1
اِفسين 10:2
Common Language New Testament
SCLNT
ڇالاءِجو اسين خدا جي ڪاريگري آھيون. ھن اسان کي عيسيٰ مسيح سان گڏجي ھڪ ٿيڻ جي ڪري انھن چڱن ڪمن لاءِ پيدا ڪيو جيڪي ھن اڳي ئي اسان جي ڪرڻ لاءِ تيار ڪري ڇڏيا ھئا.
Compare
Explore اِفسين 2:10
2
اِفسين 8:2-9
ڇالاءِجو خدا جي فضل جي ڪري ئي اوھان کي ايمان جي وسيلي ڇوٽڪارو مليو آھي. اھو اوھان جي ڪوششن جي ڪري نہ آھي، بلڪ خدا جي بخشش آھي، سو اھو اوھان جي عملن جي ڪري نہ آھي جو متان ڪو فخر ڪري.
Explore اِفسين 2:8-9
3
اِفسين 4:2-5
پر خدا، جيڪو رحم سان ڀرپور آھي تنھن پنھنجي گھڻي پيار سببان جيڪو ھن اسان سان ڪيو، اسان کي مسيح سان گڏ جيئرو ڪيو، جڏھن تہ اسين اڃا ڏوھن جي ڪري مئل ھئاسين. خدا جي فضل جي ڪري ئي اوھين بچي ويا آھيو.
Explore اِفسين 2:4-5
4
اِفسين 6:2
خدا اسان کي عيسيٰ مسيح سان گڏ اٿاريو ۽ ھن سان گڏجي ھڪ ٿيڻ ڪري اسان کي آسماني جاين تي ساڻس گڏ ويھاريائين.
Explore اِفسين 2:6
5
اِفسين 19:2-20
تنھنڪري اوھين ھاڻي ڌاريا ۽ پرديسي نہ رھيا آھيو، بلڪ خدا جي قوم جا ھموطن ۽ خدا جي گھر جا ڀاتي آھيو. اوھين ڄڻ تہ ھڪ عمارت آھيو، جنھن جو بنياد رسولن ۽ نبين تي اڏيل آھي ۽ انھيءَ بنياد جو سڀ کان اھم پٿر پاڻ عيسيٰ مسيح آھي.
Explore اِفسين 2:19-20
Home
Bible
Plans
Videos