ڏس، مون يهوداہ جي قبيلي واري بضلي ايل بن اوري بن حور کي نالو وٺي سڏيو آهي: ۽ مون هن کي دانائيءَ، سمجهہ، علم ۽ هر ڪنهن قسم جي ڪاريگريءَ ۾ خدا جي روح سان ڀرپور ڪيو آهي، انهي لاءِ تہ هوشياريءَ ۽ ڪاريگريءَ جا ڪم رٿي، ۽ سون، چانديءَ ۽ پتل جو ڪم ڪري، ۽ جواهرن کي جڙڻ لاءِ گهڙي تيار ڪري، ۽ ڪاٺ جي اُڪرڻ ۾ هر ڪنهن قسم جي ڪاريگريءَ جو ڪم ڪري.