تڏهن خداوند موسيٰ کي چيو تہ هيٺ لهي وڃ، ڇالاءِ جو تنهنجا ماڻهو، جن کي تون مصر جي ملڪ مان ڪڍي آيو آهين، تن پاڻ کي خراب ڪيو آهي؛ جنهن رستي جو مون کين حڪم ڏنو هو، تنهن کان هو جلد ڦري ويا آهن؛ هنن پنهنجي لاءِ هڪڙو پلٽيل گابو جوڙيو آهي، ۽ انهي جي عبادت ڪئي اٿن، ۽ انهي جي لاءِ قربانيون چاڙهيون اٿن، ۽ چيو اٿن تہ اي اسرائيليو، هي اوهان جو معبود آهي، جنهن اوهان کي مصر جي ملڪ مان ڪڍي آندو آهي.