۽ هيئن ٿيندو تہ جڏهن خداوند تنهنجو خدا توکي انهي ملڪ ۾ پهچائيندو، جنهن بابت هن تنهنجي ابن ڏاڏن سان، يعني ابرهام سان، اسحاق سان، ۽ يعقوب سان قسم کنيو هو، تہ توکي ڏيندو؛ ۽ جڏهن هو توکي وڏا ۽ سهڻا شهر ڏيندو، جي تو نہ جوڙيا، ۽ سڀني چڱين شين سان ڀريل گهر، جي تون نہ ڀريا، ۽ کوٽيل حوضيون جي تو نہ کوٽيون، ڊاک جا منهہ ۽ زيتون جا وڻ، جي تو نہ پوکيا، سي توکي ڏيندو، ۽ تون کائي ڍءُ ڪرين؛ تڏهن خبردار ٿج، متان خداوند کي وساري ڇڏين، جنهن توکي مصر جي ملڪ مان، يعني غلاميءَ جي گهر مان ڪڍي ٻاهر آندو.