شريعت جو دور 2
2
1پوءِ اسين ڦيرو کائي، ڳاڙهي سمنڊ وارو رستو ڏيئي بيابان ۾ آياسين، جيئن ڪ خداوند مون کي فرمايو هو: ۽ ڪيترائي ڏينهن شعير جبل جي آس پاس پئي گهمياسين. 2۽ خداوند مون کي فرمايو، ۽ چيائين تہ 3اوهين هن جبل جي آس پاس گهڻو ئي رليا آهيو: هاڻي اُتر ڏانهن ڦرو. 4۽ تون ماڻهن کي حڪم ڏيئي چئُہ تہ اوهان کي پنهنجن ڀائرن، بني عيسو جي سرحد وٽان لنگهڻو آهي، جيڪي شعير ۾ ٿا رهن؛ ۽ اهي اوهان کان ڊڄندا: تنهنڪري اوهين پنهنجي چڱي خبرداري ڪجو: 5هنن سان متان وڙهو؛ ڇالاءِ جو آءٌ اوهان کي هنن جي ملڪ مان ڪجهہ بہ نہ ڏيندس، اصل پير رکڻ جيترو هنڌ بہ ڪين ڏيندس: ڇوتہ شعير جبل مون عيسوءَ کي ورثي طور ڏنو آهي. 6اوهين کائڻ لاءِ کاڌو بہ هنن کي پئسا ڏيئي خريد ڪجو؛ ۽ پيئڻ لاءِ پاڻي بہ هنن کان پئسا ڏيئي وٺجو. 7ڇالاءِ جو خداوند تنهنجي خدا تنهنجي هٿ جي ڪمائيءَ ۾ برڪت وڌي آهي: ۽ هن وڏي بيابان ۾ تنهنجي گهمڻ ڦرڻ جي بہ هن کي خبر آهي: هي چاليهہ ورهيہ خداوند تنهنجو خدا توساڻ رهيو؛ ۽ توکي ڪنهن بہ شيءِ جي ڪمي ڪانہ ٿي. 8سو اسين شعير ۾ رهندڙ پنهنجن ڀائرن، يعني بني عيسوءَ کان پاسو ڪري، آرباہ جي رستي، ابلات ۽ عصيون جابر مان لنگهياسين. پوءِ اسين ڦري موآب جي ميدان جي رستي هلڻ لڳاسين. 9۽ خداوند مون کي چيو، تہ موآبين کي نہ ستاءِ، نڪي انهن سان جنگ ڪر: ڇالاءِ جو آءٌ توکي انهن جي ملڪ مان ڪابہ ملڪيت ڪانہ ڏيندس؛ ڇوتہ عار جو شهر مون بني لوط کي ملڪيت طور ڏنو آهي. 10(اتي پهرين اميم رهندا هئا، جي عناقيم وانگر وڏا، ۽ گهڻا ۽ قداور هئا: 11۽ اهي بہ عناقيم وانگر، رفائيم سڏبا آهن؛ پر موآبي انهن کي اميم ٿا سڏين. 12۽ شعير ۾ پهرين حوري رهندا هئا، پر بني عيسو انهن کي ڀڄائي ڪڍيو؛ ۽ انهن کي برباد ڪري پاڻ انهن جي جاءِ تي رهڻ لڳا؛ جيئن اسرائيلين پنهنجي ورثي واري ملڪ ۾ ڪيو، جو خداوند انهن کي ڏنو.) 13هاڻي اُٿو، ۽ زرد نهر جي پار وڃو. سو اسين زرد نهر جي پار وياسين. 14۽ قادس برنيع کان رواني ٿيڻ کان وٺي، زرد نهر جي پار وڃڻ تائين اسان کي اٺٽيهہ ورهيہ لڳا؛ انهي وچ ۾ انهيءَ پيڙهيءَ جا سڀ جنگي مرد منزلگاهہ منجهان مري کپي ويا، جيئن ڪ خداوند قسم کڻي انهن کي چيو هو. 15انهي کان سواءِ خداوند جو هٿ انهن جي برخلاف هو، انهي لاءِ تہ انهن کي منزلگاهہ منجهان گم ڪري ڇڏي، تان جو هو مري کپي نابود ٿي وڃن.
16سو هيئن ٿيو، تہ جڏهن سڀ جنگي مرد اُمت منجهان نابود ٿي ويا، 17تڏهن خداوند مون کي فرمايو، ۽ چيائين تہ 18عار جو شهر، جو موآب جي سرحد تي آهي، اتان تون اڄ لنگهي وڃ: 19۽ جڏهن تون بني عمون جي ويجهو اچين، تڏهن انهن کي نہ ستائج، نڪي انهن سان جنگ ڪج: ڇالاءِ جو آءٌ توکي بني عمون جي ملڪ مان ڪابہ ملڪيت ڪانہ ڏيندس: ڇوتہ مون اهو بني لوط کي ملڪيت طور ڏنو آهي. 20(اهو بہ رفائيم جو ملڪ ٿو سڏجي: اڳئين وقت ۾ اتي رفائيم رهندا هئا؛ پر عموني انهن کي زمزميم ڪري سڏيندا هئا؛ 21اهي بہ عناقيم وانگر وڏا، ۽ گهڻا، ۽ قداور هئا؛ پر خداوند انهن کي بني عمون جي اڳيان برباد ڪيو؛ ۽ هو انهن کي ڀڄائي، پاڻ انهن جي جاءِ تي رهڻ لڳا: 22جهڙيءَ طرح ڪ هن شعير ۾ رهندڙ بني عيسوءَ جي اڳيان، حورين کي برباد ڪيو، ۽ هو انهن کي ڀڄائي پاڻ انهن جي جاءِ تي رهڻ لڳا؛ ۽ اڄ ڏينهن تائين اتي رهندا اچن: 23۽ جهڙيءَ طرح ڪفتوريم، جي ڪفتورہ مان آيا هئا، تن عويون کي، جي عزہ تائين ڳوٺن ۾ رهندا هئا، ماري پاڻ انهن جي جاءِ تي رهڻ لڳا.) 24هاڻي اوهين اٿي ڪوچ ڪريو، ۽ ارنون جي ماٿري لنگهي پار وڃو: ڏسو، مون حسبون جي اموري بادشاهہ سيحون کي، سندس ملڪ سميت تنهنجي هٿ ۾ ڏنو آهي: سو انهي تي قبضو ڪر، ۽ انهي سان جنگ شروع ڪر. 25اڄ کان وٺي آءٌ زمين جي سڀني ماڻهن تي تنهنجو خوف، ۽ تنهنجو ڊپ وجهڻ شروع ڪندس، ۽ هو تنهنجي هاڪ ٻڌي ڏڪي ويندا، ۽ تنهنجي ڪري پريشان ٿيندا.
26تڏهن مون قديمات جي بيابان مان حسبون جي بادشاهہ سيحون ڏانهن، ايلچين جي هٿان صلح جو پيغام موڪليو، ۽ چوائي موڪليم، تہ 27مون کي پنهنجي ملڪ مان لنگهڻ ڏي: آءٌ سڙڪ ئي سڙڪ ڏيئي هليو ويندس؛ آءٌ نڪي ساڄي پاسي ڦرندس، نڪي کٻي پاسي. 28آءٌ کائڻ لاءِ کاڌو بہ توکان پئسا ڏيئي وٺندس، ۽ پيئڻ لاءِ پاڻي بہ توکان پئسا ڏيئي وٺندس: رڳو مون کي پنهنجي پيرين لنگهي وڃڻ ڏي؛ 29جهڙيءَ طرح شعير ۾ رهندڙ بني عيسو، ۽ عار ۾ رهندڙ موآبين مون سان ڪيو؛ جيسين آءٌ يردن لنگهي انهي ملڪ ۾ وڃان جو خداوند اسان جي خدا اسان کي ڏنو آهي. 30پر حسبون جي بادشاهہ سيحون اسان کي پنهنجيءَ حد مان لنگهڻ نہ ڏنو: ڇالاءِ جو خداوند اسان جي خدا، هن جو مزاج تيز، ۽ دل سخت ڪئي، انهي لاءِ تہ هو انهي کي تنهنجي حوالي ڪري، جيئن ڪ اڄ ڪيو اٿس. 31۽ خداوند مون کي چيو، تہ ڏس، آءٌ سيحون ۽ سندس ملڪ کي تنهنجي حوالي ٿو ڪريان: تون انهي تي قبضو ڪرڻ شروع ڪر تہ تون هن جي ملڪ جو وارث ٿين. 32تڏهن سيحون پنهنجي سڀني ماڻهن سميت اسان جو مقابلو ڪرڻ لاءِ نڪري آيو، ۽ يهض ۾ اچي جنگ ڪيائين. 33۽ خداوند اسان جي خدا هن کي اسان جي حوالي ڪيو؛ ۽ اسان هن کي، ۽ سندس پٽن کي، ۽ سندس سڀني ماڻهن کي ماريو. 34۽ اسان انهي وقت هن جا سڀ شهر ورتا، ۽ هر ڪنهن آباد شهر کي، زالن ۽ ٻارن سميت بلڪل برباد ڪيو؛ ۽ ڪوبہ باقي نہ ڇڏيوسين: 35رڳو چوپايو مال، ۽ جيڪي شهر ورتا هئاسين، تن جي لٽ جو مال اسان غنيمت ڄاڻي پاڻ وٽ رکيو. 36۽ ارنون جي ماٿريءَ جي ڪناري تي، جو عروعير شهر آهي، ۽ ماٿريءَ ۾ جيڪو شهر آهي، تنهن کان وٺي جلعاد تائين، اهڙو ڪوبہ شهر ڪونہ هو جو اسان جي قبضي ۾ نہ آيو: سڀيئي شهر، خداوند اسان جي خدا، اسان جي حوالي ڪيا: 37رڳو بني عمون جو ملڪ، ۽ يبوق نديءَ جو اهو پاسو ۽ جابلو ملڪ جا شهر، ۽ ٻيو بہ جتي جتي خداوند اسان جي خدا اسان کي منع ڪئي هئي، انهي هنڌ جي ويجهو تون نہ وئين.
Currently Selected:
شريعت جو دور 2: SB62
Highlight
Copy
Compare
Share
Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

: