تنهنڪري اسين همت نہ ٿا هاريون. جيتوڻيڪ جسماني طور اسين فنا ٿيندا ٿا وڃون، تڏهن بہ روحاني طور ڏينهون ڏينهن نوان ٿيندا پيا وڃون، ڇاڪاڻ تہ جيڪا مصيبت اسين سهون ٿا سا خسيس ۽ ٿوري دير جي لاءِ آهي. اها اسان لاءِ هڪ اهڙو زبردست ۽ دائمي جلوو پيدا ڪندي ٿي وڃي جنهن جي ڀيٽ ۾ هيءَ مصيبت ڪجھہ بہ ناهي.