شريعت جو دور 1
1
1هي اهي ڳالهيون آهن جي موسيٰ يردن جي هن ڀر بيابان ۾، يعني آرباہ جي ميدان ۾، سوف جي سامهون، فاران، ۽ طوفل، ۽ لابن، ۽ حصيرات، ۽ ديذهب جي وچ ۾، سڀني اسرائيلين کي چئي ٻڌايون. 2اهو هنڌ شعير جبل جي رستي، حورب کان قادس برنيع تائين يارهن ڏينهن جو پنڌ آهي. 3۽ چاليهين ورهيہ ۾، يارهين مهيني جي پهرين تاريخ هيئن ٿيو، جو جيڪي ڳالهيون خداوند موسيٰ کي فرمايون هيون، سي هن بني اسرائيل کي چئي ٻڌايون؛ 4يعني امورين جو بادشاهہ سيحون، جو حسبون ۾ رهندو هو، ۽ بسن جو بادشاهہ عوج، جو عستارات ۾ رهندو هو، تن کي جڏهن موسيٰ ادرعيءَ ۾ ماري ڇڏيو؛ 5تڏهن يردن جي هن ڀر، موآب جي ميدان ۾، موسيٰ هيءَ شريعت بيان ڪرڻ لڳو ۽ چيائين تہ، 6خداوند اسان جي خدا، حورب ۾ اسان سان ڳالهايو، ۽ چيائين تہ، اوهين هن جبل تي گهڻو رهيا آهيو: 7هاڻي اوهين ڦرو، ۽ سفر ڪريو، ۽ امورين جي جابلو ملڪ ۾، ۽ انهي جي آس پاس واري آرباہ ۾، ۽ ٽڪرائتي ڀاڱي ۾، ۽ هيٺانهين زمين ۾، ۽ ڏاکڻي پاسي، ۽ سمنڊ جي ڪناري تائين، ڪنعانين جي ملڪ ۾، ۽ لبنان ۾، ۽ وڏيءَ ندي فرات تائين وڃو. 8ڏسو، مون اهو ملڪ اوهان جي اڳيان رکيو آهي: اوهين وڃي انهي ملڪ کي پنهنجي قبضي ۾ آڻيو، جنهن بابت خداوند اوهان جي ابن ڏاڏن سان يعني ابرهام سان، اسحاق سان، ۽ يعقوب سان، قسم کڻي چيو هو، تہ هو اهو ملڪ انهن کي ۽ انهن کان پوءِ سندن اولاد کي ڏيندو. 9انهي وقت مون اوهان کي چيو هو، تہ آءٌ اڪيلو اوهان جو بار کڻي نٿو سگهان: 10خداوند اوهان جي خدا اوهان کي وڌايو آهي، ۽ اڄ اوهين آسمان جي تارن وانگر بي شمار آهيو. 11شل خداوند، اوهان جي ابن ڏاڏن جو خدا، اوهان کي انهي کان بہ هزار ڀيرا وڌائي، ۽ برڪت ڏئي، جيئن ڪ هن واعدو ڪيو آهي! 12ڪهڙيءَ طرح آءٌ اڪيلو اوهان جو جنجال، اوهان جا بار، ۽ اوهان جا جهيڙا جهڳڙا سهي سگهندس؟ 13سو اوهين پنهنجن قبيلن منجهان ڪي ماڻهو چونڊي ڪڍو، جي ڏاها، سمجهو، ۽ مشهور هجن، تہ آءٌ انهن کي اوهان جي مٿان رئيس مقرر ڪريان. 14۽ اوهان مون کي ورندي ڏيئي چيو، تہ جيڪا ڳالهہ تو ڪئي آهي تنهن تي عمل ڪرڻ اسان جي لاءِ چڱو آهي. 15پوءِ مون اوهانجن قبيلن جا رئيس، جي ڏاها، ۽ مشهور ماڻهو هئا، تن کي اوهان جي مٿان حاڪم مقرر ڪيو. هزارن جا حاڪم، سوَن جا حاڪم، پنجاهن جا حاڪم ۽ ڏهن جا حاڪم. 16۽ انهي وقت مون اوهانجن قاضين کي تاڪيد ڪري چيو، تہ اوهين پنهنجن ڀائرن جا مقدما ٻڌو، ۽ ڀاءُ جو ڀاءُ سان معاملو هجي، توڙي ڪنهن پرديسيءَ سان هجي، پر اوهين راستبازيءَ سان انصاف ڪريو. 17اوهين عدالت جي ڪم ۾ ڪنهن جي بہ طرفداري نہ ڪجو؛ ننڍي توڙي وڏي ماڻهوءَ جي هڪجهڙي ٻڌجو؛ اوهين ماڻهوءَ جو منهن ڏسي ڊڄجو نہ؛ ڇالاءِ جو عدالت خدا جي آهي: ۽ جيڪو مقدمو اوهان کي ڏکيو لڳي سو مون وٽ آڻجو، تہ آءٌ اهو ٻڌان. 18۽ انهي وقت مون اوهان کي انهن سڀني ڳالهين بابت حڪم ڏنو جي اوهان کي ڪرڻيون هيون.
19پوءِ اسين خداوند پنهنجي خدا جي حڪم موجب حورب کان روانا ٿياسين، ۽ انهي وڏي ۽ خوفناڪ بيابان مان لنگهياسين، جو اوهان امورين جي ٽڪرائتي ملڪ ڏانهن ويندي واٽ تي ڏٺو؛ ۽ پوءِ قادس برنيع ۾ آياسين. 20۽ مون اوهان کي چيو، تہ اوهين امورين جي انهي ٽڪرائتي ملڪ ۾ آيا آهيو، جو خداوند اسان جي خدا اسان کي ڏنو آهي. 21ڏس، خداوند تنهنجي خدا اهو ملڪ تنهنجي اڳيان رکيو آهي: وڃي انهي کي قبضي ڪر، جيئن ڪ خداوند، تنهنجي ابن ڏاڏن جي خدا، توکي فرمايو آهي؛ ڊڄ نہ، نڪي دل لٿل ٿي. 22تڏهن اوهين سڀيئي مون وٽ اچي چوڻ لڳا، تہ اچو تہ پاڻ کان اڳ ۾ ڪي ماڻهو موڪليون، جي اسان جي لاءِ انهي ملڪ جو حال معلوم ڪن ۽ موٽي اچي اسان کي خبر ڏين تہ ڪهڙي رستي کان اسين اوڏانهن هلون، ۽ ڪهڙا ڪهڙا شهر اسان کي واٽ ۾ ايندا. 23اها ڳالهہ مون کي ڏاڍي وڻي: ۽ مون اوهان مان ٻارهن ڄڻا چونڊيا؛ هرهڪ قبيلي مان هڪڙو ماڻهو: 24پوءِ اهي روانا ٿيا ۽ جبل تي چڙهي، وڃي اسڪال جي ماٿريءَ ۾ پهتا، ۽ انهيءَ جي جاسوسي ڪيائون. 25۽ هنن انهي ملڪ جي ميون مان ڪجهہ کڻي اسان وٽ آندو، ۽ موٽي اچي اسان کي خبر ڏنائون، تہ جيڪو ملڪ خداوند اسان جو خدا اسان کي ڏئي ٿو، سو چڱو آهي. 26انهي هوندي بہ اوهين اوڏانهن نہ ويا، پر اوهان خداوند پنهنجي خدا جي حڪم جي برخلاف فساد ڪيو: 27۽ اوهين پنهنجن تنبن ۾ ويهي ڪُرڪڻ لڳا، تہ خداوند کي اسان سان نفرت هئي، تنهنڪري اسان کي مصر جي ملڪ مان ڪڍي آيو آهي، انهي لاءِ تہ اسان کي برباد ڪرائڻ جي لاءِ، امورين جي حوالي ڪري. 28هاڻي اسين ڪيڏانهن وڃون؟ اسان جي ڀائرن تہ اسان جي دل ڀڃي ڇڏي آهي، جو چون ٿا تہ اتي جا ماڻهو اسان کان ڊگها ۽ قداور آهن؛ اتي جا شهر وڏا آهن، ۽ انهن جون ڀتيون آسمان تائين ٿيون پهچن؛ تنهن کان سواءِ اسان اتي عناقيم جو اولاد بہ ڏٺو. 29تڏهن مون اوهان کي چيو، تہ ڊڄو نہ، نڪي انهن جو ڊپ ڪريو. 30خداوند اوهان جو خدا، جو اوهان جي اڳيان ٿو هلي، سو ئي اوهان جي پاران جنگ ڪندو، جهڙيءَ طرح هن مصر ۾ اوهان جي اکين اڳيان هيترا سارا ڪم ڪيا؛ 31۽ بيابان ۾ بہ اوهان ڏٺو تہ جيئن ڪو ماڻهو پنهنجي پٽ کي کڻي هلندو آهي، تيئن خداوند اوهان جو خدا، اوهان کي ساري رستي ۾ کڻي آيو، جيسين اوهين اچي هن هنڌ پهتا آهيو. 32تنهن هوندي بہ اوهان انهيءَ ڳالهہ ۾ خداوند پنهنجي خدا تي ايمان نہ آندو، 33جو اوهان جي اڳيان ٿي هليو، تہ اوهان کي تنبن کوڙڻ جي لاءِ جاءِ ڳولي ڏئي، ۽ رات جو باهہ سان، ۽ ڏينهن جو ڪڪر سان اوهان کي رستو ڏيکاري. 34۽ خداوند اوهان جون ڳالهيون ٻڌي ڏاڍو ڪاوڙيو، ۽ قسم کڻي چيائين، تہ 35جنهن چڱي ملڪ جي بابت مون قسم کڻي چيو هو تہ اوهان جي ابن ڏاڏن کي ڏيندس، تنهن کي هن خراب پيڙهيءَ جي، هنن خراب ماڻهن مان، هڪڙو بہ ڪين ڏسندو. 36سواءِ يفنہ جي پٽ ڪالب جي، جو اهو ڏسندو؛ ۽ انهي کي ۽ انهي جي اولاد کي آءٌ اها زمين ڏيندس؛ جا هن لتاڙي آهي: ڇالاءِ جو هن خداوند جي پوري تابعداري ڪئي آهي. 37۽ اوهان جي ئي ڪري خداوند مون تي بہ ڪاوڙيو، ۽ چيائين، تون بہ انهيءَ زمين ۾ داخل ڪين ٿيندين: 38پر نون جو پٽ يشوع، جو تنهنجي اڳيان بيٺو آهي، سو انهي ۾ داخل ٿيندو: انهي کي همتاءِ؛ ڇالاءِ جو هو اسرائيل کي انهي جو ورثو ڏياريندو. 39انهي کان سواءِ اوهان جا ٻار ٻچا، جن جي لاءِ اوهين چئو ٿا تہ اهي گرفتار ٿي ويندا، يعني اوهان جا ٻار جن کي اڄ چڱي ۽ مٺي جي ڪا خبر ڪانهي، سي انهي ۾ داخل ٿيندا، ۽ آءٌ هنن کي اهو ملڪ ڏيندس، ۽ هو انهي جا مالڪ ٿيندا. 40پر اوهين ڦرو، ۽ ڳاڙهي سمنڊ جو رستو وٺي، بيابان ڏانهن وڃو. 41تڏهن اوهان مون کي ورندي ڏيئي چيو، تہ اسان خداوند جي برخلاف گناهہ ڪيو آهي، اسين اڳتي وڃي، جيڪي خداوند اسان جي خدا اسان کي فرمايو آهي، تنهن موجب جنگ ڪنداسين، ۽ اوهان مان هرڪو ماڻهو جنگ جا هٿيار ٻڌي، جبل تي چڙهڻ لاءِ اڳرو ٿيو. 42پر خداوند مون کي چيو، تہ هنن کي چئُہ، تہ مٿي نہ چڙهو، نڪي جنگ ڪريو؛ ڇالاءِ جو آءٌ اوهان جي وچ ۾ نہ آهيان؛ متان اوهين پنهنجن دشمنن جي اڳيان مارجي وڃو. 43انهي موجب مون اوهان کي چيو، پر اوهان ڪين ٻڌو؛ ۽ اُٽلندو اوهان خداوند جي حڪم جي برخلاف فساد ڪيو، ۽ گستاخي ڪري جبل تي چڙهي ويا. 44۽ اموري، جي انهي جبل ۾ رهندا هئا، سي اوهان سان وڙهڻ لاءِ نڪري آيا، ۽ ائين اوهان جي پٺيان پيا جيئن ماکيءَ جون مکيون پونديون آهن، ۽ شعير ۾ اوهان کي ماري، حرمہ تائين ڀڄائي ڪڍيائون. 45پوءِ اوهين موٽي آيا ۽ خداوند جي حضور ۾ روئڻ لڳا؛ پر خداوند اوهان جو آواز نہ ٻڌو، نڪي اوهان ڏانهن ڪن ڏنائين. 46سو اوهين ڪيترائي ڏينهن قادس ۾ رهيا، يعني ڳچ مدت تائين.
Currently Selected:
شريعت جو دور 1: SB62
Highlight
Copy
Compare
Share
Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.