جي هيٺان بيٺا؛ ۽ جبل باهہ سان ٻرڻ لڳو ۽ انهيءَ جا ڀڙڪا آسمان تائين پهچڻ لڳا، ۽ انهي جي آس پاس اوندهہ، بادل، ۽ انڌوڪار هئي. 12۽ خداوند باهہ جي وچ مان اوهان سان ڳالهايو: اوهان ڳالهائڻ جو آواز تہ ٻڌو، پر شڪل ڪانہ ڏٺي؛ رڳو اوهان آواز ٻڌو. 13۽ هن پنهنجو عهد، يعني ڏهہ حڪم اوهان کي بيان ڪري ٻڌايا، ۽ انهن تي عمل ڪرڻ جو اوهان کي حڪم ڏنائين: هن اهي پٿر جي ٻن تختين تي لکيا. 14۽ خداوند انهي وقت مون کي فرمايو، تہ اوهان کي قانون ۽ فيصلا سيکاريان، انهي لاءِ تہ جنهن ملڪ تي قبضو ڪرڻ لاءِ اوهين وڃو ٿا، تنهن ۾ انهن تي عمل ڪريو. 15تنهنڪري اوهين پنهنجي چڱي سنڀال ڪجو؛ ڇالاءِ تہ جنهن ڏينهن خداوند حورب وٽ باهہ جي وچ مان اوهان سان ڳالهايو؛ تنهن ڏينهن اوهان ڪنهن بہ قسم جي شڪل ڪانہ ڏٺي: 16تہ متان اوهين پاڻ کي خراب ڪريو، ۽ پنهنجي لاءِ ڪنهن مرد يا زال جي صورت جي نموني جهڙي ڪا اُڪريل مورت جوڙيو، 17يا زمين جي ڪنهن جانور جي صورت، يا هوا جي پکيءَ جي صورت جوڙيو، 18يا زمين تي سُرندڙ ڪنهن جيت جي صورت، يا زمين جي هيٺ پاڻيءَ ۾ رهندڙ ڪنهن مڇيءَ جي صورت جوڙيو: 19يا جڏهن تون آسمان ڏانهن نهارين، ۽ سج، چنڊ ۽ تارا يعني آسمان جي ساري خلقت کي ڏسي گمراهہ ٿين ۽ انهن کي سجدو ڪرين، ۽ انهن جي عبادت ڪرين، جن کي خداوند تنهنجي خدا زمين جي سڀني قومن لاءِ رکيو آهي. 20پر خداوند اوهان کي لوهہ جي کوري مان، يعني مصر مان ڪڍي ٻاهر آندو؛ انهي لاءِ تہ اوهين هن جي ميراث واري اُمت ٿيو، جيئن اڄ آهيو. 21انهي کان سواءِ خداوند اوهان جي ڪري مون سان ڪاوڙيو، ۽ قسم کڻي چيائين، تہ تون يردن جي پرئين ڀر نہ ويندين، ۽ جيڪو چڱو ملڪ خداوند تنهنجو خدا توکي ورثي طور ڏئي ٿو، تنهن ۾ داخل ڪين ٿيندين: 22سو آءٌ ضرور هن ملڪ ۾ مرندس، ۽ يردن جي پرئين ڀر نہ ويندس: پر اوهين وڃي انهي چڱي ملڪ تي قبضو ڪندا. 23اوهين پنهنجي سنڀال ڪجو، متان جيڪو عهد خداوند اوهان جي خدا اوهان سان ڪيو آهي، سو اوهين وساري ڇڏيو، ۽ پنهنجي لاءِ ڪنهن اهڙيءَ شيءِ جي نموني جي اُڪريل شڪل جوڙيو، جنهن جي خداوند تنهنجي خدا توکي منع ڪئي آهي. 24ڇالاءِ جو خداوند تنهنجو خدا ڀسم ڪندڙ باهہ آهي، ۽ غيرت وارو خدا آهي.
25جڏهن تو منجهان ٻار، ۽ ٻارن جا ٻار پيدا ٿيندا، ۽ اوهين انهي ملڪ ۾ گهڻي عرصي تائين رهندا، ۽ پوءِ جيڪڏهن اوهين پاڻ کي خراب ڪندا، ۽ ڪنهن شيءِ جي اُڪريل شڪل جوڙيندا، ۽ اهڙو ڪم ڪندا جو خداوند تنهنجي خدا جي حضور ۾ خراب هوندو، جنهنڪري هو ڪاوڙبو؛ 26تہ آءٌ اڄوڪي ڏينهن آسمان ۽ زمين کي اوهان تي شاهد ٿو ڪريان، تہ جنهن ملڪ کي هٿ ڪرڻ لاءِ اوهين يردن جي پار ٿا وڃو، تنهن ۾ اوهين جلد ئي پوريءَ طرح تباهہ ٿي ويندا؛ اوهين اتي گهڻا ڏينهن ڪين گذاريندا، پر بلڪل ئي برباد ٿي ويندا. 27۽ خداوند اوهان کي قومن ۾ دربدر ڪندو، ۽ جن قومن ۾ خداوند اوهان کي وٺي ويندو، تن ۾ اوهان جو شمار گهڻو گهٽجي ويندو. 28۽ اتي اوهين ماڻهن جي هٿ جي جوڙيل معبودن جي عبادت ڪندا، جي ڪاٺ ۽ پهڻ جا هوندا، جي نڪي ڏسندا، نڪي ٻڌندا، نڪي کائيندا، نڪي سنگهندا هوندا. 29پر جيڪڏهن اتي بہ اوهين خداوند پنهنجي خدا کي ڳوليندا، ۽ پنهنجيءَ سچيءَ دل سان، ۽ پنهنجي سچي روح سان هن جي ڳولا ڪندا، تہ هن کي لهندا. 30جڏهن تون مصيبت ۾ گرفتار ٿيندين، ۽ هي سڀ حادثا تو تي اچي پوندا، تڏهن تون پوين ڏينهن ۾ خداوند پنهنجي خدا ڏانهن ڦرندين، ۽ هن جو چوڻ مڃيندين. 31ڇالاءِ جو خداوند تنهنجو خدا رحيم خدا آهي؛ هو توکي ڇڏي نہ ڏيندو، نڪي برباد ڪندو، ۽ جيڪو عهد هن قسم کڻي تنهنجي ابن ڏاڏن سان ڪيو آهي، سو ڪين وساريندو. 32ڇالاءِ تہ جڏهن کان خدا زمين تي انسان کي پيدا ڪيو، تڏهن کان وٺي اڄ ڏينهن تائين جيڪو زمانو تو کان اڳي گذريو آهي، تنهن بابت تون زمين جي هڪڙي ڇيڙي کان وٺي ٻئي ڇيڙي تائين پڇا ڪر، تہ هن عظيم ڪم جهڙو ڪو ٻيو ڪڏهن ٿيو، يا ٻڌڻ ۾ آيو آهي؟ 33ڪڏهن ڪنهن قوم تو وانگر باهہ جي وچ مان خدا جي ڳالهائڻ جو آواز ٻڌو آهي، ۽ جيئري رهي آهي؟ 34يا ڪڏهن خدا ڪنهن قوم کي ٻيءَ قوم جي وچ مان ڪڍڻ جي لاءِ، آزمائش سان، ۽ نشانن سان، ۽ معجزن سان، ۽ زوراور هٿ سان، ۽ ڊگهيريل ٻانهن سان، ۽ وڏن هيبتناڪ ڪمن سان، ۽ جنگ سان، اهڙي قدرت ڏيکاري آهي، جهڙي خداوند اوهان جي خدا اوهانجين اکين اڳيان مصر ۾ اوهان جي لاءِ ڏيکاري؟ 35اهو تو کي ڏيکاريو ويو، انهي لاءِ تہ تو کي خبر پوي، تہ خدا ئي خدا آهي؛ انهي کان سواءِ ٻيو ڪوبہ ڪونهي. 36هن تو کي آسمان مان پنهنجو آواز ٻڌايو، انهي لاءِ تہ توکي تعليم ڏئي: ۽ هن تو کي زمين تي وڏي باهہ ڏيکاري؛ ۽ تو باهہ جي وچ مان هن جو ڪلام ٻڌو. 37۽ جيئن تہ هن کي تنهنجن ابن ڏاڏن سان محبت هئي، تنهنڪري انهن کان پوءِ هن انهن جي اولاد کي چونڊيو، ۽ تنهنجو ساڻي ٿي، پنهنجيءَ وڏيءَ قدرت سان توکي مصر مان ڪڍي آندائين؛ 38انهي لاءِ تہ تو کان وڏين ۽ طاقتور قومن کي تنهنجي اڳيان هڪالي ڪڍي، ۽ توکي انهن جي ملڪ ۾ پهچائي، ۽ اهو توکي ورثي ۾ ڏئي، جيئن ڪ اڄوڪي ڏينهن ظاهر آهي. 39بس اڄ تون اهو ڄاڻي وٺ، ۽ پنهنجيءَ دل ۾ ڄمائي ڇڏ، تہ مٿي آسمان ۾ ۽ هيٺ زمين تي خداوند ئي خدا آهي: ٻيو ڪوبہ ڪونهي. 40۽ هن جا قانون ۽ هن جا حڪم، جي اڄ آءٌ توکي ٻڌايان ٿو، تن تي عمل ڪر، تہ تنهنجو ۽ توکان پوءِ تنهنجي اولاد جو ڀلو ٿئي، ۽ جيڪو ملڪ خداوند تنهنجو خدا توکي هميشہ لاءِ ڏئي ٿو، تنهن ۾ تنهنجي عمر وڏي ٿئي.
41پوءِ موسيٰ يردن جي هن ڀر اُڀرندي پاسي ٽي شهر ڌار ڪيا؛ 42انهي لاءِ تہ جيڪو خوني ڀل مان پنهنجي پاڙيسريءَ کي ماري وجهي، ۽ اڳي انهي سان ڪابہ دشمني نہ هجيس، سو اتي ڀڄي وڃي؛ ۽ انهن شهرن مان هڪڙي ۾ وڃي رهي: 43يعني بني روبن جي لاءِ بضر، جو بيابان جي وچ ۾ ميدان ۾ آهي؛ ۽ بني جد جي لاءِ رامات، جو جلعاد ۾ آهي؛ ۽ بني منسيءَ جي لاءِ جولان، جو بسن ۾ آهي.
44۽ جيڪا شريعت موسيٰ بني اسرائيل جي اڳيان پيش ڪئي، سا هيءَ آهي. 45يعني هي اهي شهادتون، اهي قانون، ۽ اهي فيصلا آهن، جيڪي موسيٰ بني اسرائيل کي مصر مان نڪرڻ کان پوءِ، 46يردن جي هن ڀر بيت فغور جي ماٿريءَ ۾ چئي ٻڌايا؛ يعني امورين جي بادشاهہ سيحون جي ملڪ ۾، جو حسبون ۾ رهندو هو ۽ جنهن کي موسيٰ ۽ بني اسرائيل مصر جي ملڪ مان نڪرڻ کان پوءِ ماريو: 47۽ هن جو، ۽ بسن جي بادشاهہ عوج جو، ملڪ پنهنجي قبضي ۾ آندو، يعني امورين جي انهن ٻنهي بادشاهن جي ملڪ ۾ جو يردن جي هن ڀر اڀرندي پاسي؛ 48ارنون جي ماٿريءَ جي ڪناري واري عيروعير شهر کان وٺي، صيئون جبل (جنهن کي حرمون بہ ٿا سڏين) انهي تائين پکڙيل آهي؛ 49انهي ۾، يردن جي هن ڀر، اُڀرندي پاسي واري ميدان ۾، جو پسگہ جي سلاميءَ، ۽ ميدان جي سمنڊ تائين آهي.

Highlight

Copy

Compare

Share

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in