۽ ائين نہ ٿئي، تہ جڏهن تون کائي ڍءُ ڪرين، ۽ عمديون جايون جوڙي انهن ۾ رهين؛ ۽ جڏهن تنهنجا ڍور ۽ تنهنجا ڌڻ وڌن، ۽ تو وٽ چاندي ۽ سون گهڻو ٿئي، ۽ تنهنجي مال ملڪيت ۾ واڌارو ٿئي؛ تڏهن تنهنجي دل مغرور ٿي پوي، ۽ تون خداوند پنهنجي خدا کي وساري ڇڏين، جو توکي مصر جي ملڪ مان، يعني غلاميءَ جي گهر مان ٻاهر ڪڍي آيو؛