۽ خداوند هن جي اڳيان هيئن چوندو لنگهيو تہ ”خداوند، رحمان ۽ رحيم خدا، ڪاوڙ ڪرڻ ۾ ڍرو، رحم ۽ سچ سان ڀرپور، هزارن تي رحم ڪندڙ، بڇڙائي، خطا ۽ گناهہ جو بخشيندڙ آهي، پر هو ڏوهارين کي ڪنهن بہ طرح ڪين ڇڏيندو؛ ابن ڏاڏن جي بڇڙائين جي سزا سندن اولاد کي، ۽ اولاد جي اولاد کي، ٽينءَ ۽ چوٿينءَ پيڙهيءَ تائين ڏيندو.“